خوراڪ جي ڪمي سبب ٿيندڙ بيماريون، امر قاسم جسڪاڻي

غذائي کوٽ جي ڪري ٻارن ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين ۽ ان جي سببن کي ڄاڻڻ کان پھرين غذا / خوراڪ بابت ڄاڻڻ ضروري آھي.  کاڌو جيڪو اسان روزانو کائون ٿا ان مان اسان کي توانائي ملندي آھي جيڪا توانائي صحت کي برقرار رکڻ ۽ واڌ ويجھ لاء نھايت اھم ھوندي آھي. کاڌو لحميات, نشاستو, سڻڀ, وٽامن, معدني نمڪيات, عنصرن ۽ پاڻي سان ڀرپور ھوندو آھي. ھر فرد لاء روزانو متوازن غذا کائڻ لازمي ھوندو آھي. متوازن غذا مان مراد آھي تـ کاڌو جيڪو گھربل توانائي مھيا ڪري, صحت ۽ واڌ ويجھ جي عمل کي برقرار رکي. خوراڪ ۾ روزانو ميوا, سبزيون, چانور, آنا, مڇيون, گوشت, کير, مکڻ ۽ سڻڀ گھربل مقدار ۾ کائڻ گھرجن, مطلب تـ لحميات, نشاستو, سڻڀ ۽ وٽامنس صحتمند زندگي گذارڻ لاء نھايت ضروري آھن. دنيا ۾ ھر سال پنجن سالن کان ننڍا تقريبن 10.6 ملين ٻار موت جو شڪار بڻجن ٿا جنھن جا انيڪ سبب ٿين ٿا جن ۾ دست, ارڙي, مليريا, نمونيا ۽ خوراڪ جي ڪمي آھن. ٻين بيمارين جي بنسبت خوراڪ جي ڪمي جي ڪري موت جي شرح وڌيڪ آھي. خوراڪ جي ڪمي جي ڪري پنجن سالن کان ننڍن ٻارن ۾ جسماني واڌ ويجھ دائمي طور رڪجي ويندي آھي جنھن ڪري اھي ٻار قد ۾ ننڍا ۽ ڏٻرا ھوندا آھن ۽ انھن جي ذھني اوسر پڻ اثر انداز ٿيندي آھي.  عام طور تي شديد خوارڪ جي ڪمي/ ڪنگي جا ٻار ھڏڙين جي مٺ وڃي بچندا آھن ۽ انھن جي چمڙي ھڏڙن سان وڃي لڳندي آھي جسم جو ماس ڳري ويندو آھي يا وري منھن / ٻوٿ, پيٽ, ھٿ ۽ پير سڄي ويندا آھن, اھڙي قسم جي ٻنھي حالتن کي سنڌي ۾ ڪنگي چئبو آھي. خوراڪ جي ڪمي دراصل لحميات (Protein) جي ڪمي ھوندي آھي. خوراڪ جي ڪمي, ڪنگي جي مرض جا سبب، ڪنگي جو مرض عام طور تي ٻن سببن جي ڪري ٿيندو آھي پرائمري خوراڪ جي ڪمي يا مل نيوٽريشن ۽ سيڪنڊري مل نيوٽريشن. *(1) پرائمري خوراڪ جي ڪمي/ مل نيوٽريشن* جا مختلف سبب ٿين ٿا جن مان ڪجھ ھيٺ ڏجن ٿا.(ا) ماء ۾ ٿڃ جي ڪمي.ڪڏھن ڪڏھن ڪجھ مائرن ۾ ڪجھ بيمارين سبب کير/ٿڃ جي ڪمي ٿيندي آھي ان سبب ڪري ٻارن کي مڪمل غذا نـ ملي سگھندي آھي ۽ ٻار خوراڪ جي ڪمي جو شڪار  ٿيندا آھن.(ب) 4 کان 6 مھينن کانپوء اضافي خوراڪ نـ ڏيڻ. ٻار جئين جيئن وڏو ٿئي ٿو تيئن تيئن ھن جي غذا جي ضرورت پڻ وڌي ٿي. تنھن لاء 4 کان 6 مھينن جي عمر کان وٺي ماء جي ٿڃ سان گڏ ھلڪي پٽڙي غذا ڏئي بھتر نشونما ڪرڻ لازمي ھوندي آھي. ڪجھ مائرون ٿڃ کان علاوھ اضافي غذا تي ڌيان نـ ڏينديون آھن جنھن ڪري ٻارن ۾ غذائي کوٽ جا مرض ٿيندا آھي. (ٻ) غربت ، دنيا ۾ آبادي وڌڻ ڪري غربت جي شرح ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ اچي رھي آھي. غربت سبب والدين پنھنجي ٻارن کي سٺي خوراڪ کارائي نـ سگھندا آھن. غريب ماڻھوء وٽ صاف سٿرو گھر, صاف پاڻي ۽ سٺو کاڌو نـ ھوندو آھي ان سبب ڪري ٻار غذائي کوٽ جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن. (ڀ) رھڻي ڪھڻي ۽ ريتون رسمون. ٻار جي واڌ ويجھ تي رھڻي ڪھڻي, ثقافت ۽ تھذيب جو وڏو اثر پوندو آھي, ڪجھ مائرون ٻار کي ماني يا چاور کارائڻ بجاء ٽافيون, چاڪليٽ, کٽمٺڙا, چانھ وغيرا کارائينديون آھن اھڙي طرح ڪجھ ماڻھو سمجھندا آھن تـ آنو (egg)  گرم ھوندو آھي ان  کي نـ کارائڻ گھرجي يا وري ڪيلو, نارنگي ۽ چاور ٿڌا  ھوندا آھن تنھن ڪري اھي بـ نـ کارائڻ گھرجن اھڙي طرح غذا جو مڪمل نـ ملڻ ٻار ۾ بيماريون پيدا ڪندو آھي توڙي جو اھڙين فضول ڳالھين جو حقيقت سان ڪو واسطو ناھي پر اھي ڳالھيون رسم بڻجي چڪيون آھن.

Photo sciencedirect.com

ڪجھ ڪميونٽيز ۾ مرد کي وڌيڪ اھم سمجھو ويندو آھي ۽ عورت کي ڪمتر تنھنڪري ڇوڪرن (مردن) کي سٺو کاڌو ۽ عورتن کي بچل سچل کاڌو ڏنو ويندو آھي تنھنڪري خوارڪ جي ڪمي جو مرض ڇوڪرين ۾ وڌيڪ ڏٺو ويندو آھي. (ت) ٽڪا (ويڪسين) نـ لڳرائڻ. دست ۽ ڇاتي جي انفيڪشن جو وري وري ٿيڻ پڻ غذائي ڪمي جي بيماري جو سبب بڻجي ٿو. ڪجھ ماڻھو وڇڙندڙ بيمارين خلاف ويڪسين نـ لڳرايندا آھن جنھن ڪري پڻ غذائي کوٽ ۽ مرض پيدا ٿين ٿا. (ٿ) خانداني منصوبابندي نـ ڪرڻ. اڪثر ڪري غذائي کوٽ انھن خاندانن ۾ وڌيڪ ٿيندي آھي جتي ھڪ تـ اڻپورائي ھوندي آھي ٻيو تـ مٿان وري خانداني منصوبابندي پڻ نـ ڪئي ويندي آھي. گھڻا ٻار ھئڻ ڪري والدين ٻارن جي سٺي نشونما نـ  ڪري سگھندا آھن. جلدي جلدي ٻار ٿيڻ ڪري مائرون پڻ بيمارين جو شڪار ٿين ٿيون ۽ ٻار پڻ بيمار, نٻيل ۽ ڪمزور ڄمن ٿا.*(2) سيڪنڊيري غذائي کوٽ/ مل نيوٽريشن.* ٻئين درجي جي غذائي ڪمي جا پڻ ڪجھ سبب ٿئين ٿا. مثال طور.  (ا) انفيڪشن. پراڻا, نوان يا وري وري ٿيندڙ انفيڪشن جسم جي مختلف عضون ۽ حصن ۾ پيچيدگيون پيدا ڪندا رھن ٿا, جھڙوڪ:- ساھ جي تڪليف ۽ ھاضمي جي سرشتي جي مرضن ڪري غذائي ڪمي پيدا ٿئي ٿي. ڪجھ مفت خور جراثيم جھڙوڪ مليريا ۽ پيٽ جا ڪيڙا  وغيرھ.. (ب) ڄائي ڄم جون پيچيدگيون congenital disorders. جھڙوڪ: دل ۾ سوراخ, دل جي والن جي خرابي, پيشاب جي رڪاوٽ, ننڍڙو مٿو (Microcephaly), ۽ سيريبرل پالسي وغيرھ. (ٻ) ھاضمي جي سرشتي جون پيچيدگيون. اھو پڻ اڪثر ڏٺو ويو آھي تـ ڪيترن ئي ٻارن جو ھاضمي جو سرشتو سھي نـ ھوندو آھي جنھن ڪري غذائي جزا آنڊن ۾ جذب نـ ٿيندا آھن. اھڙي ٻارن جي پيٽ ۾ ڪيڙا ھوندا آھن, کير کي ھضم ڪرڻ وارا اينزائم نـ ھوندا آھن, آنڊن جي ٽي بي يا وري سسٽڪ فائبروسس مرض ھوندو آھي. (ڀ) ميٽابولڪ پيچيدگيون. جڏھن کاڌي مان ملندڙ غذائي جزن جي ڀڃ ڊاھ سھي نـ ٿئي تـ جسم جي جيوگھرڙن کي نشونما سھي نـ پھچندي ۽ پوء غذائي کوٽ جو مرض نمودار ٿيندو. (ت) سماجي نفسياتي مسئلا پڻ غذائي کوٽ جو سبب بڻجن ٿا. *غذائي ڪمي جي تشخيص جا طريقا* غذائي ڪمي جو مرض مختلف طريقن سان ماپي سگھجي ٿو جن ۾ پنج طريقا عام آھن. 1) گوميز درجابندي: ھن درجابندي ۾ وزن واري چارٽ جي مدد سان عمر جي لحاظ سان وزن جو ڪاٿو لڳايو ويندو آھي. ھن طريقي کي عمر ۽ وزن وارو طريقو ڪوٺيو ويندو آھي. 2) ھاورڊ يا بوسٽن درجابندي: ھي طريقو پڻ عالمي طور مڃل طريقو آھي ھن طريقي ۾ وزن جي گھٽجڻ جي بنيادن تي غذائي کوٽ کي ماپيو ويندو آھي ۽ غذائي ڪمي کي گريڊ 1.2.3. ۾ درجابندي ڪئي ويندي آھي. 3) واٽرلو درجابندي: ھن قسم جي درجابندي ۾ ٻارن جو قد ماپيو ويندو آھي ۽ وزن پڻ ڏٺو ويندو آھي. 4) ويلڪم درجابندي: ھن قسم جي درجابندي ۾ سوڄ ۽ وزن ڏٺو ويندو آھي.5) جنرل درجابندي: ھن درجابندي ۾ ٻار جي ٻانھن جي مٿين حصي (ڏوري) وٽان شنڪر (ماڪ) ٽيپ ذريعي ماپ ورتي ويندي آھي جيڪڏھن اھا 11.5 س ۾ کان گھٽ ھجي تي ان کي شديد غذائي کوٽ چئبو آھي ۽ جيڪڏھن اھا 12.5 س م کان گھٽ ھجي تـ ان کي وچولي غذائي کوٽ چيو ويندو آھي پر جي اھا 12.5 س م کان وڌيڪ ھجي تـ اھڙي ٻارن کي صحتمند سمجھو ۽ چيو ويندو آھي. ڪجھ ٻارن جي ٻانھن جي ماپ تـ سھي ھوندي آھي پر انھن جي جسم تي سوڄ ھوندي آھي تـ اھڙي ٻارن کي پڻ غذائي کوٽ جو شڪار سمجھو ويندو آھي. *غذائي ابتريون/ بيماريون* لحميات-توانائي-غذائي کوٽ (PEM). لحميات (Protein) جي ڪمي گھڻو ڪري بک ۽ اڻپوري غذا جي ڪري ٿئي ٿي. غذائي ڪمي جو مرض ترقي يافتا ملڪن ۾ قسمتي ڪو ٿئي ٿو اھو بـ نڪي خوراڪ جي عدم موجودگي جي ڪري پر انفيڪشن, ايڪسيڊنٽ يا آپريشن وغيرھ جي ڪري ٿئي ٿو. برطانيا ۽ ڪجھ ٻين ترقي يافتـ ملڪن ۾ غذائي کوٽ جا مرض کاڌي نـ ھئڻ ڪري نـ پر ڪجھ ٻين سببن ڪري بک نـ لڳڻ سبب ٿيندا آھن, جيڪڏھن خوراڪ گھربل مقدار ۾ نـ ملي تـ وٽامنس ۽ ٻين غذائي جزن جي ڪمي ٿي ويندي آھي. غذائي ڪمي جي ڪري جسم ۾ قوت مدافيت جي پڻ ڪمي ٿي ويندي آھي ۽ پوء ٻار ۾ وري وري مرضن جو حملو ٿيندو رھندو آھي جنھن ڪري ٻار ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو ويندو آھي. غذائي ڪمي جا مرض, غريب, ڪرپٽ, بدنظم, آمريت ۽ سامراج ملڪن ۾ گھڻو آھن. غذائي ڪمي ڪري ٻـ بيماريون عام ٿينديون آھن.  *ڪواشيورڪور kwashiorkor*ھن غذائي کوٽ جي بيماري ۾ ٻار جي منھن, پيٽ, ھٿن ۽ پيرن تي سوڄ ٿي ويندي آھي, جيرو Liver پڻ پيچيدگين ۾ مبتلا ٿي ويندو آھي. لحميات جو ھڪ قسم البيومن Albumin جي ڪمي ٿي ويندي آھي. جسم ۾ البيومن جو ڪم آھي تـ ھو جسم جي پاڻياٽ/ پاڻي جي آمدرفت کي متوازن رکي پر ان جي ڪمي ڪري جسم جو پاڻي جسم جي خالن ۽ ڪجھ حصن ۾ جمع ٿي ويندو آھي جنھن ڪري سوڄ ٿي ويندي آھي. ڪنگي/مراسمس Marasmus* ھن غذائي ڪمي جي بيماري ۾ ٻار جي جسم جو ماس گھٽجي ويندو آھي چمڙي وڃي ھڏڙن سان لڳندي آھي, ٻار جي واڌ ويجھ گھٽجي ويندي آھي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون لڳڻ شروع ٿي وينديون آھن, ڇاتي ۽ ھاضمي جا مرض اڪثر ٿيندا رھندا آھن. *احتياطي اپاء* مٿي ڏنل سببن تي ضابطو آڻڻ سان غذائي کوٽ جي مرضن کي گھٽائي سگھجي ٿو. سنڌ جي تقريبن 70% سيڪڙو آبادي غذائي ڪمي جو شڪار آھي گھڻو ڪري ٻھراڙين جا علائقا ڪنگي جي مرض ۾ مبتلا آھن. خانداني منصوبابندي ۽ غذائي شعور سان ھن مرض تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو. وسيلن آھر ٻار پيدا ڪجن تـ جيئن انھن جي نشونما سان گڏ انھن کي تربيت ۽ تعليم بـ ڏياري سگھجي. تنھن ڪري خانداني منصوبابندي ھڪ لازمي جز آھي. ننڍو خاندان ئي خوشحال خاندان ٿي سگھي ٿو. پنھنجي گلن جھڙي ٻارڙن جي نشونما تي ڌيان ڏيو, ٻارن جو جسماني ۽ ذھني صحتمند ھجڻ انھن جي زندگي لاء نھايت اھم ھوندو آھي. سٺي خوارڪ, صحت ۽ تعليم اوھان جي نسلن جي بقا لاءِ لازمي آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو