خليل چانڊيو جي 57 سالگره ملهائي وئي

گهارو (رپورٽ بشام جوکيو) ناليواري دانشور اديب خليل چانڊيو جي 57 سالگرہ نيشنل پريس ڪلب گهارو ۾ ملهائي وئي ان موقعي تي سچوا جو سينئر وائس چيئرمين مولوي محمد قاسم چانڊيو سچوا ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري صفدر علي چانڊيو سچوا ضلعو ٺٽو جو صدر سڪندر چانڊيو ملير جو سينئر صحافي جمشيد زهراڻي ڌاٻيجي پريس ڪلب جو مختيار لاشاري نيشنل پريس ڪلب گهارو جو صدر خالد عزيز جتوئي، عبدالطيف جوکيو، وحيد شاد جوکيو، جي ايم جوکيو ۽ ٻيا شامل هئا ان موقعي تي مولوي محمد قاسم چانڊيو چيو ته خليل چانڊيو سنڌ جو هڪ وڏو دانشور اديب آهي ۽ خليل اسان جو قومي اثاثو آهي جنهن هر وقت پنهنجي ماروئڙن جي حقن لاءِ لکيو آهي ۽ سائين کي ادب تي وڏي فوقيت حاصل آهي انهن وڌيڪ چيو ته خليل چانڊيو صاحب زندگي جو وڏو حصو علم ۽ ادب سان سلھاڙيل رهيو آهي جنهن ڪري سندس نالو نالي واري اديب دانشور ۽ علم دوستن ۾ شمار ٿئي ٿو ان موقعي تي سينئر صحافي جمشيد زهراڻي چيو ته خليل چانڊيو جي قداور شخصيت ۽ ان جي ڪيل علمي ادبي پورهئي تي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ساٿ نٿا ڏين ڇو ته خليل چانڊيو صاحب سنڌ واسين لاءِ ڪنهن علمي درسگاه کان گهٽ ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو