پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ موت جي سزا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي خصوصي عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر (ر) جنرل پرويز مشرف کي سزا موت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. خصوصي عدالت ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم تي مشتمل 3 رڪني بينچ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جيتوڻيڪ خصوصي عدالت پاران اهو اعلان ڪيو ويو هو ته ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائينداسين پر حڪومتي پراسڪيوٽر ايڊووڪيٽ علي ضياءَ باجوه عدالت کي ٻڌايو ته هن اڄ 3 درخواستون داخل ڪرايون آهن. حڪومت طرفان سنگين غداري ڪيس ۾ وڌيڪ ماڻهن کي جوابدار بڻائڻ جي درخواست ڏني وئي ۽ چيو ويو ته حڪومت شوڪت عزيز، عبدالحميد ڊوگر۽ زاهد حامد کي به جوابدار ڄاڻايو وڃي. درخواست گذار طرفان چيو ويو ته پرويز مشرف جي سهولتڪارن ۽ ساٿين کي به جوابدار ڄاڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته سڀني ملزمن جو ٽرائل گڏ ٿيڻ ضروري آهي. ان تي چيف جسٽس شاهد ڪريم ريمارڪس ڏنا ته ساڍن ٽن سالن بعد اهڙي درخواست ڏيڻ جو مطلب ڇا آهي حڪومت جي نيت صحيح نه پئي لڳي اڄ ڪيس حتمي دليلن لاءِ مقررڪيوهيو ته نيون درخواستون اچي ويون. جسٽس نذر اڪبر چيو ته تحقيقات ۽ شاهدن جو مرحلو گذري چڪو آهي جنهن کي توهان ملزم ڄاڻائڻ چاهيو ته انهن خلاف ثبوت ڪهڙا آهن؟ ڇا شريڪ ملزمن خلاف نئين تحقيقت ٿيڻ گهرجي؟ جنهن تي پراسڪيوٽر جواب ڏنو ته شڪايتون داخل ٿيڻ کان پوءِ ئي تحقيقات ٿي سگهي ٿي.

مشرف ڪيس جي ٽائم لائن، ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڇا ٿيو؟

مشرف کي موت جي سزا، سياستدانن، وڪيلن ۽ صحافين جو رد عمل

سيپٽمبر 2014 جي درخواست مطابق شوڪت عزيز مشرف کي ايمرجنسي لڳائڻ جو چيو هو. ان تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته توهان مشرف جي درخواست جو حوالو ڏئي رهيا آهيو جنهن جو فيصلو ٿي به چڪو آهي. ان سان گڏ جسٽس شاهد ڪريم اهي ريمارڪس ڏنا ته مشرف جي شريڪ ملزمن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏئي چڪي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس نذر اڪبر جو چوڻ هو ته ترميم ٿيل چارج شيٽ ڏيڻ لاءِ 2 هفتن جي مهلت ڏني وئي هئي ان تي درخواست گذار چيو ته قانون مطابق فرد جرم ۾ ترميم فيصلي کان پهرين ڪنهن به وقت ڪري سگهجي ٿي. ان تي چيف جسٽس شاهد ڪريم چيو ته جيڪڏهن توهان کي وڌيڪ ڪنهن ٻئي کي جوابدار بڻائڻو آهي ته نئون ڪيس داخل ڪيو، ڇا حڪومت مشرف جو ٽرائل ۾ تاخير ڪرڻ چاهي ٿي؟ جيڪڏهن 3 ماڻهن کي جوابدار ڄاڻائينداسين ته حڪومت اڳوڻي ڪابينه ۽ ڪور ڪمانڊرن کي به ملزم بڻائڻ لاءِ درخواست کڻي ايندي ان ڪري عدالت جي اجازت بغير فرد جرم ۾ ترميم نه ٿي ڪري سگهجي. جسٽس نذر علي اڪبر ريمارڪس ڏنا ته چارج شيٽ ۾ ترميم لاءِ ڪا به باضابطه طور درخواست ناهي ملي عدالت جي اجازت بغير ڪا به نئين درخواست نه ايندي. ان سان گڏ شاهد ڪريم چيو ته جيڪا درخواست باضابطه طور داخل ئي ناهي ٿي ان تي دليل نه ٻڌنداسين. ان کان علاوهه جسٽس نذر چيو ته درخواست گذار اهو به نٿو ڄاڻي ته عدالت ۾ درخواست ڪيئن داخل ڪئي ويندي آهي، جنهن تي پراسڪيوٽر چيو ته عدالت کان معافي وٺان ٿو ان تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته توهان جو مقصد صرف اڄوڪو ڏينهن گذارڻو هيو. ٻڌڻي دوران عدالت جي جج جسٽس شاهد ڪريم پڇيو ته سيڪريٽري داخلا ڪابينه جي منظوري بغير چارج شيٽ ۾ ڪيئن ٿو ترميم ڪري سگهي؟ وفاقي حڪومت ۽ ڪابينه جي منظوري ڪاٿي آهي؟ سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق وفاقي حڪومت جو مطلب ڪابينه آهي، حڪومت ڪارروائي ۾ دير نه ٿي چاهي ته پوءِ ٻين جوابدارن خلاف نئين درخواست ڏئي سگهي ٿي. ان موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل منير ڀٽي جو چوڻ هو ته اڳوڻو پراسڪيوٽر عدالت کي حقيقتون نه ٻڌايون جنهن تي جسٽس نذر پڇيو ته اڳوڻي پراسڪيوٽرز خلاف حڪومت ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ ان سان گڏ جسٽس شاهد ڪريم ريمارڪس ڏنا ته حڪومت کي 15 ڏينهن جو وقت ڏنو ته هو درخواستون داخل ڪرائي، وفاقي حڪومت متعلق سپريم ڪورٽ مصطفيٰ ايمپيڪس ڪيس ۾ هدايتون جاري ڪري چڪي آهي. سپريم ڪورٽ جو حڪم اچڻ کان پوءِ سيڪريٽري داخلا نه پر وفاقي ڪابينه فيصلو ڪري سگهي ٿي. عدالت ۾ درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته هڪ درخواست چارج شيٽ ۾ ترميم ڪئي آهي. جوابدار 3 نومبر 2007 تي آئين معطل ڪيو، جنهن تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته توهان جيڪو پڙهي رهيا آهيو اها دفاع جي درخواست آهي ان درخواست تي فيصلو اچي چڪو آهي. ان دوران جسٽس شاهد پڇيو ته توهان هن چارج شيٽ ۾ ڇا لاءِ ترميم ڪرائڻ چاهيو ٿا، توهان انهن ماڻهن جن تي مددگار جو الزام آهي ان خلاف نيون شڪايتون داخل ڇو نه ٿا ڪرايو. جنهن تي جواب ڏيندي وڪيل چيو ته نيون شڪايتون داخل ڪرائڻ سان ٽرائل ۾ دير ٿي سگهي ٿي جڏهن ته چارج شيٽ ۾ ترميم سان ٽرائل دير جو شڪار نه ٿيندي، جيڪڏهن پهرين مرڪزي جوابدار جو ٽرائل مڪمل ٿي وڃي ته پوءِ جيڪي مددگار هيا انهن جو ڇا ٿيندو. ان تي جسٽس شاهد ڪريم چيو ته جرم ۾ سهولتڪارن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي ان معاملي ۾ سڀني شين کي سامهون رکڻو پوندو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس نذر اڪبر ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي خبر آهي ته شاهديون ٿي چڪيون آهن ان سهولتڪارن خلاف ڪهڙو ثبوت آهي، جنهن تي جواب ڏنو ويو ته سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته ڪنهن به وقت شڪايت ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. ان تي جسٽس شاهد ڪريم چيو ته عدالت صرف سپريم ڪورٽ جي فيصلن پابند آهي، جن کي توهان شامل ڪرائڻ چاهيو ٿا انهن خلاف ڪهڙي تحقيقات ٿي آهي. ان موقعي تي جسٽس وقار احمد سيٺ وڪيل کي چيو ته توهان پنهنجا حتمي دليل شروع ڪيو جنهن تي پراسڪيوٽر ٻڌايو ته پرويز مشرف خلاف تحقيقاتي ٽيم جي 2 ميمبرن جا بيان رڪارڊ ناهن ٿيا عدالت ۾ هڪ درخواست تحقيقاتي ٽيم جي ميمبر کي طلب ڪرڻ جي به آهي. پراسڪيوٽر علي ضياءَ باجوه جو چوڻ هو ته اهڙي ٽرائل تي دليل ڪهڙا ڏيان جيڪو اڳتي هلي ختم ٿي وڃن، عدالت حڪومت کي درخواستون داخل ڪرائڻ جو وقت ڏئي. ان سان گڏ هن چيو ته ملزم جو دفعه 342 جو بيان به ريڪارڊ ناهي ٿيو. ان موقعي تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته توهان اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو جيڪي ملزم جا دليل هجڻ گهرجن. ان دوران جسٽس وقار احمد سيٺ چيو ته توهان مرڪزي ڪيس تي دليل ڏيڻ چاهيون ٿا يا نه، جيڪڏهن توهان حتمي دليل نه ٿا ڏيو ته پوءِ روسٽم تان هٽي وڃو، جنهن تي علي ضياءَ باجوه چيو ته مان دليل نه ٿو ڏيڻ چاهيان تياري ناهي ڪئي. ان تي جسٽس نذر اڪبر ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان ويهي رهيو وڪيل صفائي کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو. ان تي علي ضياءَ باجوه چيو ته منهنجون ٻيون به درخواستون آهن اهي ٻڌيون وڃن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي متعلق به درخواست آهي. جنهن تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جا پابند ناهيون اسان جي سامهون صرف سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ان تحت ڪارروائي هلائي ويندي آهي. ان موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر ۽ رضا بشير پيش ٿيا، جنهن تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته سلمان صفدر صرف رضا بشير جي معاونت ڪري سگهي ٿو. ان دوران سلمان صفدر روسٽرم تي آيو ته جسٽس شاهد ڪريم چيو ته توهان ويهي رهو توهان جي ضرورت ناهي. جنهن تي وڪيل چيو ته توهان نه جزا کي ٻڌي رهيا آهيو، نه وري دفاع کي ته پوءِ ڪيس ڪيئن هلندو. وڪيل جي ڳالهه تي جسٽس وقار احمد سيٺ چيو ته عدالت مفرور شخص جي وڪيل کي عدالت ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي توهان ويهي رهو ضد نه ڪيو. ان کان پوءِ رضا بشير عدالت کي ٻڌايو ته 342 جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي حوالي سان دروخواست داخل ڪئي آهي، پرويز مشرف کي منصفاڻو ٽرائل ملڻ جو حق ڏنو وڃي. ان تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته سپريم ڪورٽ 342 جي بيان جو حق ختم ڪري چڪي آهي، پرويز مشرف 6 ڀيرا 342 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو موقعو وڃائي چڪو آهي. ان تي رضا بشير چيو ته پرويز مشرف کي دفاع جو حق ملڻ گهرجي جنهن تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته استغاثه ۽ توهان ٻئي مشرف جو دفاع ڪري رهيا آهيون. ان سان گڏ جسٽس وقار احمد سيٺ چيو ته عدالت چيو هو ته مشرف کي جڏهن چاهيو ته پيش ڪيو، جنهن تي رضا بشير چيو ته پرويز مشرف جي صحت ان قابل ناهي جو هو پيش ٿي سگهي، پر دفعه 342 جي بيان بعير مشرف جو دفاع ڪيئن ڪيان.؟ان تي جسٽس وقار چيو ته توهان دفاع نه ٿا ڪري سگهو ان جو مطلب ته توهان جا دليل مڪمل ٿي چڪا آهن، جنهن تي رضا بشير چيو ته عدالت 15 کان 20 ڏينهن جو وقت ڏئي ته پرويز مشرف بيان ريڪارڊ ڪرائيندو. جنهن کان پوءِ جسٽس وقار ريمارڪس ڏنا ته 342 جي بيان لاءِ ڪميشن ٺاهڻ واري درخواست جو جائزو وٺنداسين پوءِ جج عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪري چيمبر ۾ هليا ويا. جنهن بعد عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جنرل (ر) پرويز مشرف کي سزاءِ موت ڏيڻ جو حڪم ٻڌايو. ٽن ججن مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نذر اڪبر مشرف کي موت جي سزا ڏيڻ سان اختلاف ڪيو اهڙي طرح ٽن ججن جي بينچ مان ٻن ججن اتفاق راءِ سان فيصلو ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو