سنگين غداري ڪيس؛ مشرف، سياستدانن، وڪيلن ۽ صحافين جو رد عمل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ اسلام آباد جي خصوصي عدالت طرفان سزاءِ موت جي فيصلي تي مختلف سياسي  جماعتن جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين رد عمل ڏيندي ان فيصلي کي تاريخ ساز قرار ڏيندي چيو آهي ته فيصلي سان آمريت جو رستو بند ٿيندو. ان حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.  پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته ان سان مستقبل ۾ آئين ٽوڙڻ جي روايت ختم ٿيندي. جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته آرٽيڪل 6 تحت تاريخ ساز فيصلو آهي، فيصلي سان آئين جي بالادستي قائم ٿيندي آمريت جو رستو بند ٿيندو. هن پرويز مشرف کي فوري طور پاڪستان آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته هاڻي ڪو به آئين ۾ ڏنل حد پار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن فوجي آمر کي پهريون ڀيرو عدالت سزا ٻڌائي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ پرويز مشرف صدر هيو اسان ان کي ڪڍيو جنهن کان پوءِ هو ٻاهر هليو ويو پر اسان جي مخلوط حڪومت هئي ان لاءِ اسان اهڙو فيصلو نه ڪري سگهياسين. ٻئي طرف خصوصي عدالت جي فيصلي تي وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي فواد چوڌري پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو آهي ته هن وقت وقت جي تقاضا ملڪ کي جوڙڻ جي ضرورت آهي اهڙا فيصلا جنهن سان فاصلا وڌن قوم ۽ ادارا تقسيم ٿين ته ان جو ڪهڙو فائدو. فواد چوڌري چيو ته مسلسل چئي رهيو آهيان ته ڳالهين جي ضرورت آهي نئين ڊيل طرف وڃي هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي ملڪ تي رحم ڪيو وڃي. اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر چيو ته مشرف خلاف ايندڙ عدالتي فيصلو غلط آهي ان سان قانوني پيچيدگيون وڌنديون. نامور صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير عدالتي فيصلي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته هي فيصلو ڪنهن اداري خلاف نه هڪ فرد خلاف آهي جنهن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر آئين ٽوريو ۽ هڪ سياسي تنظيم به ٺاهي. وزير اعظم عمران خان جي معاون خصوصي اطلاعات و نشريات فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنگين غداري ڪيس جي فيصلي تي قانوني ٽيم سان مشاورت کان پوءِ پنهنجو موقف ڏيندي. فردوس عاشق اعواڻ اسلام آباد ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بعد چيو ته مشرف جي سزاءِ موت جو ٻڌو آهي ليڪن سڄي معاملي جي خبر ناهي پئي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي قانوني ٽيم سان ويهي ان فيصلي تي قانوني ۽ سياسي پهلوئن کي ڏسي بعد ۾ حڪومتي بيان سامهون آندو ويندو. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته وزيراعظم سڀاڻي ملڪ واپس اچي رهيو آهي جنهن کان پوءِ ليگل فريم ورڪ کي ڏسنداسين. واضح رهي ته اسلام آباد جي خصوصي عدالت اڳوڻي پرويز مشرف کي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري ڪيس ۾ مجرم قرار ڏيندي سزاءِ موت ٻڌائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو