پرويز مشرف ڪيس جي ٽائم لائن، ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڇا ٿيو؟

اسلام آباد (اياز مهر) جنرل پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999 تي تڏهوڪي چونڊيل وزيراعظم ميان نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو.*** هن جي آئين معطل ڪرڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ جائز قرار ڏنو ۽ اهو فيصلو ڏيندڙن ۾ افتخار محمد چوڌري به شامل هو.***3 نومبر 2007 تي هن ٻيهر ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري 3 نومبر کان 15 ڊسمبر تائين آئين معطل ڪيو، سپريم ڪورٽ ۽ مختلف هاءِ ڪورٽس جي 61 ججن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ نجي ٽي وي چينلز جي نشريات بند ڪئي وئي رڳو پي ٽي وي تي سرڪاري اعلان نشر ٿيندا رهيا *** 28 نومبر 2007 تي هن آرمي چيف جو عهدو ڇڏيو ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي آرمي چيف ٺاهيو.***29 نومبر پرويز مشرف بطر عوامي صدر حلف کنيو***15 ڊسمبر 2007 تي هن آئين بحال ڪيو ۽ پي سي او واپس ورتو ، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن بحال ڪيل آئين هيٺ نئون حلف کنيو***7 جون 2008 تي هن اعلان ڪيو ته هو استعيفيٰ نه ڏيندو نه ئي جلاوطن ٿيڻ جو سندس ارادو آهي***پيپلز پارٽي جي حڪومت پرويز مشرف جي مواخذي جو اعلان ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هن 18 آگسٽ 2008 تي صدر جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو ۽ سندس 9 سالن جي دور جي پڄاڻي ٿي***22 جولاءِ 2009 تي عدالت مشرف کي 3 نومبر 2007 تي لاڳو ڪيل ايمرجنسي بابت ڪيس ۾ طلب ڪيو***پهرين آگسٽ 2009 تي سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي 3 نومبر وارن اپائن کي غير آئيني قرار ڏنو***6 آگسٽ 2009 تي پرويز مشرف برطانيا هليو ويو ۽ عدالت ۾ ڪو جواب داخل نه ڪيو

***8 جون 2010 تي سندس ساٿين آل پاڪستان مسلم ليگ نالي سياسي جماعت ٺاهي جنهن جو سربراه پرويز مشرف بڻيو***22 مارچ 2013 تي هن وطن واپسي کان اڳ 10 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت ڪرائي***24 مارچ 2013 تي هو خود ساخته جلاوطني ختم ڪري چونڊ وڙهن لاءِ واپس آيو***29 مارچ 2013 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ هن جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳائي ۽ سندس نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو***5 اپريل 2013 تي سپريم ڪورٽ ڪيس جي سماعت جي منظوري ڏني***7 اپريل 20013 تي تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري هن ڪيس کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو***18 اپريل 2013 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد هو عدالت مان فرار ٿي ويو***19 اپريل تي هن ججز کي حراست ۾ وٺڻ واري ڪيس ۾ مئجسٽريٽ آڏو سرينڊر ڪيو ۽ حڪومت سندس چڪ شهزاد واري فارم هائوس کي سب جيل قرار ڏئي گهر ۾ نظر بند ڪيو***30 اپريل 2013 تي پشاور هاءِ ڪورٽ مشرف جي قومي اسمبلي ۽ سينٽ جي چونڊ  حصو وٺڻ تي پابندي هڻي ڇڏي***14 جون 2013 تي هن ڪيس کان تڏهوڪو وزير قانون زاهد حماد علحدگي اختيار ڪندي چيو ته ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جو فيصلو مشرف پاڻ ڪيو هو***24 جون 2013 تي وزيراعظم نواز شريف مشرف خلاف آئين جي سنگين خلاف ورزي تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو***18 نومبر 2013 تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري بغاوت جي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ خصوصي ٽريبونل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو***20 ڊسمبر 2013 تي پرويز مشرف پنهنجي دور حڪومت ۾ غلطين تي معافي ورتي***2 جنوري 2014 تي پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس ۾ پيشي لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس دل ۾ تڪليف ٿي ۽ عدالت بدران کيس راولپنڊي جي فوجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو

***7 جنوري 2014 تي آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ته مشرف جي دل جون 3 شريانون بند آهن ۽ کيس 8 ٻيون به بيماريون لاحق آهن***7 فيبروري 2014 تي عدالت پرويز مشرف کي ٻيهر طلب ڪيو***18فيبروري 2014 ۾ مشرف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ان وقت تائين 22 پيشيون ٿي چڪيون هيون، هن تي فرد جرم عائد نه ٿي سگهيو سندس وڪيلن چيو ته هن تي ڪيس فوجي عدالت ۾ هلن گهرجي***21 فيبروري 2014 تي عدالت حڪم جاري ڪيو ته ڪيس فوجي عدالت ۾ نه هلندو***30 مارچ 2014 تي مٿس فرد جرم عائد ڪئي وئي ۽ هن صحت جرم کان انڪار ڪيو***3 اپريل 2014 تي هن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ته سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي جيئن هو بيمار والدهه جي عيادت لاءِ شارجه وڃي سگهي***7 اپريل 2014 تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف بيان ڏنو ته فوج جي وقار جو تحفظ ڪيو ويندو***14 مئي 2014 تي ايف آءِ اي سنگين غداري ڪيس ۾ ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا***12 جون 2014 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو ڏنو*** 14 جون 2014 تي وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف اپيل داخل ڪئي***23 جون 2014 تي سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني***22 ڊسمبر 2015 تي پرويز مشرف بيان ڏنو ته هن جنرل ڪياني، وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ ٻين سان مشاورت بعد ايمرجنسي نافذ ڪئي هئي.***16 مارچ 2016 تي سپريم ڪورٽ علاج لاءِ کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي سندس نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو***18 مارچ تي پرويز مشرف چيو ته هو علاج لاءِ ٻاهر ٿو وڃي ۽ ڪجهه هفتن بعد موٽي ايندو

***11 مئي 2016 تي خصوصي عدالت پرويز مشرف کي مفرور قرار ڏنو***10 نومبر 2017 تي مشرف سياسي جماعتن جي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو***29 مارچ 2018 تي خصوصي عدالت جي جج جسٽس يحيٰ آفريدي بينچ کان علحدگي جو اعلان ڪيو***7 اپريل 2018 تي چيف جسٽس ثاقب نثار مشرف ٽرائل لاءِ ٻيهر خاص عدالت قائم ڪئي***31 مئي 2018 ۾ خصوصي عدالت جي حڪم تي مشرف جو شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو***29 آگسٽ تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته انٽرپول مشرف جو ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. مشرف سيڪورٽي جو بهانو بڻائي ملڪ اچڻ کان انڪار ڪيو***31 مارچ 2019 تي سپريم ڪورٽ چيو ته مشرف سنگين غداري ڪيس ۾ پيش ٿئي ٻئي صورت ۾ هو دفاع جي حق کان محروم ٿي ويندو***پهرين اپريل 2019 تي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته مشرف نه آيو ته سندس بيان کانسواءِ خصوصي عدالت ڪاروائي هلائي***11 جون 2019 تي سپريم ڪورٽ مشرف جو سناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو***8 آڪٽوبر تي عدالت 24 آڪٽوبر کان روزانو ٻڌڻي جو اعلان ڪيو*** عمران خان جي حڪومت 24 آڪٽوبر تي هن ڪيس جي پراسيڪيوشن ٽيم کي برطرف ڪري ڇڏيو***19 نومبر 2019 تي خصوصي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ 28 نومبر تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو***25 نومبر تي وفاقي وزارت داخله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته خصوصي عدالت کي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيو*** 27 نومبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خصوصي عدالت کي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو

***28 نومبر تي خصوصي عدالت چيو ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جا پابند ناهن***3 ڊسمبر 2019 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته خصوصي عدالت سندن حڪم مڃڻ جي پابند آهي*** 4 ڊسمبر تي پرويز مشرف جو ويڊيو بيان آيو ته خصوصي عدالت سندس موقف ٻڌڻ کانسواءِ هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ انصاف جي تقاضا پوري نٿي ڪئي وڃي***5 ڊسمبر 2019 تي خصوصي عدالت 17 دسمبر تائين مهلت ڏيندي چيو ته ان ڏينهن دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ڏنو ويندو*** 17 دسمبر تي عدالت پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ٽن مان ٻن ججن موت جي سزا تي اتفاق ڪيو جن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس وقار احمد سيٺ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس شاهد ڪريم شامل آهن جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر ان سان اختلاف ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو