حبيب ٽالاڻي
اسان جا حڪمران ھرروز دعواـٔون ڪندي نظر اچن پيا ته ملڪ ۾ سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي ملڪ ترقي ڪري پيو ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ رڪارڊ اضافو ٿـٔي پيو مھنگاـٔي ته صفا پوـٔين ڏھاڪي جي تاريخ جي حساب سان صفا ھيٺين سطح تي پھچي چڪي آھي ملڪي برآمدگي ۾ اضافو ٿيو آھي پرڏيھي ناڻو ڏيھ اچي پيو پرڏيھي سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپ ڪرڻ اچڻ پيا جنھن سان ملڪ ترقي ڪندو عوام خوشحال ٿيندو ڪاروبار جا موقعا پيدا ٿيندا ملڪ مان غربت جو ته صفا خاتمو اچي ويندو دھشتگردي جو اسان ته صفا پاڙ ـٔي پٽي ڇڏي آھي اسان ملڪ ۾ نوان صنعتي زون لڳايون پيا پرڏيھي سطح تي ملڪ جي اڪيلاـٔي ختم ٿي چڪي آھي اصل ۾ اھي سڀ ڪجھ حڪمرانن جا دعواـٔون آھن پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آھي ملڪ ۾ اھڙي ڪا ترقي خوشحالي وارو انقلاب دوربين لڳاـٔي ڏسڻ سان به نظر ڪو نه ٿو اچي اسان جا موجودا حڪمران جيڪي ملڪي ترقي ۽ عوامي خوشحالي وارو جيڪو بي سرو راڳ ڳاـٔي اسان عوام کي ٻڌاـٔي رھيا آھن ان جو حقيقت سان وري جو به ڪو واسطو ناھين اسان جي ھنن حڪمرانن کي ڪھڙي خبر ته عوامي ترقي ۽ خوشحالي ڇا ٿيندي آھي؟ اسان جا جيڪي حڪمران عوامي ترقي ۽ خوشحالي جون دعواـٔون ڪري رھيا آھن انھن کي ته اھا به خبر ناھين ته مھنگاـٔي ڪٿي پھتي آھي؟ عام ماڻھو ٻن ويلن جي ماني کاـٔڻ لاء پريشان آھي بيماري جو علاج ڪراـٔڻ جيتري طاقت عام ماڻھو وٽ ناھي غريبن جا ٻار اعلي تعليم جھڙي بنيادي سھولت کان محروم آھن ڪاروباري سيڪٽر ٽـٔيڪس جي چنبي ۾ ڦاسي پيو آھي ٻاھرين سرماـٔيڪاري ڇڏيو اسان جي ملڪ جا سرماـٔيدار ملڪ مان ـٔي نڪري وڃن پيا ۽ حڪمران بس ترقي ترقي رڳو ترقي لڳايون ويٺا آھن ٿورو ڪم ٿيو نه ڪروڙن جون اشتھارون سو به پنھنجي دادلن ادارن کي ڏيـٔي اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا ته اسان ھيڏو ڪم ڪيو آھي پر حقيقت ان جي بلڪل ـٔي ابتڙ آھي اسان جو ملڪ ھن وقت ملڪي سطح تي سياسي سماجي معاشي توڙي پرڏيھي معاملن جي حوالي سان تاريخ جي خطرناڪ ۽ بدترين صورتحال تي پھتل آھي جنھن بابت اسان عوام کي بيخبر رکيو پيو وڃي يا وري ڪوڙ ڳالھاـٔي سچ کي لڪايو پيو وڃي اسان جي حڪومت توڙي ملڪي اسٽيبلشمنٽ حقيقتن کي لڪاـٔي رڳو ڪوڙ کي عوام آڏو ظاھر ڪري رھيا آھن سڀ کان اڳ اسان ملڪي معيشت تي نظر وجھون ته ملڪ جي سڄي ترقي وارو لولي پاپ پرڏيھي قرضن تي بيٺي آھي ملڪي ڪاروبار کي ٽـٔيڪس تباھ ڪري ڇڏيو آھي برآمدگي ڄڻ ته ختم ٿي چڪي آھي مھنگاـٔي عوام جو جيـٔڻ جنڪال ڪري ڇڏي آھي زراعت جو ته ٻيڙو ـٔي ھٿ سان ٻوڙيو ويو آھي جنسن جا اگھ اڳ ـٔي گھٽايا ويا آھن پر ڀاڻ زرعي دواـٔن توڙي زرعي مشينري جي اگھن ۾ ريڪارڊ اضافو ڪري ھارين کي قرضي بڻاـٔي ملڪي زراعت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آھي اناج پوکيندڙ ھاري رکي ماني کاـٔڻ لاء پريشان آھي مٿان وري حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زراعت کي به صنعتڪارن سرماـٔيدارن جي حوالي ڪري ھارين جي معاشي قتل عام جو پلان جوڙي ڇڏيو آھي مطلب ملڪي زراعت کي به ھاڻي سي پيڪ ۽ سينڊڪ پروجيڪٽ وانگي پرڏيھي ادارن توڙي صنعتڪارن جي جھولي ۾ وجھي ڇڏڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آھن ملڪي سياست جي حالت اھا آھي ته اسان جي سياست ٻن ٽن سالن کان اسٽيبلشمنٽ پي ٽي آء ۽ اقتدار ڌڻين جي وچ ۾ پنجري ۾ قيد پکي وانگي آزادي لاء ڦڙڦڙاـٔي رھي آھي پر سياسي ۽ اقتداري ۽ اناپرستي وارا مفاد سياست کي آزاد ڪرڻ اڳيان لوھي ڀت بڻيل آھن جيڪي ڊھن ـٔي ڪو نه ٿيون خيبر کان ڪراچي تاـٔين سڄي سياست اناپرستي ۽ اقتداري مفادن جي ور چڙھيل آھي ڪنھن کي اقتدار کپي ڪنھن کي کٽڻ سان دلچسپي ڪو ھاراـٔڻ لاء تيار ناھي بس عوام پيو لوڙي ۽ ڀوڳي ھتي چيو ته ويندو آھي ته سب سي پھلي پاڪستان پر سڀ کان اڳ پنھنجا سياسي ۽اقتداري مفاد سڀني کي عزيز آھن جيڪڏھن انھن کي چـٔون ته پاڪستان خاطر پنھنجا سڀـٔي اختلاف وساري ٺھي وڃو ته سوال ـٔي پيدا ناھي جو ٺھن ھا ٺھندا تڏھن جڏھن حڪومتي پاورشيـٔرنگ بابت پاڻ ۾ ويھي فارمولو طـٔي ڪندا پوء ان کي ملڪي مفادن عوامي ترقي جو نالو ڏـٔي من پسند اخبارن ۽ ٽي وي چـينلن ۾ اشتھار ڏيـٔي پيا پاڻ ـٔي واھ واھ ڪندا اصل ۾ ڪنھن کي به ملڪ ۽ قوم جو ڪو فڪر ناھين ملڪي معيشت ۽ سياست کان ھٺي ڪري ملڪ اندر جيڪڏھن اسان ملڪي معاشرتي ساـٔيڊ تي نظر وجھون ته ھن وقت ملڪ سنگين ۽ خطرناڪ صورتحال ۾ ڦاٿل نظر اچي پـيو ورھانڱي کان وٺي اڄ تاـٔين اسان جي حڪمرانن ۽ ملڪي اسٽيبلشمنٽ جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ جا صوبا سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي پنجاب کان پري بيٺا آھن سنڌ بلوچستان کان پوء ڪي پي ڪي ۾ به احساس محرومي ۾ اضافو ٿيو آھي ڪير حقيقت کي تسليم ڪري يا نه ڪري پر ھي ھڪ حقيقت آھي ته اسٽيبلشمنٽ ۽ حڪومت جي غلط فيصلن ملڪي يڪجھتي کي سخت نقصان پھچايو آھي جڏھن بلوچ ناراض ھجن سنڌي ناراض ھجن ۽ پشتونن کي به زبردستي ناراضگي واري ٻيڙي ۾ چاڙھيو وڃي ته پوء ملڪ ڪيـٔن ھلندو؟ ھي حالتون ملڪي بقاء لاء خطري جي نشاني آھن پر اسان جا حڪمران ۽ اسٽيبلشمنٽ کي پنھنجا مفاد عزيز آھن انھن کي ذاتي مفادن کان سواء ڪجھ نظر ـٔي ڪو نه پيو اچي ھي ته ملڪ جون اندروني حالتون آھن پرڏيھي حوالي سان حالت اھا آھي ته اسان جا پاڙيسري ملڪ اسان کان ناراض آھن ڇا اسان جي حڪمرانن ڪڏھن اھو سوچيو آھي ته ايران جيڪو اسان جو اسلامي پاڙيسري ملڪ آھي ان ايران رستي ۽ ايراني ڪاغذن ذريعي انڊين خفيا ايجنسي را جا ايجنٽ ڪيـٔن بلوچستان ايندا رھيا ۽ اتي دھشتگردي ڪندا رھيا؟ انڊين ايجنٽ ڪلڀوشن ان جو واضع ثبوت آھي جيڪو اسان وٽ اڄ به قيد آھي ڇا ڪڏھن ايران کان پڇيو ويو ته اوھان ڇو اسان جي خلاف استعمال ٿيو پيا ۽ ھاڻي به ڪجھ وقت اڳ ايران ۽ پاڪستان پاران ھڪ ٻـٔي مٿان ٽارگيٽڊ حملا ڪيا ويا ڇا اھي مسـٔلا ڳالھين ذريعي حل ٿيڻ جوڳا نه ھـٔا؟ جي نه ھـٔا ته ان جا ڪھڙا سبب ھـٔا؟ ايران کان پوء افغانستان جنھن بابت اسان ننڍي ھوندي ٻڌندا ھـٔاسين ته ھو مني پاڪستان آھي بنا ويزا جي اچ وڃ ۽ ڪاروبار ٿيندو ھو اڄ ان ـٔي افغانستان سان اسان حالت جنگ ۾ آھيون روز اسان جا جوان بارڊر تي شھيد ٿين پيا روز اسان جي ملڪ ۾ دھشتگردي ٿـٔي پـٔي افغاني طالب ان ۾ ملوث نڪرن ٿا اھو سڀ ڪجھ ڇو ٿيو آھي ان جا ڪھڙا سبب آھن؟ ڪير ٻڌاـٔيدو؟ اڄ افغانستان اسان سان جنگ واري حالت ۾ آھي ۽ حيرت واري ڳالھ اھا آھي ته افغان طالبان انڊيا جي ويجھو ٿيندا وڃن پيا ڪجھ ڏينھن اڳ دبـٔي ۾ ڀارتي سيڪريٽري خارجا وڪرم مشري جي افغانستان جي قاـٔم مقام وزيرخارجا مولوي امير خان متقي سان ملاقات ٿي آھي جنھن ۾ انڊيا افغانستان کي مالي امدا جي آڇ سان گڏ واپار لاء ايراني پورٽ جي خدمتن جي پڻ آڇ ڪـٔي جتان افغانستان انڊيا سان واپار ڪري سگھي ٿو ھي ھڪ وڏي خبر ھـٔي جيڪا خبر لڪاـٔي وـٔي يا وري خبر جي اھميت کي لڪاـٔڻ جي ڪوشش ڪـٔي وـٔي اھا خبر به ملڪ جي ڪنھن ڪنھن اخبار ۾ ھڪ ڪالم مس لڳي متان ڪير پڙھي وٺي حقيقت ۾ اھا ھڪ وڏي خبر آھي ھڪ پاسي اسان افغانستان سان سرحدن تي جنگ واري حالت ۾ آھيون ٻـٔي پاسي طالبان ۽ انڊيا جا اڳواڻ واپار ۽ مالي امداد بابت ڳالھيون ڪن ٿا جيڪو انڊيا جي افغانستان ۾ واپسي جو اشارو آھي پر حقيقت کي لڪاـٔڻ جي ڪوشش ڪـٔي پـٔي وڃي ايران افغانستان کان پوء چين وڃي بچي ٿو جيڪو پڻ بلوچستان ۽ ڪراچي تاـٔين پنھنجي شھرين مٿان ٿيندڙ حملن سبب پريشان آھي خدا نه ڪري جيڪڏھن چين جي شھرين سان ھاڻي ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ته چين اسان وٽ ھلندڙ ڪم ڪار اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويندو چين ته اڳ ۾ ـٔي سيڪيورٽي بابت سخت ڳڻتي جو اظھار ڪري ڇڏيو آھي ھاڻي ھي آھن اسان جي ملڪ جون اندروني ۽ بيروني حالتون ۽ اسان واران حڪمران رڳو سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي جي پويان ڊوڙن پيا ملڪ ۾ ڪجھ به ٺيڪ ناھي نوازشريف ڀاء کي وزير اعظم بڻاـٔي ڌئ کي وزيراعلي بڻاـٔي لندن ۾ خوش ويٺو آھي پي ٽي آء عمران جي آزادي لاء پريشان آھن انھن کي پڪ آھي ته ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ ھنن جي ھوندي زرداري صاحب ايوان صدر ۾ ويھي مزا پيو ماڻي مولانا فضل الرحمن چونڊن ۾ ھاراـٔڻ تي ماتم پيو ڪري ايم ڪيو ايم وارن جي ته لـٔي آھي اسٽيبلشمنٽ ته بادشاھ آھي رڳو پيو وزير مٽاـٔيندو بادشاھ جي ڪرسي سلامت رھندي باقي ملڪ لاء محمود خان اچڪزـٔي ۽ اختر مينگل رڙيون ڪري ڪري ٿڪي پيا آھن پر حقيقت ڪنھن کان حضم ٿـٔي ـٔي نه ٿو ھر ڪو اقتدار اقتداري مفادن پويان آھي ملڪ ۽ قوم الله جي آسري تي آھي ملڪ ۾ ڪجھ به ٺيڪ ناھي ڪا به ترقي ناھي ڪا به خوشحالي ناھي جي آھي به ته رڳو اشتھارن جي حد تاـٔين حقيقت ۾ ذيرو بٽا ذيرو آھي پاڙيسري ملڪ اسان کان ناراض آھن اسان جي چـٔني پاسي جي پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ آھي جيڪا ھڪ خراب صورتحال آھي










