حضرت اسماعيل عليه السلام جي بي مثال ۽ لازوال قرباني

طفيل مگسي
جيئن ته ذي الحج اسلامي تاريخ جو ٻارهون مهينو آھي ۽ هن ئي مهيني جي نائين تاريخ تي حضرت اسماعيل عليه الاسلام جي بي مثال ۽ لازوال قرباني پيش ڪئي وئي. جنهن جو مثال انساني تاريخ پيش ڪرڻ کان لاچار آھي. هي مهينو يعني ذي الحج ان جليل القدر پيغمبر جي يادگار آھي، جنهن جي زندگي جي قرباني هڪ عملي تصوير هئي. يعني اهو پيغمبر حضرت ابراهيم عليه الاسلام آھي جنهن جو حضرت اسماعيل عليه الاسلام فرزند ارجمند آھي. هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم عليه السلام پٽ جي اولاد جي لاء پنهنجي رب کان دعا گهري .جيڪا ڪائنات جي رب قبول ڪئي ۽ ھن کي فرمانبردار پٽ جي خوشخبري ٻڌائي.
حضرت اسماعيل عليه الاسلام (ذبيح الله) جي جنم تي حضرت ابراهيم عليه الاسلام کي حڪم مليو ته پاڻ سيدنا حاجره رضي الله عنها ۽ حضرت اسماعيل عليه الاسلام کي جهنگ ۾ ڇڏي اچن.حضرت جبرائيل عليه السلام جنت کان هڪ تيز رفتار سواري ڪاهي آيو .جنهن تي حضرت ابراهيم عليه السالام سيدنا حاجره رضي الله عنها ۽ اسماعيل عليه الاسلام.کي پنهنجي پٺيان سواري تي ويهاري ۽ مڪي جي سرزمين تي ڇڏي راهي ٿيا. حضرت ابراهيم عليه الاسلام حضرت حاجره رضي الله عنها ۽ حضرت اسماعيل عليه الاسلام کي اتي ترسايو.کين کي کائڻ جي لاء ٿورڙيون کارڪون ۽ پيئڻ جي لاء پاڻي ڏئي ڪري واپس ورڻ لڳو ته حضرت حاجره رضي الله عنهاعرض ڪيائين ته اي ابراهيم عليه الاسلام ؛ڇا هتي رهڻ جو حڪم اسان کي الله تعالي ڏنو آھي؟حضرت ابراهيم عليه الاسلام وراڻي ڏني جي ها ؛جنهن تي حضرت حاجره رضي الله عنها چيو“هاڻي اسان کي ڪابه تڪليف ناهي.ڇاڪاڻ ته اسان رب جي رضا تي راضي آھيون.“
حضرت حاجره رضي الله عنها بک جي وقت کارڪ ۽ اڄ جي وقت پاڻي پيئدي هئي.ايستائين ته ڪتل ۽ پاڻي ختم ٿي ويا.حضرت اسماعيل عليه الاسلام کي جڏھن اڄ لڳي ته هن جي امڙ کان سندس جي اڃ برداشت نٿي. ويجهو ئي هڪ پهاڙي تي چڙھي وئي ته جيئن ڪٿي پاڻي ملي پوي. مگر پاڻي جو ڪو نانء و نشان نه هو. پوء پاڻ واپس پنهنجي پٽ ڏانهن آئي ۽ پٽ جي ا ڇ جي شدت کي ڏسي ڪري ٻئي پهاڙ تي چڙھي مگر اتي به پاڻي ڏيک نه ڏنس. جن پهاڙن کي صفا و مروه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهن پهاڙن جي وچ ۾ حضرت حاجره رضي الله عنها ست پيرا ڊوڙي.الله رب العزت کي سندس اها ادا ڏاڍي وڻي. جنهن تي هن حڪم فرمايو ته هر اچڻ وارو حاجي تاقيامت تائين صفا و مروه جي وچ.۾ ست ڀيرا چڪر هڻي ته جيئن منهنجي پياري بندي حضرت حاجره رضي الله عنها جي سنت کي زنده رکي سگهجي. جڏھن حضرت حاجره رضي الله عنها کي ٻي پهاڙ کان به پاڻي نه مليو ته واپس اچي ڪري ٻار وٽ ھڪ عجيب منظر ڏسي ٿي ته جتي حضرت اسماعيل عليه الاسلام جا پيرڙا آھن.اتي پاڻي جو هڪ صاف وشفاف چشمو وهي ٿو.جنهن تي حضرت حاجره رضي الله عننها نهايت خوش ٿي. هن فورن الله جو شڪر ادا ڪيو. پوء خيال آيس ته ان وڌندڙ پاڻي کي روڪڻ گهرجي.چوڻ لڳي زم زم يعني پاڻي بيهه“
هڪ روايت آھي ته حضرت ابراهيم عليه السلام ذي الحج جي پهرين رات کان اٺين رات تائين هڪ ئي خواب ڏٺو ته اي ابراهيم عليه الاسلام پنهنجي رب جي بارگاه ۾ قرباني ڪر. حضرت ابراهيم عليه الاسلام ڪافي ٻڪريون ۽ اٺ قربان ڪيا. ليڪن جڏھن اٺين رات تي خواب ڏٺائين ۽ قرباني جو حڪم ٿيو ته پاڻ عليه الاسلام عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار ڪهڙي شيء قربان ڪيان؟حڪم مليو ته پنهنجي جگر جي ٽڪر يعني پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه الاسلام جي قرباني ڪر. اهو حڪم ٻڌي ڪري خليل الله عليه الاسلام پريشان ٿي ويو. نائين ذي الحج تي خواب ڏٺائين ته پاڻ پنهنجي هٿ سان پنهنجي پٽ کي ذبح ڪري رهيو آھي. ڏھين ذي الحج جي رات جو وري ساڳيو خواب ڏٺائين. ڏھين ذي الحج جي صبح جو پاڻ حضرت حاجره رضي الله عنها کي حڪم ڏنائين ته حضرت اسماعيل عليه الاسلام کي وهنجاري تيار ڪر.حضرت حاجره رضي الله عنها پنهنجي پٽ کي وهنجاري خوشبو هنئي ۽ حضرت ابراهيم.عليه الاسلام جي حوالي ڪري ڇڏيائين.حضرت ابراهيم عليه الاسلام ان جو هٿ ورتو.پيء پٽ ڪاتي ۽ رسي کڻي عرفات جي ميدان ڏانهن هلي پيا. ڪعبي کان ڪجهه ڏور پهتا ته شيطان لعنتي هن کي ان عظيم قرباني کان روڪڻ چاهيو.ليڪن سندس هر چال ناڪام رهي.
شيطان حضرت ابراهيم عليه الااسلام تي ٻيهر حملو ڪيو.حضرت ابراهيم عليه الاسلام فورن سڃاڻي ورتو ته اهو ڪارنامو شيطان جو آھي.جيڪو هن عظيم قرباني کان روڪڻ جو طريقو استعمال ڪري رهيو آھي.پاڻ شيطان کي ڀڄائڻ جي لاء ڀٿر کڻي ڪري مارڻ شروع ڪيو ۽ فرمايو شيطان منهنجين نظرن جي سامهون پري ٿي وڃَ .الله تعالي کي سندس اها ادا ايتري پسند آئي ته قيامت تائين حج ڪرڻ وارن ماڻھن کي حڪم فرمايو ته منهنجي پياري خليل جي سنت کي زنده رکڻ جي لاء شيطان کي ست ڀٿريون هڻو. حضرت ابراهيم عليه الاسلام ۽ حضرت اسماعيل عليه الاسلام هڪ پهاڙي جي ويجهو پهتا ته حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليه الاسلام کي چيو ته اي منهنجا پٽ مون خواب ۾ ڏٺو آھي ته توکي پنهنجن هٿن سان ذبح ڪري رهيو آھيان.هاڻي ٻڌاء ته تنهنجي ڪهڙي راء آھي؟حضرت اسماعيل عليه السلام چيو ته“ اي بابا سائين ؛اوهان کي جيڪو حڪم مليو آھي.اهو پورو ڪيو.مون کي تون بيشڪ صبر ڪرڻ وارن منجهان ڏسندين؛“
جڏھن پيء پٽ ٻئي الله جي رضا تي راضي ٿي ويا ته پيء پٽ کي زمين تي ليٽائي.ڪاتي هلائڻ وارو هو ته پٽ چيس بابا سائين پنهنجين اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏ.ڪٿي محبت کان مجبور ٿي فرض کان رهجي نه وڃين.حضرت ابراهيم عليه السلام خداوندي جي حڪم کي پورو ڪندي حضرت اسماعيل عليه الاسلام جي نازڪ نڙيء تي ڪاتي رکي ته اها نه هلي.هن بار بار هلائي مگر پوء به اها نه هلي.حضرت ابراهيم عليه الاسلام ڪاتي کي هڪ ڀٿر تي تيز ڪيو ته اها ٻه ٽڪر ٿي وئي.ان کانپوء حضرت جبرائيل عليه الاسلام جنت کان هڪ گهيٽو کڻي آيو. حضرت ابراهيم عليه الاسلام جي اها قرباني الله تعالي قبول ڪئي ۽ ان کي يادگار جي طور تي قيامت تائين باقي رکيو.هرسال ان جي ياد کي تازو ڪيو وڃي ٿو.الله رب العزت حضرت ابراهيم عليه الاسلام وحضرت اسماعيل عليه الاسلام جي ان عظيم بي مثال ۽ لازوال قرباني جي صدقي اسان گنهگارن تي رحم وڪرم فرمائي ۽ اسان سڀني کي انهيء جذبي سان گڏ پنهنجي جانور جي قرباني ڪرڻ جي توفيق نصيب ڪري(آمين ثم آمين)

پهنجو تبصرو موڪليو