حرا ماني ۽ آئمه بيگ جي گڏ ڳايل گاني واري وڊيو وائرل

اوسلو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت ادڪاره حرا ماني ۽ گلوڪاره آئمه بيگ جي گڏ ڳائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. پاڪستاني اداڪاره حرا ماني اڄڪلهه ڊرامن ۾ پنهنجي ڪردارن سبب مداحن جي پسنديده اداڪاره بڻجي وئي آهي. هو پنهنجي بهترين اداڪاري سبب مداحن کان خود داد حاصل ڪري رهي آهي. جڏهن ته آئمه بيگ اها اڀرندڙ گلوڪاره آهي جنهن جي گلوڪاري جي هر ڪو تعريف ڪندي نظر اچي رهيو آهي. حرا ماني ۽ آئمه ٻئي اوسلو ۾ (آءِ پي پي اي) ايوارڊ شو ۾ موجود هيون جتي آئمه بيگ ادڪاره حرا کي چئي رهي هئي ته هو پنهنجي مشهور ڊرامي دو بول جو او ايس ٽي گانو ڳائي ڏيکاري. جڏهن ٻنهي گڏجي اهو گانو ڳايو ته سامهون ويٺل ايوارڊ شو ۾ شريڪ مداح ۽ فنڪارن طرفان خوب داد حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو