جيمز بانڊ جي نئين فلم جو ٽريلر جاري، مداحن کي انتطار

لاس اينجلز(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي جاسوسي بابت مشهور زمانه فلم سيريز جيمز بانڊ جي مداحن لاءِ خوشخبري آهي ته نئين فلم “ نو ٽائم ٽو ڊاءِ” جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. جيمز بانڊ جي 25هين فلم جو مداحن کي ڊگهي عرصي کان انتطار هو. هن فلم جي شوٽنگ گذريل ٻن سالن کان جاري آهي. ٻه ڏينهن پهريون فلم جو مختصر ٽيزر جاري ڪندي جلد ٽريلر به جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

اسڪرين شاٽ، ڊينئل ڪريگ ۽ لشانا لائنچ

ايڪشن سان ڀرپور فلم ۾ ڇوڪريون، رومانس ۽ سسپنس به موجود آهي. فلم جو ٽريلر 2 منٽ 35 سيڪنڊ تي مشتمل آهي. فلم ۾ ڊينئل ڪريگ جاسوس جو مرڪزي ڪردار نڀائي رهيو آهي ۽ سندس ساٿي ادا ڪارا لشانا لائنچ به جاسوسي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڊينئل ڪريگ آخري ڀيرو جيمز بانڊ بڻيو آهي. فلم ۾ ڊينئل ڪريگ کي جاسوسي جو خطرناڪ مشن مڪمل ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ٽريلز ڏسڻ بعد اندازو ٿئي ٿو هن ڀيري شائقين سائنس فڪشن جهڙي فلمن جيان ڪارون ۽ موٽر سائڪلون به ڏسي سگهندا.

جيمز بانڊ جي نئين فلم جو هيرو ڊينئل ڪريگ. اسڪرين شاٽ

فلم ۾ ريمي ملڪ جي جهلڪ به نظر ايندي جنهن ۾ هوءِ ولن جي روپ ۾  برطانوي جاسوس جيمز بانڊ کي تنگ ڪندي نظر ايندي. هن فلم م به برطانوي جاسوسي جي ادري ايم آءِ سڪس جي اهلڪارن کي جاسوس طور ڏيکاريو ويو آهي. فلم ۾ سائنسدان کي ڳوليندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ کيس جديد ٽيڪنالوجي وارن هٿيارن جو مقابلو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هي فلم 8 اپريل 2020 تي رليز ٿيندي. ان سان گڏوگڏ جيمز بانڊ سيريز جي 26 هين فلم لاءِ کين جاسوس ملي ويو آهي ۽ ان ۾ هڪ عورت لشانا لائنچ اهو ڪردار ادا ڪندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو