تاريخي حقيقتون هڪ جيالي جي نظر ۾،مير ذوالفقار چانڊيو

حقيقت ھڪ اھڙي شئ آهي جنهن کي سو پردن ۾ به لڪائڻ سان لڪائي  نٿو سگهجي نيٺ وقت اچڻ تي اھي حقيقتون ظاهر ٿي پونديون آهن. ڀلي اھي  تاريخ جو حصو ڇو نه ھجن ڪير ڪنهن کي معاف ڪري يان وساري ڇڏي مگر تاريخ ڪنهن کي به معاف ڪندي آ نه وري تاريخ ڪنهن کي وساريندي آهي. تاريخ جون ڪجھ نه وسرندڙ حقيقتون اهڙيون آهن جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ضياءُ الحق چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار  ڀٽو کي اقتدار تان لاھي مارشلا ھڻي ملڪ تي قابض رھيو جنھن اقتدار جو فائدو وٺندي نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل ڪيس ۾  ڀٽو  کي گرفتار ڪري جيل ۾ موڪليو  ته ان وقت جي ايف ايس ايف جي سربراهه مسعود محمود کي ذوالفقار  ڀٽو خلاف وعدھ معاف گواھ مقرر ڪيو ويو جنهن جي ڪجھ عرصي کان پوء هن چيو ته مون کان جيڪا پھرين ڀٽو  صاحب خلاف نواب محمد احمد خان قصوري کي قتل ڪرڻ ۾ گواھي ورتي وئي اھا شاھدي مون کان تشدد ذريعي اقبال جرم ڪرايو ويو ھو ۽ ان وقت جي لاهور ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق حسين تي دٻاء تحت  ڀٽو  صاحب خلاف فيصلو ڏياري ان کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي پر ٿيو ڇا ته چيف جسٽس مولوي مشتاق حسين ان ڳالھ جو سرعام اعتراف ڪيو ته مون ضياءالحق  جي دٻاء  تحت ڀٽو  کي ڦاسي جي سزا ڏني ھئي  مون کي معاف ڪيو وڃي، پر تاريخ ته ڪنهن کي معاف ناهي ڪندي. اھا  به ھڪ حقيقت آهي ته چيف جسٽس مولوي مشتاق حسين جي جنازي تي ماکيء جي مکين حملو ڪيو ھو ڪانڌي لاش ڇڏي ڀڄي ويا ھئا. وري اھا  به تاريخ جي حقيقت آهي ته پاڪستان جو 3 ڀيرا وزيراعظم  رھندڙ ميان نواز شريف طرفان اسلامي دنيا جي پھرين وزيراعظم رھندڙ  بينظير ڀٽو  ۽ ان جي ور مرد حر آصف زرداري  تي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪرايا بعد ۾ جلد ئي ميان صاحب پڻ اعتراف  ڪيو ته مون ايجنسين جي چوڻ تي محترما بينظير  ڀٽو  ۽ ان جي ور آصف  زرداري کي بدنام ڪرڻ لاء مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا. وري ھڪ  دفعو نيب چئرمين ۽ نواز شريف جو ويجهو ساٿي سمجھيو ويندڙ سيف الرحمان آصف  زرداري تي ڪيس داخل ڪيا پر افسوس ڪجھ ڏينهن کان پوء سيف الرحمان اڊيالا جيل راولپنڊي ۾  آصف زرداري جي پيرن تي ڪري پيو مون کي معاف ڪيو مون توهان تي ڪوڙا  ڪيس داخل ڪري غلط ڪم ڪيو  هو. ياد رهي ته ان ڪوڙن ڪيسن ۾ مرد حر آصف زرداري بنا ڪنهن ڏوھ جي 11 سال جيل ۾ گذاريا، جيل ۾ سندس جي زبان کي جھير ڏنا ويا. ھڪ دفعو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته  بينظير  ڀٽو  ۽ آصف  زرداري  کي سزا ٻڌائڻ واري جج وزيراعظم  نواز شريف جي دٻاء  تحت فيصلو ڏنو آهي جنهن جي لاء ان جج کي عھدي تان برطرف ڪيو ٿو وڃي . ميان نواز شريف ميمو گيٽ اسڪينڊل جيڪو وزيراعظم  يوسف رضا گيلاني ۽  آمريڪا ۾ پاڪستان  جي سفير حسين حقاني جي دور ۾ ٿيو اھو ڪيس سپريم ڪورٽ  ۾ کڻي وڃڻ واري غلطي به تسليم ڪئي. تڏهوڪي  آءِ ايس آءِ جي سربراھ جنرل شجاع پاشا جو بيان ۽ اڄ وري نواز ليگ جا اھم اڳواڻ ۽ خواجه سعد رفيق اعتراف ٿو ڪري ته صدر آصف جي حڪومت ۾ عدليا جي بحالي واري تحريڪ ۾ شامل ٿي ڪري نواز ليگ ۽ نواز شريف جي عظيم غلطي ڪئي ھئي. اهي سڀ تاريخي حقيقتون ظاهر ٿيڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۽ سازشن جو اعتراف  ڪرڻ کان پوء اڄ ڪلھه آصف  زرداري  ۽ ان جي بھادر ڀيڻ ميڊم فريال ٽالپر جيل ۾ آهن جنهن جي حقيقت ڪجھه به ناهي بس ڪوڙن ڪيسن تحت جيل ۾ آهن. آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف عوامي تاثر ڀلي ڪهڙو به هجي پر جيسين عدالت ۾ سندن ڏوهه ثابت نٿو ٿئي تيسين هو  قانون جي نظر ۾ بيگناهه آهن. مونکي يقين آهي ته سڀاڻي وري ڪو  جرنيل، جج يا نيب وارو آفيسر اقرار ڪندو ته هنن دٻاءَ ۾ اچي مٿن ڪوڙا ڪيس ڪيا هئا ۽ اهڙي صورت ۾ وري نئين تاريخ بڻجي ويندي. ( نوٽ. اداري جو ليکڪ جي سوچ سان سهمت هجڻ لازمي ناهي ۽ نه ئي هن فورم تي شايع ٿيل راءِ اداري جي راءِ سمجهڻ گهرجي.)

پهنجو تبصرو موڪليو