بي نظير ڀٽو کي قتل ڪندڙ ڪير هئا؟ اسحاق سومرو

شهيد بي نظير ڀٽو جي اڄ ٻارهين ورسي راولپنڊي شهر جي لياقت باغ ۾ ملهائجي رهي آهي جتي کيس 27 ڊسمبر 2007 تي هڪ دهشتگرد حملي ۾ قتل ڪيو ويو هو. بي نظير ڀٽو جي خون سان پنڊي جي شهر ۽ اتان جي عدالت ڪيترو انصاف ڪيو آهي اهو تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي. جنهن تي اڄ به وڌيڪ تحقيق ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي. بي نظير ڀٽو جيڪا اسلامي دنيا جي پهرين، ٻه دفعا بڻجندڙ وزيراعظم ۽ هڪ بهادر پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي بيباڪ ڌي هئي. جنهن سموري زندگي قيد، جدوجهد ۽ جلاوطني ۾ گذري. افسوس جو سندس قتل جو عدالتي فيصلو ايترو ته بي رحم ۽ ملزمن کي بري ڪرڻ وارو آيو جنهن نه رڳو پاڪستان جي ماڻهن پر پوري دنيا جي ماڻهن کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو اچو ته هن عدالتي فيصلي جي ڪجھ مکيه پهلوئن تي روشني وجھون.

راولپنڊي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي جج محمد اصغر خان بي نظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي پنجن جوابدارن کي بري ڪري ٻن پوليس آفيسرن ڊي آءِ جي سعود عزيز ۽ ايس پي خرم شهزاد کي 17-17 سال قيد ۽ 5-5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ساڳي عدالت اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف کي اشتهاري ملزم ۽سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ته پرويز مشرف تي ڪيس ملڪ واپس اچڻ تي هلايو ويندو.

هڪ ­ڏهاڪي تائين هلندڙ هن ڪيس جي فيصلي جتي بي نظير ڀٽو جي چاهيندڙن کي حيرت ۾ وڌو آهي، اتي هن فيصلي ڪيترائي سوال پڻ ڇڏيا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ انهيءَ فيصلي جي رد عمل ۾ چيو هو ته القاعده ۽ طالبان جي پنجن دهشتگردن جي اقراري بيانن ۽ ثبوتن ملڻ جي باوجود کين بري ڪرڻ وارو فيصلو ظاهر ڪري ٿو ته القاعده، طالبان سميت مڙني عسڪريت پسندن جي فتح ٿي آهي. لڳي ٿو ته فيصلو وڏي دٻاءَ يا ڊپ واري صورتحال۾ ڏنو ويو آهي.

ڪيس ۾ شامل مکيه ملزمن ۽ سهولتڪارن جي اقراري بيانن ۽ تحقيق دوران جمع ڪرايل موبائل فونن تي ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊ ۽ ٻين شين جي هٿ اچڻ، جيڪي ملڪ جي تمام وڏي ايجنسي آئي ايس آءِ طرفان حاصل ڪيا ويا هئا ۽ باوجود ان جي پنجن ئي ڄڻن کي بري ڪرڻ خود آئي ايس آءِ طرفان ڪيل تحقيق تي به سواليه نشان اچي ٿو. بري ٿيلن ۽ بي نظير ڀٽو تي گولي هلائيندڙ ۽ ڌماڪو ڪندڙ ٻن ڄڻن سعيد عرف بلال ۽ اڪرام الله جي هٿ آيل شين جن ۾ بلال جا جوگر جا بوٽ توڙي ٻئي ملزم جي پيرن ۾ پاتل سروس ڪمپني جي سينڊل جو هٿ اچڻ چٽيءَ طرح ظاهر ڪن پيا ته بري ٿيل پنجي ئي ڄڻا بي نظير ڀٽو جي قتل ۾ شامل رهيا آهن. ان کانسواءِ تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه بيت الله محسود جي 17 سيڪنڊن واري پشتو زبان ۾ هڪ مولوي سان ٽيپ ٿيل گفتگو جيڪا 28 ڊسمبر 2007 تي 9 لڳي 14 منٽن تي ٿي هئي. جنهن ۾ هڪ مولوي، بيت الله محسود کي مبارڪون ڏيندي چوي ٿو ته اهو ڪم بلال ۽ اڪرام الله ڪيو آهي جڪي اسان جا ئي ماڻهو آهن جنهن تي بيت الله کيس چيو ڇوڪرا ته وڏا دلير هئا جو هنن کيس واهه جو ماريو آهي. جيڪا گفتگو پڻ ڳجھي ايجنسي آئي ايس آءِ طرفان ٽيپ ڪئي وئي هئي.

ڪيس ۾ صرف ٻن پوليس آفيسرن کي بي نظير ڀٽو کي تحفظ نه ڏيڻ ۽ واردات کان پوءِ صرف ٻن ڪلاڪن جي اندر واردات واري جڳهه کي ڌوئي ڇڏڻ واري الزام جي اعتراف ۾ چيو هو ته جاءِ واردات کي ڌوئي ڇڏڻ جو فيصلو انهن ٻنهي ڄڻن جو فيصلو هو ڇو ته ماڻهون اهو رت بي نظير ڀٽو جو رت سمجھي پنهنجي جسمن تي ملي رهيا هئا.

بري ٿيل پنجن ڄڻن ۾ اعتزاز شاهه اصل رهواسي سنگل ڪوٽ مانسهره،  شير زمان ڏکڻ وزيرستان، رشيد احمد شبقدر چارسده صوبو خيبر پختونخواهه، حسنين گل ۽ سندس  سوٽ رفاقت اعواڻ قائداعظم ڪالوني راولپنڊيءَ جا  رهاڪو هئا.

انهن پنجن ڄڻن قبول ڪيو ته انهن ڪاروائي جي تياري جو مرڪز لياقت باغ کان صرف پنج ڪلوميٽر پري ”قائداعظم ڪالوني“ ۾ هو.  جيڪو پنجن ڄڻن مان ٻن سوٽن رفاقت ۽ حسنين جو گهر هو. رفاقت راولپنڊي ۾ ٽيڪسي هلائيندو هو انهن ٻنهي نوجوانن کي قاري نادر عرف اسماعيل، نصرالله عرف احمد، جامعه حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ ملاقاتون ڪري قائل ڪيو هو ته مسئلن جو حل صرف انتها پسند ڪارواين ۾ ئي ممڪن آهي. هنن اهو به اعتراف ڪيو ته بينظير ڀٽو جي قتل جي منصوبا بنديءَ کان پهرين به راولپنڊيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي ڪارواين ۾ مدد ڪري چڪا هئا. بعد ۾ پاڪستان جي جانچ ادارن جامع حقانيه ۾ انهن ٻنهي شخصن جو ڏس پتو معلوم ڪيو ته ٻنهي ڄڻن جا نالا واقعي مدرسي جي رڪارڊ ۾ داخل ٿيل هئا.

ٻنهي سوٽن رفاقت ۽ حسنين ايجنسين وٽ اهو به اعتراف ڪيو آهي ته هنن ترڪستاني نسل جي هڪ نينگر اڪرم کي ٽيڪسيءَ ۾ ويهاري چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي گهر تي حملو ڪرڻ لاءِ لاٿو هو. جنهن جي نتيجي ۾ ست اهلڪار ٿڏي تي ئي مري ويا ۽ 31 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

بينظير تي حملو ڪندڙ خودڪشي بمبارن سعيد عرف بلال ۽ اڪرام الله کي واقعي واري ڏينهن يعني 27 ڊسمبر تي صبح جو رفاقت ۽ حسنين پنهنجي ٽيڪسيءَ ۾ لياقت باغ وٺي آيا هئا ۽ ان کان اڳ هنن فيصل مسجد جو به چڪر لڳايو هئائون.

هنن ڪچي پينسل سان لياقت باغ جي جلسي جو نقشو به ٺاهيو هو ان نقشي جي مدد سان سعيد عرف بلال ۽ اڪرم الله کي علائقي بابت سمجھايو ويو ته کين ڪهڙي هنڌ تي حملو ڪرڻ  گهرجي. راولپنڊي جي بازار مان خريد ڪيل تازي ميندي پنهنجي هٿن تي هنئي هئي، روايت آهي ته آپگهاتي بمبار کي گهوٽ وانگر تيار ڪيو ويندو آهي ڇوته انهن کي ٻڌايو ويندو آهي ته جنت ۾ حورون انهن جو انتظار ڪري رهيون آهن حيرت انگيز طور تي ان مان هڪ بمبار جي ميندي لڳل هٿ جي رنگين تصوير هن ڪيس جي فائيل ۾ موجود آهي.

پوليس طرفان خيبرپختونخواه حڪومت کي مدرسه دارالعلوم حقانيه جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڏني وئي، جنهن ٽيم مدرسي جي داخلائن جا رجسٽر چيڪ ڪيا. جن مان تصديق ٿي ته بي نظير ڀٽو جي قتل ۾ سڌو سنئون ملوث ملزم مدرسه حقانيه جا شاگرد هئا.

جانچ دوران اهو پڻ ثابت ٿيو ته مدرسي جي ڪمري نمبر 111 ۽ ڪمري نمبر 85 ۾ بي نظير ڀٽو جي قتل جي سازش تيار ڪئي وئي هئي.

ڊي اين جي رپورٽ مطابق بري ٿيل ملزم حسنين گل کي پوليس 5 جنوري 2008 تي گرفتار ڪيو هو جنهن مئجسٽريٽ اڳيان اعترافي بيان رڪارڊ ڪرايو هو ته ٻه آپگهاتي حملو ڪندڙ سعيد ۽ اڪرام الله 26 ڊسمبر 2007 تي رفاقت جي گهر به رهيا هئا، آپگهاتي حملو ڪندڙن جي چادر، جوگر بوٽن جو جوڙو ۽ ٽوپي کي اتي ئي ڇڏيو هو، جيڪي حسنين گل جي رهائش گاهه مان پوليس برآمد پڻ ڪيا هئا. اهي ٽئي شيون ايف بي آءِ ليبارٽريز آمريڪا ۾جيڪي ملزمن جي جسماني حصن سان ڀيٽيون ويون. جن جا پروفائيل پهرين ئي آرمڊ فورسز انسٽيوٽ آف پيٿالاجي راولپنڊي طرفان ورتا ويا هئا. جن جي ايف بي آءِ فورنزڪ ڊي اين اي جي آخري رزلٽ به تصديق ڪئي ته اهي شيون انهن ئي خودڪش بمبارن جون آهن. ۽ انهيءَ سان ايف بي آءِ ليبارٽري سان ڀيٽيل رپورٽ حسنين گل جي اعترافي بيان کي سچ ثابت ڪيو ته ٻئي دهشتگرد جيڪي شال ۽ جوگر بوٽن جو جوڙو ۽ ٽوپي حسنين گل جي گهر ۾ ڇڏي ويا هئا اهي 27 ڊسمبر 2007 ۾ لياقت باغ واري جاءِ واردات ۾ مارجي ويا هئا.

بينظير ڀٽو جي قتل واري ڪيس جا پنج ئي بري ڪيل ملزم جن ۾ ٽي پشتو ڳالهائيندڙ رهواسي خيبرپختونخواهه  ٻه ڄڻا رفاقت ۽ حسنين اعواڻ پنجابي ڳالهائيندڙ راولپنڊي واسي سڌي توڙي اڻ سڌي طرح بي نظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث آهن. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ايجنسي آئي ايس آءِ طرفان ڪيل جانچ رپورٽن کانپوءِ به کين راولپنڊي جي دهشتگرد ٽوڙ واري عدالت پاران بري ڪرڻ خود ملڪي ايجنسين جي تحقيق ۽ ان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي.

بدقسمتي سان پاڪستان جي طاقتور اسٽبلشمينٽ ۽ جي ايڇ ڪيو واري شهر راولپنڊي ۾ بي نظير ڀٽو کي قتل ڪري ،انهي شهر ۾ ويٺل عدالت ڏهن سالن کانپوءِ به بي نظير کي جيڪو انصاف فراهم ڪيو اهو عدالتي تاريخ جو هڪ سياح ترين باب  آهي. ishaksoomro@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو