خدا جي خوف کان عاري بيحس قوم!

عزيزه حنا,عباسي
هونئن ته هن وقت ڪابه کاڌي پيتي جي شيء پنهنجي اصل حالت ۾ ملڻ مشڪل آهي پر سڀ کان خطرناڪ ڲالھ کير ۾ ڪيميڪل ملائڻ آهي جيڪو ڪم پهريائين غير مقامي ماڻهن پئي ڪيو پر هاڻي اسانجي سنڌين پاڻ ان شي ء ٺيڪو کنيو آهي پنهنجي قوم کي بيماري جي ڪنڌي تي پڄائڻ جو ,سنڌ ۾ خاص طور ٺٽي شهر ۾ به ڪيميڪل مليل کير جو ڪاروبار عروج تي آهي,ڪاروبار ڪرڻ وارا ڪک پتي مان لکپتي بنجي ويا پر اڄ تائين شڪايتن باوجود به سرڪار ستل رهي جو شهر ۾ وڪجندڙکير جو ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائي,شايد بن ڪاروبار ۾ به گهٽڪي وانگر حصو پتي هجي پر صرف هڪ پل لاء اهو ضرور سوچيو ته ڇا اسانجا پنهنجا ماڻهو پنهنجي قوم سان سچا آهن؟ اسين چئون ٿا ته فلاڻن اسان سان ظلم ڪيو ناحق ڪيو اسانجا حق کائي ويا,پر هتي ته وڏا دشمن پنهنجي قوم جا پنهنجا ماڻهو آهن بجائي اهڙن غلط عملن کي سامهون آڻڻ بدران خود لالچ جي انڌ ۾ اچي پنهنجي قوم جي معصوم ٻچن جا دشمن ٿي بيٺا آهن ملاوٽ شده شيون کائڻ سان جيڪي خطرناڪ مرض قوم کي وڪوڙين پيا ان ۾ ڪنهن جو ڏوه آهي,غير سنڌين جو يا اسانجي پنهنجن جو,؟ٻئي طرف سڄي سنڌ گهٽڪي ۽ مائي جي پويان لڲي پئي آهي گهر ۾ اٽو هجي نه هجي پر مائو ضرور وٺبو,چڱا ڀلا پڙهيل لکيل ماڻهو به پيسي جي لالچ ۾ اهو ڪاروبار ڪري پنهنجي ئي قوم جي نسلن کي برباد پيا ڪن,نوجوانن کي ان زهر جو عادي بنائي انهن جو جو مستقبل تباه ڪيو پيو وڃي ,ان ڪاروبار ڪرڻ وارا جيڪي ٻين جي ٻچن کي برباد ڪن ٿا پر ڇا انهن جا پنهنجا ٻچا خوش رهندا؟ڇا مقافات عمل نه ٿيندو؟جو هي
اکيون پوري پنهنجي ئي قوم کي برباد پيا ڪن,اسين سڀ ٻين قومن بابت ته وڏيون رڙيون ٿا ڪريون ته اسان سان ظلم ٿيو پر ايئن ڇو نٿا چئون ته اسانکي اسان جي پنهنجن ئي وڌيڪ تباه ڪيو آهي,افسوس ڪجھ پيسن جي لالچ انسان کي ڪيڏو بيحس بنائي ٿي ڇڏي جو هو. ڪنهن نانگ وانگر پنهنجا ئي ٻچا کائڻ ٿو لڲي ڇا اهڙو ڪاروبار ڪرڻ وارن لا ء ڪو قانون آهي ملڪ ۾؟ پر مسئلو اهو ئي آهي ملڪ ته اڲيئي مڙيو ئي ماٺ لڲو پيو آھي,جتي ڪابه قانوني رٽ نظر نٿي اچي جتي چاڌاري لاقانونيت جو راڄ آهي,سڀ ڏوھ نگرانن جي نگرانيء هيٺ ٿين ٿا,خبر ناهيء هيء قوم ڪڏهن جاڲندي ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاء ويڙهاند ڪندي,

پهنجو تبصرو موڪليو