بشير ميمڻ جي بيان سان مچيل سياسي ڀئونچال

تحرير محمد خالد ميمڻ
اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير ميمڻ جي موجوده وزيراعظم ۽ سندس ساٿين خلاف ڏنل تازي بيان ملڪ جي سياست ۾ هڪ وڏو ڀؤنچال آڻي ڇڏيو آھي اڳ ۾ ائين ٿيندو هيو ته ڪوبه آفيسر يان سياستدان ڪنهن جي خلاف تڏهن ڳالهائيندو هيو جڏهن ان جي مخالف جو حڪومتي دؤر ختم ٿي ويندو هيو پر بشير ميمڻ جو بيان اقتدار ۾ ويٺلن خلاف اچڻ اسان جي هن معاشري ۾ هڪ نئين ڳالھ آهي جو موجوده وزيراعظم ۽ سندس ساٿين جي ڪرتوتن جو ذڪر ڪري هن هڪ بهادري جو مظاهرو ڪيو آھي بشير ميمڻ جيڪي ڳالهيون ڪيون آھن ته وزيراعظم ۽ ساٿين مون کان غلط ڪم وٺڻ لاء وڏو دٻاء وڌو ۽ سندن ڪيل غلط حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري هنن مون کي جبري موڪل تي موڪلي ڇڏيو ۽ عمران خان مختلف سياسي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو چيو هو جيڪي مون نه مڃيا هن وزيراعظم متعلق اهو به چيو آھي ته هن جي سوچ ۽ ذهنيت هڪ ڊڪٽيٽر وانگر هئي جڏهن هن چيو ته شھباز شريف,مريم نواز,خورشيد شاه,اسفنديار ولي ۽ ٻين سندس مخالف سياستدانن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪر ۽ اڳتي هلي انهن خلاف ثبوت به ھٿ ڪري وٺنداسين ته مون کيس چيو ته مان ائين انهن خلاف ڪيئن ڪيس داخل ته هن وراڻيو ته سعودي عرب جي بادشاه کي ته اتان جا آفيسر ائين جواب ڪونه ٿا ڏين تون ائين کتو جواب ڪيئن ٿو ڏئين ته مون کيس چيو ته اتي ته بادشاهت وارو نظام آھي جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت آھي انڪري اسان ائين ڪيئن ٿا ڪري سگهون ان جواب تي به وزيراعظم کي سخت ڪاوڙ آئي جنهن مان مون اندازو لڳايو ته کيس جي اندر هڪ ڊڪٽيٽر ۽ هڪ بادشاه وارو روح پيل آھي جيڪو نه ٻڌڻ جو بلڪل به عادي ڪونه آھي پاڪستان اندر سدائين ائين ئي ٿيندو رهيو آھي ته حڪمران پنهنجي مخالفن کي چپ ڪرائڻ واسطي سرڪاري مشينري جيئن نيب ايف آئي اي,پوليس ۽ ٻين ايجنسين کي استعمال ڪندا رهيا آھن ۽ ان حمام ۾ سڀني پارٽين جا سربراه ننگا آھن سڀني پنهنجي دور اقتدار ۾ مخالفن کي ائين ئي ڪچليو آھي مان گهڻو اڳتي نه ٿو وڃان پر ضياء الحق پنهنجي دور ۾ مخالفن کي ائين ڪٽيو ۽ ماريو ڦاسيون ڦٽڪا لڳايا جو دنيا ان جي شاهد آھي جنهن کان بعد نوازشريف پنهنجي اقتدار واري دؤر ۾ پڻ نيب ۽ ٻين ادارن ذريعن مخالفن کي جيلن اندر ڪيو جنهن جو مثال آصف زرداري آھي جيڪو مسلسل اٺ سال جيل ۾ رهيو ۽ کيس تي ڪيترائي ڪيس ٺاهيا ويا هيا وري شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي دؤر اقتدار ۾ ان پاڻ نه ته سندس مڙس آصف زرداري ۽ سندس ساٿين اهڙا ڪم ڪيا هيا مطلب ته هتي پاڪستان ۾ جمهوريت صرف نالي ۾ آھي ۽ مخالف ڌر ۾ هوندي هر سياستدان اهڙين ڪارواين جا سخت مخالف هوندا آھن پر جڏهن کين کي اقتدار ملندو آهي ته اهي به اڳين حڪومتن وانگر ساڳيا ئي ڪارا قانون لاڳو ڪري مخالفن کي زير ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا آھن اهڙي طرح عمران خان به اهوئي ساڳيو فارمولا آزمائيندي بشير ميمڻ کي اڳيان ڪري مخالفن کي تنگ ڪرڻ جو پلان ٺاهيو هيو پر بشير ميمڻ انڪار ڪيو جنهن جي کيس کي جبري موڪل تي موڪليو ويو هيو ۽ پوء عمران خان اهي ساڳيا ڪم نيب کان ڪرايا ۽ نيب جي ذريعي مخالفن تي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ اهي ڪيس اڃان تائين هلن ٿا پيا پر اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير ميمڻ جي ڏنل تازي انٽرويوء عمران خان ۽ ساٿين کي صفا لوڏي وڌو آھي ۽ مخالف ڌر وارن چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ته ڏسو اسان ته پهريان کان ئي اهڙيون شڪايتون ۽ دانهون ڪيون پئي هاڻي ڊي جي بشير ميمڻ جا ڪيل انڪشافات اسان جي ڪيل دانهن ۽ ڪوڪن کي سچو ثابت پيا ڪن اگر اهڙا انڪشافات ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ سامهون اچن هان ته ان جي تحقيقات به شروع ٿي چڪي هجي هان پر اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته اهڙي قانون جي حڪمراني ڪونه آھي انڪري تحقيقات بدران سڀ هڪٻئي کي ڪوڙو چئي پنهنجي جان پيا ٿا ڇڏائين پر هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته مخالف ڌر اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ جي ڏنل بيان جي آڌار تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ۽ ان بيان جي سچي هجڻ يان ڪوڙي هجڻ جي عدالتي جاچ ڪرائي جنهن مان خبر پئجي ويندي ته بشير ميمڻ جيڪو چيو آھي اهو سچ آھي يان هن ساڻس سان ٿيل حڪومتي ورتاء جو بدلو وٺڻ لاء اهڙو پنڊوارا باڪس کوليو آھي

پهنجو تبصرو موڪليو