برساتي ٻوڏون ۽ ناقص نيڪالي نظام

خيال کتري
تازو سنڌ ۾ مڙئي پوندڙ برساتن جي ڪري به مينهن جي پاڻي شهري زندگيءَ کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آهي. تنهن مان اسان کي گھرجي ته اسين ايندڙ وڏن برساتي سلسلن کي ڪيئن منهن ڏئي سگھنداسين. ڇاڪاڻ ته ايندڙ سانوڻيءَ جي مينهوڳي موسم لاءِ اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، ته ايندڙ جولاءِ کان وسندڙ مينهن جا سلسلا اڳ وسندڙ مينهن جو رڪارڊ ٽوڙيندڙ هوندا. جڏهن ته هن کان اڳ ۾ هيڪاندين برساتن جي ڪري، سموري سنڌ کي جيڪو نقصان رسيو، تنهن کي اڃان تائين اسين پورو ڪري نه سگھيا آهيون. ته مٿان وري، نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي. ۽ ان کان سواءِ سکر بيراج جا دروازا پڻ جھري رهيا آهن. تن جي ڪري پڻ سنڌ ۾ وڏي نقصان جو انديشو آهي. انهن سڀني کان بچڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي هنگامي بنيادن تي تڪڙا اپاءَ هينئر ئي کڻڻ گھرجن. ته جيئن متوقع ٻوڏن کي بروقت ڪنٽرول ڪري سگھجي.
هينئر جيڪي اتر سنڌ ۾ برساتون پئجي رهيون آهن. تن کي ڏسڻ سان وڏو ڊپ ٿو لڳي، ته هي معمولي پيمائش جون برساتون شهرين جو جيئڻ حرام ڪري سگھن ٿيون، ته ايندڙ وڏي پيمائش جون برساتون ڪهڙو حشر ڪنديون.
هنن سڀني متوقع مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ، اريگيشن کاتي، روڊس کاتي، روينيو کاتي کي ته پنهنجا فرائض نڀائڻ لاءِ ترت تياري ڪرڻ کپي. پر انهن سان گڏوگڏ اسان جا مقامي ڪائونسلر، يوسيز، ٽائونز، ميونسپل چيئرمين پڻ ميدان ۾ نڪري اچن. اصل ۾ شهرن ۽ ڳوٺن جي سار سنڀال لهڻ ۽ انهن کي صاف سٿرو رکڻ جي ذميواري انهن جي ئي آهي. تنهن ڪري انهن کي گھرجي، ته هينئر ئي پنهنجي پنهنجي ڪائونسلري حدن جي سارسنڀال لهڻ جي ڪوشش ڪن. پنهنجي پنهنجي حدن اندر، مينهن جي پاڻيءَ جي گڏ ٿيڻ وارن هنڌن، هيٺين علائقن ۽ کڏن کوٻن کي نظر ۾ رکندي، انهن جي لسٽ جوڙي، انهن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪن. ته جيئن مينهن وسڻ کان اڳين پنهنجي عوام، ڳوٺن، شهرن، روڊن ۽ رستن کي ٿيندڙ نقصان کان اڳواٽ ئي محفوظ ڪرڻ جو جوڳو بندوبست ڪري ڇڏڻ گھرجي.
اڪثر ڪري اسان جو وڏي ۾ وڏو نقصان پاڻيءَ جي بيهڻ ڪري ٿئي ٿو. جنهن ڪري عوام جو ذاتي نقصان ته ٿئي ئي ٿو. پر ان سان گڏ سرڪاري خزاني مان اربين کربين رپيا خرچ ڪري جوڙايل روڊ رستا، گھٽيون، ناليون، تباه ۽ برباد ٿيو وڃن. جن جي تعمير وري ٿيڻ جو ٽي چار سال صرف سوچي سگھبو آهي. تنهن ڪري بيحد ضروري ڪم اهو آهي. ته مينهن جي پاڻيءَ جي ترت نيڪالي ڪرڻ لاءِ جيڪي به لوازمات گھربل آهن. تن کي اڳواٽ ئي ممڪن بنائي، پنهنجي ڳوٺن، شهرن روڊن رستن ۽ عوامي اهنجن جي اچڻ جو صدباب ڪري ڇڏجي.
جيڪي به ڪوششون وٺڻ گھرجن تن ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري هيٺائين علائقن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، انهن ۾ پاڻي ڇو ٿو گڏ ٿئي؟ اهو ترت نيڪال ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ ان تي پوري پوري تياري ڪري ڇڏڻ گھرجي. جيئن ئي برساتن جو سلسلو شروع ٿئي، ته پاڻيءَ جو نيڪال به پاڻمرادو ٿيڻ شروع ٿي وڃي.
هن وقت جيڪي ڍنڍون، ڍورا ۽ کڏون پاڻيءَ سان ڀريا پيا هجن، تن کي برسات پوڻ کان اڳين خالي ڪرائي ڇڏڻ گھرجي، ته جيئن برساتن جي شدت ڪري، پاڻيءَ جي هيڪاند انهن ڍنڍن، ڍورن ۽ کڏن ۾ وڃي ڪري ۽ رهائشي هنڌن ۽ لنگھن تي پاڻي نيڪال نه هئڻ ڪري، گڏ ٿي نه سگھي.
اهڙي ئي نموني شاخن ۽ واهن مان پاڻي پڻ خالي ڪرائي ڇڏڻ گھرجي، ته جيئن وقت سر انهن ۾ پاڻي ڇڏي، امڪاني ٻوڏن کان بچي سگھجي. اهڙي ئي نموني سنڌو درياھ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال لاءِ بيراجن جا دروازا کولي ڇڏڻ گھرجن، ته جيئن پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ٿي وڃي. ۽ برساتن ۽ نئين جو پاڻي درياھ پاڻ ۾ سمائي ٻوڏن واري حالتن کي روڪي سگھي. درياھ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ سان، جيڪي جايون سُڪي ٺوٺ ٿي وڃڻ ڪري سيرون سيرون ٿي ويون آهن. انهن کي به بند ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو. اهڙيءَ طرح تيز وهڪري سان ايندڙ پاڻي، انهن تي اثر انداز ڪونه ٿيندو. جنهن ڪري ان پاسي جي عوام توڙي بيٺل فصلن کي ڪنهن به نقصان کي منهن ڏيڻو ڪونه پوندو.
ائين ڪرڻ سان عوام ۽ سرڪار نه رڳو اربين کربين رپين جي نقصان کان بچي سگھندا. پر نقصان ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻي نيڪال تي جيڪا ڪثير رقم خرچ ٿئي ٿي. تنهن کان پڻ بچي سگھجي ٿو. هي ديس پنهنجو آهي. هن جي سار سنڀال لهڻ منهنجوئي ڪم آهي. بس اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي. ان سان اهو ٿيندو ته جيڪو نقصان ٿيڻو هوندو. سو ته ڪونه ٿيڻ ڏنو ويندو. پر ان جي صفائي سٿرائي جو پڻ خيال رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو