برداشت ۽ رواداري جي سرزمين…!

ڊاڪٽر رميش ڪمار

مان هن وقت متحده عرب امارات جي مشهور واپاري شهر دُبئي ۾ موجود آهيان، جتي مون کي اماراتي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي زير سرپرستي ورلڊ ٽولرينس سمٽ ۾ خصوصي طور تي گهرايو ويو آهي. سڄي ۾ دنيا، اقوام متحده تحت 16 نومبر کي برداشت ۽ رواداريءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، پر گذريل سال يو اي اِي سڄو سال 2019ع کي برداشت ۽ رواداريءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو هو. هاڻوڪي منعقد ڪيل هيءَ ڪانفرنس اماراتي وزير براءِ رواداري شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان جي هڪ عظيم الشان ڪاوش آهي، جنهن ۾ سو کان وڌيڪ مُلڪن جا اعليٰ سطحي مهمان شريڪ آهن. شريڪ ٿيندڙن ۾ نمايان تاتارستان جو صدر رستم مناخانوف، ايٿوپيا جي عورت وزير براءِ امن، يو اي اِي جي چيئرمين فتويٰ ڪونسل شيخ عبدالله سميت عالمي سطح جون نمايان شخصيتون شامل آهن. پاڪستان مان بطور واحد اسپيڪر مون کي معاشري ۾ برداشت، رواداري ۽ صبر ۽ تحمل جي فروغ لاءِ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو آهي. شرڪت ڪندڙن سان اظهارِ خيال ڪندي منهنجو اهوئي چوڻ هو ته دنيا جو هر مذهب ٻئي مذهب جو احترام سيکاري ٿو. اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ ميڊيا جو مثبت استعمال ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۽ ڪجهه شرپسند عنصرن کي بي نقاب ڪرڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. مون اُن موقعي تي هڪ اهڙو عالمي ميڊيا فورم جوڙڻ جي تجويش پيش ڪئي، جنهن جي بنياد تي ڪنهن متڀيد کانسواءِ سڄي دنيا ۾ برداشت ۽ رواداري جو پيغام عام ڪجي.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته اڄ جيڪڏهن هن ڌرتيءَ تي ڪو خطو حقيقي انداز ۾ برداشت ۽ رواداريءَ جي سرزمين سڏائڻ جي مستحق آهي ته اُهو شيخ النهيان جو قائم ڪيل متحده عرب امارات آهي. يو اي اِي جي باني باباءِ قوم ۽ پهرين صدر شيخ زايد بن سلطان النهيان جي زندگي اڻٿڪ جدوجهد سان ڀرپور هُئي، پر هُن جو عظيم الشان ڪارنامو امارات جي ستن رياستن کي هڪ مالها ۾ پروئيندي متحده عرب امارات جي جوڙجڪ هو. يو اي اِي کي عالمي منظرنامي ۾ جداگانه اهميت شيخ النهيان جي ويجنري قيادت ۾ حاصل ٿيو، جڏهن هُن پنهنجي وطن کي جديد سهولتن سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي سڀني شهرين لاءِ دروازا کولي ڇڏيا. ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ان سفر ۾ هُن خوشدليءَ سان برداشت ۽ رواداريءَ تي مبني معاشري کي پروان چاڙهڻ جو سوچيو.

شيخ زيد جو ڳاڻٽيو دنيا جي امير ترين شخصيتن ۾ ڪيو ويندو هو، پر عظيم اماراتي رهنما جي شهرت جو ڪارڻ يو اي اِي جي ڏوراهن علائقن ۾ اسپتالون، تعليمي ادارا ۽ فلاحي قدمن کي عملي جامو پهرائڻ هو. مرحوم شيخ زيد پاڙيسري ۽ دوست مُلڪن جي ڪيترن فلاحي پراجيڪٽس جي عملي امداد به ڪندو هو. شيخ زيد جو چوڻ هو ته الله انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي. تنهنڪري امارات ۾ وسندڙ سڀني ماڻهن کي مُلڪي قانونن جي دائري ۾ رهندي پنهنجي مرضيءَ جي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪرڻ جي آزادي حاصل ٿيڻ گهرجي. هڪ سُٺي حڪمران جو فرض هوندو آهي ته هو اهڙيون رياستي پاليسيون واضح ڪري، جنهن تحت ڪو ڪنهن ٻئي تي پنهنجي راءِ يا مرضي مسلط نه ڪري سگهي. مرحوم صدر النهيان عورتن جي آزادي ۽ مذهبي هم آهنگيءَ جو به قائل هو. هُن پنهنجي دورِ اقتدار ۾ ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن کي عبادتگاهون تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني. متحده عرب امارات کي بُلند ۽ بالا عمارتون، رستن جو ڄار، برق رفتار سفري سهولتن تي مشتمل دنيا جي بهترين انفراسٽرڪچر جي ڪري به ڄاتو ويندو آهي. يو اي اِي جي اُن ترقيءَ ۾ هندو ڪميونٽيءَ جي وڏي تعداد فعال ڪردار ادا ڪيو، پر هڪ طويل عرصي تائين هندو ڪميونٽي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائگي جي لاءِ عبادتگاهه کان محروم هئي. عالمي هندو ڪميونٽيءَ جي روحاني پيشوا پرامُڪه سوامي مهاراج 1997ع ۾ شارجه جي صحرا ۾ ٽن ڳالهين جي لاءِ پراٿنا (خصوصي دعا) ڪئي هُئي. اول دنيا سڄي ۾ امن قائم ٿي وڃي، ٻيو دنيا سڄي جي مذهبن کي مڃڻ وارا هڪ ٻئي جو احترام ڪن ۽ ٽيون متحده عرب امارات ۾ مندر جي تعمير جي راهه هموار ٿي وڃي. آخرڪار هندو ڪميونٽيءَ جي جدوجهد رنگ لاٿو ۽ 2015ع ۾ ابوظهبي جي ڪرائون پرنس مندر جي لاءِ ساڍا تيرهن ايڪڙ ايراضي عطيو ڪري ڇڏيو. قديم فن تعمير جو شاهڪار اهو مندر عظيم اماراتي حڪمرانن جي مذهبي هم آهنگيءَ جو ثبوت آهي.

اڄ متحده عرب امارات جي عظيم باباءِ قوم شيخ النهيان ته اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر موجوده حڪمران به پنهنجي مُلڪ کي برداشت ۽ رواداريءَ جو گهوارو بڻائڻ جي لاءِ مرحوم ليڊر جي ويزن تي عمل پيرا آهن. يو اي اِي دنيا جو واحد مُلڪ آهي، جتي معاشري ۾ برداشت ۽ رواداريءَ جي فروغ لاءِ هڪ باقاعده وزارت قائم آهي. موجوده وزير براءِ رواداري رياستي سطح تي مختلف مڪتبه فڪر جي وچ ۾ هم آهنگي، اعتماد سازي ۽ پاليسي سازي جي حوالي سان مختلف قدم کڻندا رهندا آهن. اهڙي نموني هلندڙ سال براءِ رواداريءَ تحت هلندڙ سال عالمي ڪرسچئين ڪميونٽيءَ جي مذهبي روحاني پيشوا پوپ فرانسس يو اي اِي جو تاريخي دورو ڪيو. هيءُ ڪنهن به پاپائي اعظم جو عرب خطي جو پهريون دورو هو، جنهن جو مقصد الهامي مذهب جي وچ ۾ هم آهنگيءَ کي فروغ ڏيڻ هو. پاپائي اعظم يو اي اِي واري دوري جي موقعي تي جنگ جي تباهڪارين کان پري رهڻ جي تلقين ڪندي عالمي امن کي فروغ جي افاديت تي زور ڏنو هو. اُن موقعي تي متحده عرب امارات ۾ هڪ شاندار انٽرفيٿ ڪمپائونڊ جي قيام جو به اعلان ڪيو ويو هو، جتي دين ابراهيمي جي پيروڪارن جي لاءِ مسجد، گرجا گهر ۽ سيناگاگ گڏوگڏ تعمير ڪيا ويندا.

منهنجي نظر ۾ يو اي اِي حڪومت جو اهو قدم نهايت قابلِ تعريف آهي ته هُن ڪنهن هڪ خاص ڏينهن کي نه بلڪه سڄي سال کي برداشت ۽ رواداريءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ دُبئي ۾ منعقده ورلڊ ٽولرينس ڊي جي اها شاندار تقريب اُن عظيم پيغام جي عملي تصوير پيش ڪري رهي آهي ته خدا جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن. خدا کي خوش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي هر انسان کي اُن جي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق ڏيڻو پوندو. اڄ جيڪڏهن اسان پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي متحده عرب امارات جي برداشت ۽ رواداريءَ تي مبني ڪامياب ۽ امن پسندانه رياستي پاليسين جو مطالعو ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو