بجيٽ اجلاس ۾ مارڪٽ، ڇا اپوزيشن متحد ٿيندي؟

ليکڪ عبدالمجيد بروھي 

ھن بجيٽ اجلاس کان اڳ بـ ملڪ جي ھن باوقار ۽ اعليٰ ايوان ۾ اجلاس ٿيندا رھيا آھن ھن بجيٽ اجلاس کان اڳ بـ جن حڪومتن بجيٽ پيش ڪيو آھي گوڙ ان وقت بـ ٿيندو رھيو آھي نعريبازي ٿيندي رھي آھي اسپيڪر جي ڊائيس جو گھيراء بـ ٿيندو رھيو آھي بجيٽ اجلاس دوران ھن کان اڳ بـ بجيٽ جو ڪاپيون ڦاڙيون ويون  پر ھن سال جيڪوـڪجھ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿيو آھي اھو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏھن بـ ناھي ٿيو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏنھن حڪومت پاران بجيٽ پيش ڪيو ويو تـ ان وقت اپوزيشن پاران شديد نعريبازي سان گڏ سيٽيون وڄائي گوڙ ڪيو ويو  جيڪو اپوزيشن وارا ھر حڪومت ۾ بجيٽ اجلاسن ۾ ڪندا رھندا آھن پر جڏنھن اپوزيشن پاران بلاول ڀٽو پاران بجيٽ تقرير شروع ڪيائين تـ ڪجھ حڪومتي ميمبرن پاران نعريبازي سميت اھڙا غليظ ۽ غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا ويا جيڪي ھتي لکي بـ نٿا سگھجن ان دوران ھڪ حڪومتي ايم اين اي جو مائيڪ ڄاڻي واڻي کوليو ويو جيڪو پ پ پ چيئرمين کي گارگند پڻ ڪندو رھيو ان ميمبر جو مائيڪ ڪنھن کوليو ھيو جڏنھن ڪو ميمبر تقرير ڪندو آھي تـ ٻين ميمبرن جا مائيڪ بند ڪيا ويندا آھن پر ھتي ائين نـ ھيو اھا ذميداري اسپيڪر جي آھي تـ ھو ان ذميواري کي صحي نموني نڀائي ناھي سگھيو ٻئي ڏينھن تي جڏنھن اپوزيشن ليڊر شھباز شريف پاران تقرير جي شروعات ڪيائين تـ ان وقت حڪومتي ميمبر جن کي ذميداري جي مظاھرو ڪرڻ گھرجي ھا جيئن ھميشه ھر حڪومت جا ميمبر اپوزيشن وارن کي چپ ڪري سندن تنقيد کي آرام سان ٻڌي پوء پنھنجي مرضي جو پيش ڪيل بجيٽ منظور ڪري وٺندا آھن پر ھن بجيٽ اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن جو رويو ايترو تـ جارحاڻا ھيو جو سڀ ڪجھ انھن ظاھر ڪري ڇڏيو تـ ھي واقعي ڪنھن جي آشيرواد سان قومي اسيمبلي جي ھن اعلا ايوان تائين پھتا آھن ھنن جو اھو اوقات ئي نـ آھي تـ ھي ھن ايوان تائين پھچن ھا. ھي ڪائونسلر بڻجڻ جا اھل نـ آھن غنڊا گردي ڪري ان وقت جڏھن اھي سڀ جا سڀ ميمبر قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ليڊر شھبازشريف طرف وڌڻ لڳا ايتري قدر جو غليظ الفاظ استعمال ڪرڻ لڳا سندن ھٿ ۾ جيڪو ڪجھ آيو سينيٽائيزر جا بوتل ۽ بجيٽ بڪ اڇلائيندا رھيا جنھن مان ھڪ بڪ اپوزيشن ليڊر جنھن ڊائيس تي بيھي تقرير ڪري رھيو ھيو ان جي مٿان اچي ڪريو حڪومتي ارڪان بئنچن تي چڙھي اپوزيشن وارن کي گاريون ڌمڪيون ڏيندا رھيا شديد ھل ھنگامي بعد اسپيڪر پاران اجلاس ملتوي ڪيو ويو جنھن بعد اسپيڪر پاران اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن مان ڪجھ ميمبرن جي داخلا تي اسپيڪر پاران پابندي لڳائي وئي ھتي حيرت جھڙي ڳالھ اھا آھي تـ اپوزيشن مٿان حملو وزيرن ۽ مشيرن پاران ڪيو ويو جيڪي سرعام وڊيوز ۾ نظر پڻ اچن پيا پر پوء بـ اسپيڪر پاران حڪومتي ڌر جو پاسو وٺندي انھن وزيرن ۽ مشيرن کي آجو قرار ڏيندي صرف ٽن حڪومتي ميمبرن جي اجلاس دوران اسيمبلي حال ۾ داخلا تي پابندي لڳائي حڪومت جو ساٿ ڏنو جڏنھن تـ جن مٿان حملو ٿيو انھن جي چئن ميمبرن تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏيائين جنھن کي اپوزيشن پاران رد ڪندي اسپيڪر کيـڌر ڄاڻائي سندس خلاف بي اعتمادي جو اظھار ڪندي سندس خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي 

اپوزيشن ليڊر شھباز شريف کي گاريون ڏيڻ ۽ سندس خلاف حملو ڪرڻ خلاف پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران اختلافن باوجود پنھنجي امڙ جي نقش قدم تي ھلندي شھباز شريف  سان اظھار يڪجھتي ڪرڻ لاء اپزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ پھچي ساڻس ملي ڪري سندس کان خيريت دريافت ڪري کيس چيو تـ حڪومت ھن وقت بوکلاھٽ جو شڪار آھي سندس رويي مان صاف ظاھر آھي تـ حڪومت وارا راھ فرار طرف وڃڻ جي ڪوشش ۾ آھن اسين ھن وقت بـ اگر اختلافن جي ور چڙھيل رھياسين تـ پوء حڪومت وارا وڌيڪ گند ڪندا ۽ عوام مٿان عذاب برپا ڪندا رھندا ھن اسين ھن وقت سندن جا رستا روڪ ڪري سگھون ٿا توھان ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر آھيو اوھان جي توھين کي اسين پوري ايوان جو تمام اپوزيشن جي بيعزتي سمجھون ٿا اسان اوھان سان مڪمل سھڪار ڪرڻ لاء تيار آھيون ھوڏانھن اھو پڻ ٻڌڻ ۾ اچي پيو تـ اپوزيشن اتحاد پاران حڪمت عملي جوڙي وئي آھي حڪومت کي عوام دشمن بجيٽ  ۾ ناڪام ڪيو ويندو ان جي ڪري پ پ پ پاران بغير ڪنھن شرط جي پنھنجا سمورا ميمبر شھباز شريف جي ھينڊ اوور ڪيا آھن ھاڻي ڏسڻو صرف اھو آھي تـ ن ليگ وارا اپوزيشن کي متحد رکي سگھن ٿا يا جيڪڏنھن سمورا نـليگي ميمبر سچا ٿي ڪري ايوان ۾ اچي حڪومت ووٽ ڪن تـ پوء نـ اسپيڪر رھندو نـ ئي وري ھي نيازي رھندو ھاڻي بال ھنن ن ليگين جي ڪورٽ ۾ آھي ڏسون ٿا اڳتي ھلي اھي پنھـجي ميمبرن کي متحد رکي سگھن ٿا يا نه. Brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو