ايوانن کي آکاڙو بنائڻ واري اسٽيبلشمينٽ جي راند

پروفيسر ڊاڪٽر منصور جتوئي
هن ملڪ ۾ صوبن سان، خاص طور تي ننڍن صوبن سان ٿيندڙ نا انصافين جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري تاريخ هن ملڪ جي آهي. انهن نا انصافين ۽ بي اطمينانيءَ جو ئي نتيجو هو، جو پنهنجي قائم ٿيڻ جي 24 سالن بعد هي ملڪ ٽُٽي ويو. ان جي باوجود حڪمران ٽولن تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ اهائي بي اطميناني موجود آهي. بي اطمينانيءَ جو اهم سبب اهو آهي ته، وسيلن جو وڏو حصو وفاق کڻي وڃي ٿو ۽ وحدتون غير مطمئن رهن ٿيون ۽ اها ئي بي اطميناني آهي، جو وفاق ۽ وحدتن جي وچ ۾ ويڇا وڌندا وڃن. توڙي جو وفاق وٽ صرف پرڏيهي معاملا، بچاءَ ۽ ڪرنسي وارا کاتا هجڻ گهرجن ها، پر وفاق سمورا اختيار پنهنجي مُٺ ۾ رکيا آهن، جنهنڪري وفاق ۽ وحدتن جي وچ ۾ تعلق جي تند ڪمزور ٿيندي رهي آهي. ٻيو ته اسان وٽ پارلياماني حڪومتي نظام کي، ارهه زورائي ڪندي صدارتي نظام وانگر هلايو ويندو آهي ۽ هر ايندڙ حڪمران آئين ۾ پنهنجي مرضيءَ جون ترميمون ڪيون ۽ ان جي صورت ئي مسخ ڪئي وئي پر 2010ع ۾ ارڙهين ترميم جي ذريعي 1973ع جي آئين کي ڪنهن حد تائين ئي صحيح، اصل صورت ۾ آندو ويو ۽ صوبن جا اختيار وڌايا ويا. اهو دور اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو هو ۽ ارڙهين ترميم جو ڪريڊٽ به پيپلز پارٽي کي وڃي ٿو. ان کانسواءِ اين ايف سي ۾ پڻ صوبن جو حصو وڌايو ويو. اها ترميم ته منظور ٿي پر ان ڏينهن کان وٺي وفاق ڪات ڪهاڙا کڻي ان ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي پويان پيل آهي ۽ مختلف وقتن تي مختلف ڌرين جي ذريعي ارڙهين آئيني ترميم خلاف زهريلي پروپيگنڊا ٿيندي رهي آهي. مرڪزيت پسندن کان اها آئيني ترميم ختم ڪرڻ لاءِ مهم هلرائي ويندي آهي ۽ هن ڀيري به ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ان مهم تي لڳايو ويو آهي.
8 فيبروري جي چونڊن جي نتيجي ۾ جڙندڙ نئين مخلوط حڪومت ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان گڏ ايم ڪيو ايم پاڪستان پڻ شامل آهي پر ان اٿندي ئي پنهنجي روايتي بليڪ ميلنگ جو مظاهرو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم قيادت چاهي ٿي ته ارڙهين آئيني ترميم ختم ڪرڻ لاءِ زور وڌو وڃي. توڙي جو صدر مملڪت جي منصب تي نئين حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ آصف علي زرداري هوندو ۽ اتان آسانيءَ سان ان ترميم جي رول بيڪ ٿيڻ وارو ڪم شايد ممڪن نه هوندو، جيڪا ڳالهه يقينن ايم ڪيو ايم قيادت پڻ سمجهي ٿي پر هن وقت، جڏهن نئين حڪومت پنهنجي جوڙجڪ جي اوائلي مرحلن ۾ آهي، ايم ڪيو ايم طرفان اها گهر دراصل حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ آهي ته جيئن وڌ ۾ وڌ مفاد حاصل ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم طرفان مرڪزي حڪومت ۾ چار وزارتون گهريون ويون آهن، جڏهن ته هميشه جيان هن ڀيري به سنڌ جي گورنر جو منصب ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي خواهش آهي ته موجوده گورنر ٽسوري کي برقرار رکيو وڃي يا وري عشرت العباد جهڙو ڪو ٻيو گورنر ايم ڪيو ايم جي گودڙي مان نڪري نروار ٿيندو. جيئن ته سنڌ جي گورنر جي منصب جي لاءِ ماڻهو مسلم ليگ (ن) کي تجويز ڪرڻو آهي ۽ اهو سمجهيو ويو پئي ته شايد مسلم ليگ (ن) طرفان بشير ميمڻ کي اهو عهدو ڏنو ويندو پر تازين خبرن موجب نواز ليگ ايم ڪيو ايم سان گورنر جي منصب ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، ڇو ته ايم ڪيو ايم وٽ 22 سيٽون آهن. اهو پڻ ممڪن آهي ته بشير ميمڻ لاءِ ڪا ٻي گنجائش ڪڍي وڃي.
جڏهن اڃان حڪومت سازي جون ڪوششون ڊيڊ لاڪ جو شڪار هيون ۽ ملڪ جي خراب معاشي حالت جي ڪري ڪوبه پنهنجي ڳچيءَ ۾ اها گهنڊڻي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هو ۽ ميان نواز شريف کي اها ئي ڪاوڙ هئي ته جڏهن کيس لنڊن مان 3/2 اڪثريت جي واعدي تي آندو ويو ته پوءِ کيس سادي اڪثريت به نه ڏني وئي. جنهن کانپوءِ نواز ليگ مرڪزي حڪومت ٺاهڻ جي موڊ ۾ نظر نٿي آئي ۽ اهڙو اظهار خواجه سعد رفيق کان بيان ڏياري پڻ ڳالهه اسٽيبلشمينٽ جي ڪنن تائين پهچائي وئي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ ملڪ جي خراب معاشي حالت جي ڪري اهو ڳرو بُنڊ کڻڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري اهو واضح نموني چئي چڪو هو ته پيپلز پارٽي اپوزيشن ۾ ويهندي. جنهن کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ڏينهن جو تارا نظر اچڻ لڳا ۽ راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا جي ذريعي ڌانڌلي واري اعتراف جي پريس ڪانفرنس جتي نئون پينڊورا باڪس کولي مشڪلاتون ته پيدا ڪيون پر ان سان اسٽيبلشمينٽ جو ڪم ڪنهن حد تائين سهل ضرور ٿيو. جنهن کانپوءِ اصل اقتدار ڌڻين نواز ليگ کي اهو سبق سولي ٻوليءَ ۾ سمجهايو ويو ته جيڪڏهن وفاق ۾ حڪومت نٿا ٺاهيو ته پنجاب حڪومت به نه ملندي. جنهن کان پوءِ نواز ليگ کي لياقت علي چٺا جي ڌانڌلين جي الزام واريون سيٽون به گهٽجندي نظر آيون، جنهن خوف ميان صاحب جون پليٽليٽس وڌيڪ ڪيرائي ڇڏيون. ٻئي طرف “پرنس چارمنگ” کي پڻ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي وئي ته وفاقي حڪومت ۾ نواز ليگ سان اقتدار ۾ ڀائيواري نه ڪئي وئي ته سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهڻ نه ڏني ويندي ۽ اهڙي ريت پير پاڳاري کي اڳ ئي ميدان تي آندو ويو هو. اهڙن دڙڪن ۽ اقتدار مان محروميءَ واري خوف کانپوءِ پيپلز پارٽي جي انائن جا ڀاري برج ڊهي پيا ۽ اها نواز ليگ سان گڏ حڪومت ٺاهڻ لاءِ راضي ٿي وئي. اها جدا ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي دٻاءُ جون اٽڪلون استعمال ڪري اقتداري ڪيڪ جو پنهنجي حيثيت کان ڪجهه وڌيڪ حصو حاصل ڪري وئي آهي.
هڪ پاسي ته ان راند سان اسٽيبلشمينٽ سياسي رقابت جي انتهائن تي، 180 ڊگرين تي بيٺل ٻن سياسي پارٽين کي گڏ ويهارڻ لاءِ راضي (مجبور) ڪري ورتو ته ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن کي سني تحريڪ ۾ شموليت ڪرائي وئي ۽ اهڙي نموني سان مذهبي عنصر کي ايوانن تائين رسائي ڏيئي ان کي مستقبل ۾ جنگ جو ميدان بنائڻ ۾ وسان نه گهٽايو ويو. هاڻي ايئن ٿيندو ته پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار، جيڪي سني تحريڪ ۾ شامل ٿيا آهن، اهي پارليامينٽ ۾ آسانيءَ سان ڪابه قانوني سازي ٿيڻ نه ڏيندا ۽ سخت مخالفت واري ماحول ۾ ايوان کي هموار نموني سان هلائڻ ۽ عوام جي مفاد ۾ قانون سازي ڪرائڻ مشڪل بڻجي ويندو ۽ اهڙي نموني سان اسٽيبلشمينٽ ٻٽي راند ڪري مستقبل ۾ مهارون مڪمل طرح پنهنجي گرفت ۾ ڪرڻ جو اهتمام ڪري ورتو آهي. نواز ليگ ۽ پ پ پ جي قيادت جي راضپي جو گيهه سڌي آڱر سان نه نڪري ها ته انهن سياسي ڌرين کي خبر آهي ته اهي ٽيڙهي آڱر سان گيهه ڪڍڻ ۾ به مهارت رکن ٿا. انهن اصل حڪمرانن وٽ ڪنهن کي هيرو مان زيرو ۽ زيرو مان هيرو بنائڻ جا سڀ گر موجود آهن. اهوئي خوف هو، جنهن نواز ليگ ۽ پ پ پ کي اقتدار جي پاڃاريءَ ۾ جوٽي ڇڏيو ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر ته انهن ٻنهي پارٽين کي اسٽيبلشمينٽ ڏاج ۾ ڏنا آهن، جيڪي انهن جي ڪرسيءَ کي لوڏيندا رهندا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هي زوريءَ جو نڪاح ڪيترو ٿو هلي!

هي آرٽيڪل روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو
اداري جو هن آرٽيڪل جي مواد سان متفق هجڻ ضروري ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو