او همسفر او همنوا

تحريرعائشه نور احمداني

هر انسان جي زندگي ۾ ڪا نه ڪا اهڙي شيءَ ضرور هوندي آھي جنهن جو اڻھونڌ اونهي اونڌاهي جو احساس ڏياريندو آھي ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻڪ  زندگي جي ديورا ۾ ڏار پئجي ويا هجن نتيجي ۾ انسان پنهنجي اندر هڪ تبديلي محسوس ڪندو آھي، هڪ اهڙي تبديلي جيڪا انسان پاڻمرادو ڪڏھن به نه چاهيندو آھي پر فطرت جا هٿ تمام وڏا هوندا آھن جيڪي هر محرڪ جي ڪلهي تي اچي کپندا آھن. اڄ آئون پنهنجي وجود جي حصي سان مخاطب ٿيڻ چاهيان ٿي جنهن جي اڻھونڌ منهنجي مزاج جا مهانڊا ئي مٽائي ڇڏيا آھن.اي منهنجي زندگي کي رنگدار بڻائڻ وارا؛ شايد توکي اکيون نه هجن ھا ته آئون هن دنيا کي  ڏسي نه سگهان ها. تو بنا منهنجي زندگي رستي تي پيل ان ڪاڳر جيان آھي جيڪو هوائن ۾ اڏري، هِت هُت ڀٽڪي ٿو، ائين ته هن گول دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون آھن جن سان محبت ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏھن سچ پڇين ته تنهنجي سدائين گڏ ھجڻ هميشه مونکي اتسايو ۽ مظبوط بڻايو آھي. آئون تو سواءِ ائين آھيان جئين گل بنا ڀنور، آئون نٿي ڄاڻان ته تنهنجي سيني ۾ دل به آھي الاءَ ڪو نه، شايد اهو ئي سبب آھي جو تون هميشه خاموش هوندو آھين. منهنجي اکين کي نور سان پُر ڪرڻ وارا؛ آئون تو بن بلڪل به انڌي آھيان، جي تون هٿ ڇڏيائي وڃين ته آئون رستي تي پيل ڪنڊو به نه ڏسي سگهان. انڪري تنهنجو هر وقت مونسان گڏ ھجڻ مون لاء بهار جو سنڪيت آھي، آئون فطرت جي اڪثر محرڪن سان رهي ڏٺو آھي پر جيڪا سچائي، وفاداري ۽ پنهنجائپ تو ۾ آھي شايد ڪنهن به شيءِ جي اندر اهڙيون ڪي خوبيون موجود نه آھن، تنهنجي اکين سان مونکي هي دنيا رنگدار ڏسجي ٿي، فطرت جو هر نظارو بالغ ڇوڪري جيان لڳي ٿي، جي تون کن پل لاءِ مونکان ڏور رهين ته دنيا جا سڀ عڪس مونکي ڌنڌلا نظر اچن.  هي دنيا جنهن جون سڀئي ديوارون دوکي جي گاري سان اڏيل آھن اتي تون مون لاءِ هڪ مضبوط سهارو بڻيل آھين جيڪي شيون منهنجي اکين کان اوجھل آھن سي تنهنجي ڪرپا سان آئون با آساني سان ڏسي سگھان ٿي. آئون ڌنڌلن عڪسن کان ڪيترا ئي دوکا کائي چڪي آھيان پر تنهنجي وفاداري ئي آھي جنهن جي ڪارڻ آئون جيون جي سڀني مشڪلاتن سان مونهن ڏيان پئي. منهنجا همسفر دوست آئون هڪ لاپرواھ ڇوڪري آھيان، لاپرواھي جي ڪارڻ آئون ڪيترائي گھاءُ ماڻي چڪي آھيان ڪڏھن ٽيبل سان ٽڪرائجي پوڻ، ڪڏھن ڏاڪڻ تان لهندي ٿاپڙجي پوڻ مطلب تنهنجي غيرموجودگي ۾ مون سدائين ٺوڪر ئي کاڌا آھن مون هميشه پاڻ کي تنهنجي ئي آغوش ۾ محفوظ پاتو آھي، تنهنجون اکيون ڄڻڪ منهنجون اکيون آھن. اي منهنجي زندگي کي آسائشون بخشڻ وارا اڄ آئون تو بنا پنهنجي اکين جو نور وڃائي ويٺي آھيان. اڄ جڏھن مون آئيني ۾ ڏٺو ٿئي ته مونکي منهنجو عڪس به ڌنڌلو ئي نظر پئي آيو، اڄ هي دنيا سرمائي لڳي ٿي ڄڻڪ دنيا جا سڀئي رنگ اونڌانهي جي ڇاتي تي سُمھي پيا آھن تو سواءَ هاڻ مونکي اهو رستو ئي نه پيو ملي جتان آئون آئي هيس. اي منهنجا پيارا “چشما“ تو بنا ته آئون تنهنجي ٽُٽل شيشن جي ٽڪڙن کي به نٿي ڏسي سگهان

پهنجو تبصرو موڪليو