انصاف جي ابتدا يا احتساب جي انتھا؟

اعجاز منگي
تحريڪ انصاف ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ اندر انصاف لاڳو نه ڪيو پر گذريل ڏينھن انصاف لاڳو ٿيڻ ۾ ھن جي چونڊ ضرور ڪئي. ھاڻي ملڪ جي تاريخ ۾ پارٽين اندر جمھوريت جو جھنڊو جھولائڻ ۾ پي ٽي آءِ جي ان قرباني کي ياد ڪيو ويندو، جيڪا ھن پاڻ نه ڏني پر ھن کان زوريءَ زبردستي ورتي ضرور وئي.
انٽرا پارٽي اليڪشن ھن ملڪ ۾ ڪڏھن به ڪو حساس معاملو نه رھيو آھي. پاڪستان ھن مھل تائين ڪنھن به رجسٽرڊ پارٽيءَ کان ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان پڇا نه ڪئي وئي ھئي. ان ڪري اھو معاملو پارٽيءَ جي سربراھ يعني چيئرمين يا صدر تائين ته ڇا پر تنظيمي خانا پوريءَ لاءِ مقرر ٿيل جنرل سيڪريٽريءَ تائين به نه پھچندو ھو. ان لاءِ گھڻو ڪري سينٽرل ڪميٽيءَ جي ڪنھن سينئر اڳواڻ کي به تڪليف نه ڏني ويندي ھئي. پارٽيءَ جي رڪارڊ کي قانوني طور تي “مينٽين” رکڻ لاءِ جيڪو ڪلارڪ ٽائيپ ڪردار ھوندو ھو، اھو پارٽيءَ جا فائيل قيادت جي مرضيءَ مطابق ٺاھي رکندو ھو. پر ھاڻي ائين نه ٿيندو، ڇو ته تحريڪ انصاف مٿان انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ قاعدن جو جيڪو قانوني استعمال ٿيو آھي ۽ جھڙي طرح عوامي سطح ملڪ جي مقبول پارٽي مُني مھيني کان پوءِ ٿيندڙ اليڪشن ۾ پنھنجي مشھور چونڊ نشان کان محروم ڪئي وئي آھي، ان کان پوءِ ھاڻي ھر پارٽي تنظيم اندر چونڊ جي معاملي ۾ سنجيدگي جو مظاھرو ڪندي. حالانڪه اھو به عجيب الميو آھي. اھا ھڪ حقيقت آھي ته جماعت اسلاميءَ کان پوءِ تحريڪ انصاف پاڪستان جي اھا پارٽي رھي آھي، جنھن مثبت مثال قائم ڪرڻ جي لاءِ پارٽيءَ اندر ھڪ حد تائين آزاد چونڊون به ڪرايون ھيون. جيتوڻيڪ اھو واقعو نئون نه آھي پر جڏھن تحريڪ انصاف جي ڪپتان کي محسوس ٿيو ته پارٽيءَ اندر جمھوري سسٽم پيدا ڪرڻ سان تنظيم ۾ مقابلي ۽ ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان چٽاڀيٽيءَ جو رجحان پارٽيءَ لاءِ بھتر ٿيندو ته ھن اھو قدم به کنيو. پر پوءِ اھڙا تجربا ڪرڻ بعد ھو به سمجھي ويو ته ھن جا ورڪر اڃان تائين ان قابل نه ٿيا آھن، جو انھن کي اھڙي مثالي جمھوريت آڇي وڃي. پر پارٽيءَ ۾ پنھنجي مرضي ھلائڻ سان گڏ جيڪڏھن تنظيمي نظم ۽ ضبط جو ڪجھ نه ڪجھ مظاھرو ٿيندو ھو ته اھو پ پ ۽ ن ليگ کان وڌيڪ ان پارٽيءَ اندر ئي ٿيندو ھو، جنھن جي پھرين صف واري قيادت جيل ۾ ۽ ٻين صف واري قيادت ويل ۾ آھي.
انگلينڊ جي تمام ذھين عالم ۽ مفڪر پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب “مغربي فلسفي جي تاريخ” يعني (History of Western Philosophy) جي ابتدا ۾ لکيو آھي ته: ھي ان دور جي ڳالھ آھي جڏھن “عقيدو سائنس خلاف ھڪ ھارائيندڙ جنگ وڙھي رھيو ھو”. ساڳي طرح سان تحريڪ انصاف جي قيدي توڙي آزاد قيادت کي به اھو احساس ھجڻ کپندو ھو ۽ شايد ھو به ته ھو سپريم ڪورٽ ۾ انتخابي نشان جي حوالي سان ھڪ ھارائيندڙ ڪيس وڙھي رھيا آھن. پر ممڪن آھي ته “آخري بال” تائين کيڏڻ جو مقصد ان سسٽم کي بنھ وائکو ڪرڻ ھو، جيڪو ھن مھل تحريڪ انصاف کي احتساب جي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙھي بيٺو آھي. ھن وقت تحريڪ انصاف جي ڪوشش آھي ته ھن مٿان جيڪي به سياسي ستم ٿين، سي ٿين ته جيئن عوام جي دل ۾ انھن لاءِ پيدا ٿيل ھمدرديءَ جو مقدار وڌي وڃي.
تحريڪ انصاف لاءِ ھمدرديءَ جو گراف مسلسل وڌي ته رھيو آھي پر ھن وقت اھا عوامي ھمدردي ھن لاءِ ڪاميابيءَ بدران مشڪل صورتحال پيدا ڪرڻ جو سبب به بڻجي رھي آھي، ڇو ته جنھن جنھن ملڪ ۾ مشروط ۽ محدود جمھوريت جو نظام ھلندڙ ھوندو آھي، ان ملڪ ۾ لامحدود عوامي مقبوليت ھڪ اھڙو عيب بڻجي ويندي آھي، جيڪو ملندڙ اقتدار جي راھ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻبو آھي. اھوئي سبب آھي ته اڄ پنجاب ۾ عوامي سپورٽ تلاش ڪندڙ پارٽي يعني پيپلز پارٽيءَ جي قيادت شعوري طور تي عوام بدران اسٽيبلشمينٽ سان ويجھو ٿيڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪيو ھو ۽ ڪالھ تائين پاڻ کي نظرياتي سياسي اڳواڻ بڻائي پيش ڪندڙ ميان نواز شريف اڄ ساڳي گاڏيءَ ۾ سوار آھي، جنھن مان ڪڏھن ھن کي لاٿو ويو ھو.
پاڪستان ۾ مثالي يعني مغربي جمھوريت جو جھنڊو ڪا بh پارٽي جھولائي نه ٿي سگھي، ڇو ته جمھوريت جي ھن مھل تائين قبول ڪئي ويندڙ وصف جي مطابق، “جمھوريت عوام جي، عوام پاران، عوام لاءِ” ھڪ اھڙو نظام آھي، جيڪو معاشري سان گڏ وڌي ويجھي ٿو ۽ جيڪو طريقهء پيداوار کان وٺي ملڪ جي معاشي ۽ انتظامي سسٽم سان جڙيل آھي. ھونءَ ته جمھوريت ۽ جاگيرداري يعني ڀوتاري ۽ سرداري سان پاڻ ۾ گڏ ھلي نه ٿيون سگھن، ڇو ته ٻنھي جي ڪيفيت ۽ ڪيمسٽري نه رڳو مختلف پر متضاد به آھي. پر پاڪستان ۾ اھو فارمولو ڪڏھن به اليڪشني ۽ اقتداري فتح جو ڪارڻ بڻجي نه ٿو سگھي، ڇو ته ھن ملڪ ۾ ھاڻي مقبول پارٽي ان ماڻھوءَ کي ٽڪيٽ ڏئي ٿي، جنھن ماڻھوءَ جي کيسي ۾ نوٽ ۽ حلقي ۾ ووٽ ھجن.
ھن دور ۾ مقبول پارٽيون پاڻ کي مجبور بڻائي ويٺيون آھن ته ۽ ھو به مشھور ۽ متحرڪ توڙي وفادار ورڪر کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ بدران اھڙي اليڪٽيبل (Electable) کي پنھنجي سياسي آغوش ۾ سمائڻ لاءِ تيار رھن ٿيون، جيڪو نه صرف اليڪشن جو خرچ کڻي پر پارٽيءَ کي فنڊ جي نالي ۾ ٽڪيٽ جي قيمت به ادا ڪري سگھي ۽ ان سان گڏ پاڻ کي جوڙ توڙ سان ڪامياب ڪرائڻ جو فن ۽ ڌن به رکندو ھجي. اھوئي سبب آھي ته ھن وقت پاڪستان جي پارلياماني سياست بنا پئسي ٿيڻ جو تصور ڪرڻ به پنھنجي مٿان خلق کلائڻ جو باعث قرار ڏنو وڃي ٿو. جڏھن ملڪ ۾ مشروط نظام واري محدود اقتدار مٿان وڏيون پارٽيون متفق آھن ته پوءِ اھڙي دور ۾ عوامي ھاٿين کي احتجاجي ھندوستان ڏيکارڻ جي سزا ته ھر صورت ۾ برداشت ڪرڻي پوندي. جڏھن ملڪ جا چڱا ڀلا ۽ نھايت نظرياتي فڪر ۽ نظر رکڻ وارا سياسي مبصر به اھڙيون ڳالھيون ڪن ته پوءِ “البرٽ پنٽو” جي ڪاوڙ ڪرڻ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو پر پاڪستان ۾ اقتدار جي مسند تي ويٺل ھر البرٽ پنٽو کي اھو علم به آھي ته ھن ملڪ ۾ جمھوريت ھڪ اھڙي اوٽ آھي، جنھن جي سھاري آمريت ڪنھن حد تائين لڪائي ويندي آھي ته پوءِ آمريت کي بنھ وائکو ڪرڻ جو ڪم خطري کان خالي ڪئين ٿي سگھي ٿو؟
تحريڪ انصاف 9 مئي جي ڪارروائي ڪئي يا نه ڪئي، اھو ھڪ الڳ بحث آھي ۽ ممڪن آھي ته ايندڙ وقت ان معاملي کي وڌيڪ واضح به ڪري پر ان حقيقت کان تحريڪ انصاف جا عمليت پسند (Pragmatic) اڳواڻ به انڪار نه ڪري سگھندا ته ڪپتان پنھنجي ٽيم کي ڀلي واضح ھدايتون نه ڏنيون ھجن پر پوءِ به غيرواضح انداز ۽ غير منظم اسٽائيل سان معاملو ان طرف وڌي ته رھيو ھو، جنھن جو ڀرپور مظاھرو 9 مئي جي ان ڏينھن ٿيو، جنھن ڏينھن به تحريڪ انصاف جي قيادت تڪڙ ۾ اھڙي احتجاج کان لاتعلقي جو اظھار ڪرڻ بدران “ترسو ۽ ڏسو” واري پاليسي اپنائي. تحريڪ انصاف جي دل ۾ اسٽيبلشمينٽ کي دٻاءَ ھيٺ آڻڻ واري خواھش ته منڍ کان وٺي ھئي. اھا الڳ ڳالھھ آھي ته ان قسم جي باقاعده پلاننگ نه ڪئي وئي. پر پوءِ به جيڪو ڪجھ ٿيو، اھو پاڪستان جھڙي ملڪ جي حساس قوت لاءِ برداشت ڪرڻ جھڙو عمل نه ھو. اھوئي سبب آھي ته تحريڪ انصاف کي في الحال نه صرف اليڪشن پر پوري اقتداري سسٽم مان “آئوٽ” ٿيڻ جو واضح پيغام به پھچايو ويو آھي.
سياست ۾ انتظار تمام اھم ۽ بيحد ضروري معاملو قرار ڏنو ويندو آھي. تحريڪ انصاف منڍ کان وٺي تڪڙ جو مظاھرو ڪيو آھي. اھا تڪڙ ان ڏينھن به ڪئي وئي، جنھن ڏينھن جو ڏنڊ ھن مھل تائين ان پارٽيءَ کان ڀرايو پيو وڃي، جيڪا قيادت جي حوالي سان ته ڪڻو ڪڻو ٿي چڪي آھي پر ان جو عوامي مقبوليت جو بنياد ايترو مضبوط آھي، جو ھن جا مخالف به ان حقيقت کي مڃڻ لاءِ مجبور آھن.
سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينھن واري ڪارروائيءَ ۾ جيڪي به موڙ ۽ مرحلا آيا، انھن مان ملندڙ پيغام سمجھڻ مشڪل نه آھي. جيڪڏھن رياست نه چاھي ته سياست اقتدار ۾ اچڻ جو صرف سعيو ئي ڪري سگھي ٿي. تحريڪ انصاف جي ھن مھل پاليسي صرف ۽ صرف سسٽم مٿان پريشر وڌائڻ نه ته گھٽ ۾ گھٽ قائم رکڻ واري آھي. ڪوئي ڪجھ به چوي ۽ ملڪ جي ميڊيا کي محدود رکڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون وڃن پر سوشل ميڊيا جي سرڪش گھوڙي کي لغام ڏيڻ ايترو آسان ناھي. تحريڪ انصاف جي دائري ۾ ايندڙ جيڪي ماڻھو ۽ جيڪو مواد موجود آھي، اھو ڪٽڻ کان پوءِ به ان پارٽيءَ جي حيثيت کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي. تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ڪارڪنن کي سزا ڏيڻ واري عمل سان اتفاق ڪرڻ کان پوءِ به تحريڪ انصاف وارو مامرو ھڪ سياسي نبيري جي ڀرپور تقاضا ڪري رھيو آھي. پي ٽي آءِ کي ڀلي پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي طور تي تسليم نه ڪيو وڃي پر پھاڙن کان وٺي ميدانن ۽ سامونڊي ساحلن تائين پنھنجو نالو ۽ حوالو رکندڙ پارٽيءَ کي بليڪ بورڊ تي چاڪ سان لکيل ڪجھ لفظن وانگر ميساري ڇڏڻ ته ممڪن ناھي. ھن مھل تحريڪ انصاف کي ملڪ خلاف بغاوت ڪرڻ کان وٺي انٽرا پارٽي اليڪشن تائين جن جن معاملن جي سزا ملي رھي آھي، ان ۾ ملڪ جي باقي سمورين سياسي پارٽين جي لاءِ ھڪ سبق به آھي ۽ ھڪ ڀرپور پيغام به! جڏھن ته تحريڪ انصاف جو جيڪو حصو جيل ۽ جيڪو حصو روپوشيءَ واري ويل کي ڀوڳي رھيو آھي، ان جو نيٺ به ته ڪو نبيرو ٿيندو. تحريڪ انصاف جنھن کي “جنون” ڪوٺي رھي آھي ۽ پي ٽي آءِ جا مخالف جنھن کي “جھالت ۽ بداخلاقي” قرار ڏئي رھيا آھن، ان معاملي مٿان جيترو دٻاءُ آھي، اھو دٻاءُ آخر ڪيترو وقت قائم رھي سگھندو؟ پاڪستان جي مخصوص سياسي ماحول ۾ پي ٽي آءِ جي نالي ۽ حوالي سان جيڪو به پريشر ڪٺو ٿي رھيو آھي، ان جو علاج مڪمل طور تي وقت جي حوالي ڪرڻ وارو عمل به حڪومت مخالف محسوس ٿي رھيو آھي. ايندڙ حڪومت پنھنجي مٿان ان سياسي دٻاءَ کي ڪيئن اڪلائيندي؟ ان سوال کان وڌيڪ اھم ۽ وقتائتو سوال اھو آھي ته انصاف جو شروع ٿيل اھو سلسلو پنھنجي مخصوص رفتار ۾ روان دوان رھندو يا احتساب جي ان پاڻيءَ ڇڏڻ جو مقصد پي ٽي آءِ کي ھڪ سياسي ٻيٽ ۾ تبديل ڪرڻ ھو؟ صرف اسان جو ملڪ نه پر عالمي تاريخ به اھو ڏس ڏئي ٿي ته بيابان ۾ ھر ڌڪ ھڪ دڳ جو بنياد وجھندو آھي. تحريڪ انصاف مٿان آيل شامت ۾ ٻيون ڌريون به شامل ٿيڻون آھن. پوءِ اھي چاھين يا نه چاھين!!
هي آرٽيڪل پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو
اداري جو هن آرٽيڪل جي مواد سان متفق هجڻ ضروري ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو