انساني حقن جو عالمي ڏينھن

سنڌو سڪينا

ٻئي جنگ عظيم کان پوءِ دنيا ان ڳالهھ سان متفق ٿئي ته جنگين جا اثر انسان ذات تي نه پوڻ گھرجن ـ 1945۾ اقوام متحدا انساني حقن قدر ۽ قيمت زندگي جي معيار کي بھتر طريقي سان محفوظ ڪرڻ ايندڙ وقت ۾ انساني حقن کي دنيا ۾ لاڳو ڪرڻ  لاء جدوجھد شروع ڪئي ۽ ان کي انسانن جي الگ حقن جي دستاويز طور پيش ڪيو ـ انسانذات جي حقن لاء ھڪ باھمي متفق راء کي منظور ڪرڻ ۾ 3سال لڳي ويا ـ 10 ڊسمبر 1948 تي اقوام متحدا عالمي جنرل اسيمبلي ۾ سڀني انسانن لاء ھڪ معياري قانون جوڙيو ويو ـ اقوام متحدا جي انھي قانون مطابق دنيا جا مرد عورتون ٻار انھي قانون مان فائدا حاصل ڪري سگھندا ـ اقوام متحدا جي انھي قانون کي 30 شقن تي جاري ڪيو ويوـانھي ۾ واضح طور اعلان ڪيو ويو ته سڀ انسان آزاد پيدا ٿيا آھن تنھنڪري پنھنجن حقن لاء ھڪجيترا برابر آھن ۽ پنھنجي زندگي بنا ڪنھن ڊپ خوف دٻا کان آزاد گذاري سگھن ٿا ـ قانون ھر ڪنھن کي تحفظ فراھم ڪندو ھر انسان کي پنھنجي جان مال جي تحفظ جا حق آھن ڪنھن کي به غلامي جسماني انسانيت سوز سزا نه ڏني ويندي ڪنھن شخص کي بنا قاعدي جي نظر بند جلاوطن نه ڪيو مقدمن جي سماعت آزاد ۽ غير جانبدار ھوندي ڪو به ڪنھن جي نجي زندگي خط وڪتابت ۾ دخل اندازي نه ڪندو ـ ٻين ملڪن ۾ پناھ وٺڻ ۽ ملڪيت ٺاھڻ  شھريت ۽ شادي جو حق ھوندو پنھنجي راء رکڻ ۽ ان جي لاء  اظھار جي آزادي ھوندي ووٽ ۽ حڪومت ۾ حصي وٺڻ  جو حق ھوندو ـ اقوم متحدا جو 30 شقن وارو قانون دنيا جي 500ٻولين ۾ ترجمون ٿيل آھي ۽ دنيا جا انسان انھي قانون مان فائدا وٺي رھيا آھن ـ ھر ملڪ۾ انساني  ڀلائي جا قانون ٺھيل آھن پر اھي قانون تڏھن ئي پائدار ثابت ٿيندا جڏھن رياست انھي جو ذمو صحيح طريقي سان ادا ڪندي ـ معاشري ۾ رھندڙ سڀني فردن جي ضرورتن گھرجن جي پورائي لاء مناسب بندوبست ڪندي ۽ ان سان گڏ معذورن لاء به ڀلائي وارا پروگرام جوڙيا وڃن ته جيئن اھي به معاشري جي ٻين فردن جيان زندگي گذاري سگھن رياست جھالت بيروزگاري بک بدحالي جي پاڙ پٽي شھرين لاء سازگار ماحول پيدا ڪندي رياست جي بنيادي فرضن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ملڪ اندر بھتر انتظام ھلائڻ امن واري زندگي مھيا ڪرڻ رياست جو اولين فرض آھي ـ اسان وٽ رياست جو سسٽم تباھ ٿيو پيو آھي ڪنھن جي جان مال محفوظ نه آھي پل ۾ ڪو قتل ته ڪو اغوا ته ڪنھن سان زيادتي ٿيو وڃي پر رياست بيان تائين محدود آھي ۽ انصاف پري پري تائين نظر نٿو اچي ـ

جيڪا رياست  فردن جي ڀلائي بھتري ۽ فردن جي ٔحقن کي ترجيح ڏي ٿي ته اتان جا شھري محب وطن بھادر ايماندار ۽ سچا ٿين ٿا ڳوٺ جھر جھنگ کان شھر تائين ڏسجي ته ھر ڏاڍو ھيڻي تي قابض آھي ـ رياست جو ذمو آھي ته  فردن سان ھر طرح جي ڏاڍ لاء عملي قدم کڻي سڀني فردن کي ترقي جا ھڪجيترا موقعا ڏي رياست شھرين کي جھالت غربت ڦرلٽ جو شڪار ٿيڻ نه ڏيندي ته معاشري مان ڏوھن جو خاتمو ايندو ـ

انساني حقن جي پاسداري نه ٿيندي سڀني فردن کي ھڪجھڙا حق ۽ انصاف نه ملندو ته معاشرو رياست بد نظمي بي حيائي بد حالي غير تحفظي ۽ وڳوڙن جي ور ٿيو وڃي انھي جو نتيجو اڄ سڀني جي سامھون آھي ھر روز ڏوھن جي ڀر مار لڳي پئي آھي ـ

جڏھن رياست اڻبرابري اميري غريبي شھري ٻھراڙي ۽ قومي وسيلن جي برابري تي ورڇ ڪندي ته فرد به وطن تان ھر طرح جي قرباني ڏيڻ کان نه ھٽندا ـ

ٻني ۾ ھارپو ڪندڙ ھجي يا ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندڙ ھجي يا آفيس ۾ ملازمت ڪندڙ ھجي جيڪڏھن اتي انھـن فردن سان متٿيد وارو رويو ھوندو انھن جي حقن جي پاسداري نه ٿيندي ته معاشري ۾ ان جا نتيجا ڪڏھن  ۽ ڪٿي به سنگين نڪرندا آھن ـ نه صرف اسلام پر دنيا جا ڪيئي مذھب يا ملڪن ۽ رياستن جا قانون ڪنھن سان به لاقانونيت اڻبرابري تعصبي رويي ظلم ناانصافي تشدد جي اجازت نٿو ڏي. مسلمان الله ۽ رسول جا انساني  حقن جا ٺاھيل قائدا ۽ قانون پاڪ ڪتابن تائين محدود ڪري ڇڏيا آھن ربالعالمين فرمائي ٿو ته توھان زمين تي رھڻ وارن تي رحم ڪريو ته آسمان وارو توھان تي رحم ڪري ـ رب جي انھي حڪم مان اھو صاف ظاھر آھي ته زمين تي رھڻ وارا صرف انسان نه آھن ڇو ته زمين تي ھڪڙي ننڍڙي ماڪوڙي به رھي ٿي اھا به رب جي انھي رحم واري حڪم ۾ اچيو وڃي ـ

اڄڪلھ ته انسانيت ۽ رحمدلي صفا موڪلائي وئي آھي انسان جديد دور ۾ ته رھن پيا پر دليون پٿر جون ٿي ويون آھن ـ انساني بنيادي مفھوم مطلب ۽ فلسفو گھڻي قدر موڪلائي ويو آھي اسان وٽ اڄڪلھ ھر روز انساني حقن جي تذليل ڪندي انسانيت سوز واقعا جنم وٺي رھيا آھن جو انسانيت ته شرم کان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي پر انسانيت جو ڪنڌ جھڪائڻ وارن جو ڪير گلو پڪڙڻ وارو نه آھي ـ

اقوام متحدا انساني حقن جو قانون وارو چارٽ 1948 ۾ ٺاھيو پر اسان ڏسون ته اسلام انسانن لاء ڪڏھن ۽ڪھڙا قانون جوڙيا ـ اسلام انسانن جي راھ ۾ تڪليف يا رڪاوٽ واري شي يعني پٿر ھجي ته ان  کي به ھٽائڻ جو حڪم ڏنو آھي ـ پر اڄ انسانيت سوز واقعن ته ايترو معاشري کي ھيسائي ڇڏيو آھي جو اسلام کي امن جو مذھب ۽ سنڌ کي محبت جو مقام وارا لفظ ڏيندي زبان ساٿ ڏيڻ لاء تيار نه آھي ـ

اسان پنھنجي معاشري ۾ ھڪجھڙائي برابري ۽ ھڪ ٻئي جي حقن ۽ راين جو احترام نه ڪنداسين ته دنيا ۾ پنھنجو مقام وڃائي وھنداسين ـ انسان جي پنھنجي معاشري ۾ جيڪڏھن پاڻ جھڙن انسانن کان تذليل جو شڪار ٿيندو ظلم زيادتي جو نشانو بڻايو ويندو متڀيد جو شڪار رھندو جيئڻ جا وسيلا کسيا ويندا ته پوء آخر اھو انسان ڪھڙو رستو اختيار ڪندو ؟ اچو ته ڪو نئون جھان جوڙيون ڪو نئون سماج جوڙيون جيڪو امن سک شانتي ۽سلامتي جو سماج ھجي ـ

پهنجو تبصرو موڪليو