امڪاني برساتي ٻوڏ ۽ ڪورونا ۾ ڦاٿل سنڌ، اسماعيل لانگاهه

موسميات کاتي پارن هن ڀيري خاص طور سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ ڪٿي معمولي ته ڪٿي غير معمولي وسڪارن سبب سنڌ ۾ لاڳاپيل کاتي تي ذميوارين جو بار وڌي ويو آهي جنهن لاء سنڌ سرڪار پاران لاڳاپيل کاتي کي اڳواٽ ۾ جهجهي رقم پڻ جاري ڪئي وئي آهي ڏسجي ته اها خرچ ٿئي ٿي يا نه سنڌ جي وزير اعلي پاران سمورن ضلعي عملدارن کي شهرن جي نالن ۽ نڪاسي نظام کي بهتر ۽ صفائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن, ڇو ته درياهي ۽ آبادين وارا بند ٽُٽڻ سان فصلن ۽ آبادين زراعت  کي  نقصان ٿيندو آهي ۽ معمول کان وڌيڪ برساتون انساني آبادين شهرن کي نقصان پهچائن ٿيون جنهن جا اصل ڪارڻ آهن صفائي جو ناڪاره نظام جنهن ۾ شھرن جي گٽر لائينن ۾ حد کان وڌيڪ برساتن پوڻ ڪري ڪچرو ڦاسڻ ڪري برسات ۽ نيڪال وارو پاڻي گڏجي ڪري انتظاميه لاء امتحان جون گهڙيون پيدا ڪري ڇڏيندو, سنڌ ۾ وڌندڙ آدمشماري ۽ ڪچين آبادين کي برساتن دوران سڀ کان وڌيڪ خطرو لاحق هوندو آهي سنڌ ۾ جڏھن  به برساتن دوران  نقصان ٿيندو رهيو آ اهو ڪچين ۽ نين آبادين کي ٿيو جيڪي خاص ڪري نيڪال واري نظام کان محروم هُجڻ  ان ۾ انتظامي غلطين ڪارڻ متاثر ٿينديون رهيون آهن ۽ 2010ع دوران برساتون ته ايتريون خطرناڪ نه پيون هُيون پر جيڪا ٻوڏ آئي سان درياهي بند ٽُٽڻ ڪري آئي  ۽ سنڌ ۾ آبپاشي کاتي کي هرسال ملندڙ ڪروڙين رپيا بندن ۽ ڪئنالن جي مرمت لاء جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي سانوڻي شروع ٿيڻ کان ڪُجھ وقت اڳ جاري ٿين ٿا جيڪي آبپاشي کاتو تڙ تڪڙ ۾ ڪٿي خرچ ڪري ٿو ته ڪٿي خرچ به نٿا ٿين تان جو برساتون به پنهنجي جوڀن مند سان شروع ٿي وڃن ٿيون پوء ٿئي اهو ٿو جو موسميات کاتو وارننگ جاري ڪري ٿو ٻوڏن جي جنهن ۾ ماڻھن جو محفوظ جڳهن نڪرڻ مشڪل هوندو آهي, پر هن وقت موسميات کاتي کي ميسر ٽيڪينڪل آلات به دعوائن جي ابتڙ دعوائون ڪن ٿا, 2018  ۾ تيز برساتن جي ڏنل وارننگ باوجود هڪ به وسڪارو نه پيو خاص طور ٿر ڪاڇو ڪوهستان سخت ڏڪاري حالتن سبب رهواسن لڏپلاڻ شروع ڪئي, ۽ گذريل سال ايٿريون سخت اڳڪٿيون به نه هُيون پر گذريل ويھ ورهين ۾ گهربل درجي کان به وڌيڪ برساتون وُٺيون هُيون هن سال سانوڻي جي مند ۾ ٻي ٽي ڏينهن اڃا آھن ته موسميات کاتي خاص طور ڏکڻ سنڌ ۽ سامونڊي پٽي ۾ هڪ سئو کان 150 ملي ميٽر تائين برسات جي وارننگ ڏني آهي جنهن ماڻھن جو ساه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي برسات کي گهٽ يا وڌ ڪرڻ ته انسان جي وس ناهي پر ان کانپوء واري صورتحال کي منهن ڏيڻ انتظاميه جي هٿ وس آهي دنيا جي سُڌريل ملڪن جي آبپاشي نظام برساتن جي خطرن,کي منهن ڏيڻ لاء جديد ٽيڪنيڪل عملو ۽ نظام ميسر هوندو آهي پر هتي ته مصيبتن جي وارننگ ڏيندڙ انتظاميه ۽ کاتو به اهڙن شين کان هميشه محروم رهيو آهي دوران ٽوڙي واري بند ٽٽڻ سبب سنڌ تباهي ڦھلائيندڙ ٻوڏ کان پوء ٽوڙي وارو بند ته ٽٽو پر ان کان پوء سنڌ اندر ڏنل ننڍن بندن جي آبپاشي کاتي طرفان ورهين کان مالڪيون نه ٿيڻ سبب ڪيترائي تاريخي شهر پاڻي جي ڪري نقشن تان مٽجي ويا, ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي ڪارونجهر ۽ ڪاڇي تائين صرف تباهي نظر پئي آئي, ماڻھن لاء قيامت صغرا واريون گهڙيون گذريون هُيون, ان تاريخي ٻوڏ سان ڪُجھ بند پاڻ مرادو ٽُٽا هئا ته ڪُجھ تخريبڪاري ڪارواين تحت ٽوڙيا ويا هئا, اهڙي مصيبت وقت به موقعي پرستن پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء بندن کي ٽوڙيو پوري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين زير آب ته آئي پر لکين ماڻھن جا گهر تباه ٿيا, ڪيترائي ماڻھون معصوم ٻار عورتون توڙي جانور موت جي منهن هليا ويا جنهن کي سرڪار پاران خيمه بستين ۾ رهايو ويو ۽ ڪُجھ ماڻھون پاڻمرادو پنهنجي قائم ڪيل خيمه بستين ۾ اڄ تائين ويٺل آهن پر پنهنجن اباڻن اجهن ڏانهن وري ورڻ جو نانءُ ناهي ورتو, ھن وقت موسميات کاتي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي شهري ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي،جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ انساني جانيون بچائڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ وٺڻ جو مشورو ڏنو آهي، موسميات کاتي پاران جاري ڪيل وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۾ 80 کان 100 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي جڏهن ته ڪراچي ۾ به 40 کان 50 ملي ميٽر برسات پوڻ جو امڪان آهي شهري ٻوڏ جو خطرو معني شهرن اندر صفائي وارو نظام بهتر نه هجڻ سبب گٽر لائينن جو پاڻي ڪنهن به وقت خطري جو باعث ٿي سگهي ٿو جنهن لاء اڳواٽ انتظام ڪجن پر اسان وٽ بلدياتي ادارا ۽ ميونسپل ڪاميٽيون جنهن جي ذميواري آهي شهرن جي صفائي پر ڪروڙين رپيا فنڊز ملڻ باوجود سنڌ جا شهر ڪچرن جو ڍير بڻيل آھن ۽ ھن وقت ايمرجنسي حالتن ۾ انهن جي صفائي کي ڪيئن ممڪن بنائي سگهجي ٿو جيڪڏھن ٻارنهن مهينا مصيبتن جو سبب بڻجندا رهيا آهن سانوڻي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪا اوچتو نه ٿي آهي، هر سال اهي وارننگون ملنديون رهن ٿيون پر ڪڏھن اهي سچ ته ڪڏھن فيل وڃن ٿيون  پهرين به موسميات کاتو خبردار ڪندو رهيو آهي پر انهن وارننگ کي ڏسي جيڪڏهن ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ورتل اپائن کي ڏسجي ته اهي بلڪل اڻپورا ۽ نه هجڻ برابر آهن. ڇو ته موسميات کاتي جون,وارننگون فيل ٿيڻ سبب اسان جي ننڊ پيل انتظاميه کي سجاڳ ڪرڻ ڏاڍو ڏُکيو هوندو آهي سڄي سنڌ ۾ مڪاني کاتو  ئي آهي جنهن کي معمول ۾ ئي پنهنجي تياري مڪمل ڪرڻي هوندي آهي , انجو ڪم شهرن ۾  جمع ٿيندڙ پاڻي کي فوري طور ڪڍڻ جون ذميواريون هونديون آهن ,پر  اهو ايمرجنسي ۾ به وارننگن ۽ چتاءُ ملڻ باوجود پنهنجون ذميواريون سدائين نڀائڻ ۾ ناڪام نظر آيو آهي ڇوته برسات هجي يا نه بلدياتي کاتي ۽ قبضا مافيا جي ڪري شهرن جي ڊرينيج نظام کي ناڪاره بڻائڻ انهن ٻنهي جون وڏيون ذميواريون ۽ غلطيون نظر اينديون رهيون آهن قبضن سبب شهرن ۾ نالا بند ڪري هٿ سان آبادين کي ٻوڙايو ويندو رهيو آهي سو هن وقت سانوڻي جي موسم جي پهرين وسڪارن کان پهرين شهري ٻوڏ جي وارننگ بعد سنڌ سرڪار پنهنجي ذميوارين کي فرض سمجهي ڪيتري قدر درپيش نقصانن کان بچڻ لاء انتظامن کي آخري شڪل ڏئي ٿي,چوماسي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون  به سرڪار جي  ذميوارين کي وائکو ڪري ڇڏي ٿي پر پوء به انسانن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاء تيارين لاء ڪنهن جي به ڪن تي جونءَ نه چرندي آهي ،هاڻي جڏهن برساتون اچي مٿان پيون آهن ته ايمرجنسي جي نالي تي ڪجهه فنڊ نڪرندا ۽ انهن جو عوام کي ڪو خاص فائدو نه ٿيندو اسان سمجهون ٿا ته هاڻي به وقت سر جيڪڏھن  شهرن ۾ ڊرينيج لاءِ ٺهيل وڏن نالن  جي صفائي ۽ درياهي ۽ آبادين وارن بندن جا هنگامي بنيادن تي  ڪم ڪري انسانن جي جانين ۽ مال جي تحفظ لاء تڪڙا ۽ گهربل انتظام نه ڪيا ويا ته سنڌ  جي عوام جيڪا ڪورونا وائرس ۽ ماڪڙ جي مصيبتن ڪري معاشي طور بلڪل ڪمزور ٿي وئي آهي  وري چوماسي جي برساتن ۾ جڪڏھن انهن کي درپيش نقصان کان سرڪار نه بچائي سگهي ته اهو سنڌ جي غريب طبقي نه بلڪ آبادگارن هارين, معيشت, زراعت کي ناقابل تلافي نقصانن سان گڏ اهو سنڌ سرڪار لاء به وڏو نقصان هوندو جنهن لاء سنڌ سرڪار پوري صوبي اندر عوام الناس جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاء تڪڙن انتظامن کي آخري شڪل ڏئي جيئن ماڻھن کي پهرين آيل ٻوڏن وارو خوف محسوس نٿي سگهي. ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي حڪومت چوي ته وفاق کان پئسا گهٽ مليا ۽ هو ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو