عزيزه حنا عباسي
اسان جي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جو هٿرادو کوٽ ڪري اربين رپيا ڪمائيندڙ مافيا کي ڪو چوڻ وارو ئي ناهي,اسلامي ملڪ سڏائيندڙ پاڪستان ۾ اسلام جو رڲو نالو بچيو آهي باقي بي ايماني ۾ ڪنهن به ڪنهن کي بخشيو ناهي هر طرف بي ايماني ٺڲي ڪوڙ جو راڄ آهي هر شيء ۾ ملاوٽ هر اداري ۾ رشوت جو راڄ آهي,واپاري غريب عوام جون کلون لاهڻ ۾ پورا آهن,سموريون شيون پنهنجي گودامن ۾ لڪائي مارڪيٽ ۾ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري وري بليڪ تي تي هلائي ٽيڻ تي تي پيسا ڪمائن ٿا ,ڪو به خوف نه اٿن, سياستدان اقتدار جي ڪرسي ماڻڻ لاء ٻڌ ڇوڙ ۾ لڲا پيا آهن ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽو وڃي ٻه سئو رپيا ڪلو تائين پڄيا آهن عوام جي قوت خريد جواب ڏيئي وئي آهي,مسڪين ماڻهن کي هڪ پنکي ۽ هڪ بلب جو بل به ويھ ويھ هزار تائين آيو آهي جيڪي مٿي تي هٿ رکي روئي رهيا آهن,آء ايم ايف کان قرض کڻي پنهنجي پورت ڪندڙ اشرافيه کي غريب مسڪين عوام جو ڪو لاچار ئي ناهي ماڻهو ٻچن سميت خودشيون پيا ڪن پر هتي ڪوبه واهرو ناهي ,مٿان وري نگران وزير اعظم صاحب فرمائي پيو ته ملڪ ۾ ايڏو ڪو مسئلو ناهي جيڏو بنايو ويو آهي ,بلڪل هتي ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا لڲو پيو آهي هتي کير جون نديون پيون وهن جن مان عوام پنهنجا ٻچا پالي رهي آهي , ماڻهو پو ء به خوش ڪونهي اسپتالن ۾ به بس رڲو وڃڻ جي دير آهي زنده بچيو ته خوشنصيبي نه ته هل ابا زندگي ايتري هئي ,هتي روڊ رستا بس گلن ڦلن سان ڍڪيا پيا آهن گٽرن جو نالو نشان ڪونهي پو ء به اسانجي عوام خوش ڪونهي ,ملڪ ايڏي خاص طور تي سنڌ ايڏي ترقي ڪئي آهي جو دنيا جي اڪثر ملڪن مان ماڻهو تعليم ۽ علاج لاء هتي ايندا آهن,اها ٻي ڲالھ آهي ته هتان جي اشرافيه پنهنجو بلڊ پريشر چيڪ ڪرائڻ به ٻاهر ويندي آهي,هتي جي اسپتالن ۾ توهانکي بخار چيڪ ڪرڻ جو ٿرماميٽر ب نه ملندو,هن وقت ملڪ مان کنڊ لڏي ٻاهرين ملڪ وڃي چڪي آهي ۽ باقي جيڪا بچي آهي اها سفيد پوش پاٿاريدارن جي گودامن ۾ اغوا ٿيل آهي,جنهن کي پوليس ب ڲولهڻ جي جرئت نه ڪري سگهندي ,ڇو ته انهن وٽ ايترا پاور ناهن جو کنڊ کي ڇڏائي آزاد ڪرائي سگهن, ماڻهو کنڊ پڇائيندا وتن ته ڪا چانھ جي چسڪي پي پنهنجي دماغ کي جيڪو حڪمرانن جي افعالن ڦيرائي ڇڏيو آهي,کي جاء تي ڪري سگهن پر کنڊ جا اگھ هٿن مان اڏامندا وڃن,جهلڻ جهڙا ناهن,هاڻي غريب عوام چانھ پيئڻ کان ب وئي,غريب عوام لاء هاڻي هن ملڪ ۾ جيئرو رهڻ ب هڪ وڏو مسئلو بنجي چڪو آهي ,ڇو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي حساب سان مزدور جي ايتري مزدوري ڪونهي سرڪاري ننڍي ملازم جي ايتري پگهار ڪونهي جو هو اٽو وٺي سگهي ۽ ڲاٽي ڀڲو بجلي جو بل ادا ڪري سگهي پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيئي سگهي بيمار ٿيڻ تي سٺو علاج ڪرائي سگهي عيد براد تي ٻچن لاء نوان ڪپڙا وٺي عيد جون خوشيون ملهائي سگهي ,اهي سڀ شيون هتي جي عوام لاء هاڻي اڻلڀ ٿينديون وڃن,خواب بنجنديون وڃن وري جي رڙيون ڪن ٿا ڪو ظلمن خلاف ڌرڻو هڻن ٿا ته افغانين هٿان روز مار کائيندڙ پوليس وارا پنهنجي ئي عوام تي لٺين ڇرين سميت ڪڙڪيو پوي,عوام وڃي ته وڃي ڪيڏانهن ,ڪنهن کي دانهن ڏي سوا ء الله جي ,هاڻي ته عورتون جهوليون جهلي پٽن پاراتن جو ڏينهن رات وسڪارو حڪمرانن تي لاهيو ويٺيون آهن ,ڇو ته هن جو ٻار جڏهن هن کان ماني گهري ٿو ته هوء انکي ڪيئن ريجهائي ماٺ ڪرائي ٿي اهو درد اها عورت ئي ڄاڻي ٿي ,ان ماء کان اهو درد پڇو جنهن جو ٻار هن جي اکين اڲيان بک وگهي تڙپي ٿو,,مجبورن اها ماء پنهنجي ٻار سميت زندگي جي ان آزار کان بچڻ خودڪشي ڪريو ڇڏي ,هن وقت به حالات تمام خراب ٿي چڪا آهن ,ماڻهن جي قوت خريد ختم ٿي چڪي آهي ,الله پاڪ حڪمرانن کي رحم جي نظر ڏي جو. پنهنجي محلاتن تان نظر هٽائي عام انسانن جي باري ۾ به سوچين ,ته هو ڪيڏي مشڪلاتن ۾ زندگي گهاري رهيا آهن,۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائيء جي ڪري سخت پريشان آهن,حڪومت کي گذارش آهي ته کاڌي پيتي جي شين جي ملڪ ۾ هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ ختم ڪئي وڃي سرحدن تي سخت چيڪنگ جو نظام قائم ڪري کاڌي پيتي جي شين جي اسمگلنگ فوري طور روڪي وڃي ته جيئن عام عوام جي ان شين تائين پهچ ٿي سگهي,
