اسڪول انتظاميه جا نوان ڪرتب

تحرير زوار حسين شاهه

سنڌ ۾ اڪثر نجي اسڪول کليل آهن  اهڙو انڪشاف  سماجي رهنمائن قلم ڪارن پنهنجي  اخبارن سوشل ميڊيا تي ظاهر ڪيو جنهن کان پوء سنڌ حڪومت سختي سان نوٽيس وٺي  اهڙن اسڪولز ڪاليجز تي پڻ ڪڙي نظر رکندي تاريخي ڪم ڪري ڏيکاريو جنهن ۾ جيڪڏهن مان اسسٽنٽ ڪمشنر عديل سوهو جڏهن تعلقي سوڀوديرو راڻيپور ۾ نجي اسڪولن تي نظر رکي ۽ مختلف ٽيمون تشڪيل ڏيئي ڪافي بهترين ڪم ڪندي ڪافي اسڪول جن ۾ نه ئي استادن کي ماسڪ پاتل هو نه شاگردن کي پر راڻيپور ۾ ته ڪجهه اهڙا به اسڪول ڏٺاسين جتي  هڪ ئي ڪلاس رو۾ ۾ ڪيترائي پتڪڙا شاگرد شاگردياڻيون گڏ ويٺا هيا ڪن وري پنهنجي ٽينڪنڪ استعملا ڪري ڪافي  آفيسرن کي به اوندانهن ۾ رکيو آهي جنهن جو مان هن ڪالم ۾ ذڪر ڪندس ته هو ڪيئن ٽيڪنڪ پيا استعمال ڪن جڏهن ته ڪرونا وائرس هن وقت به خطرناڪ نظر پيئي اچي ، برحال اسسٽنٽ ڪمشنر عديل سوهو ڊي سي خيرپور جناب راجا طارق چانڊيون جي هدايتن تي  اهڙن اسڪولن جن ۾  ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي اتي ڇاپا هڻي  اسڪولز انتظاميه کي وارننگ پڻ ڏني جيئن  آئينده هو ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪن   ڪرونآ وائرس انتهائي خطرناڪ آھي , حڪومت وقت پاران پيش ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عمل هر حال ڪرايو ويندو , تعلقي سوڀوديرو سميت راڻيپور ۾ ڪيترائي ئي نجي اسڪول وڏي ٽيڪنڪ سان کليل آھن جيڪا ڪرونا وائرس کي دعوت ڏيڻ جي برابر آھي , پهريان کان هي ٽئين لهر جا ڪيس ڪافي وڌيا آھن , ڪرونا وائرس ايس او پيز تي عمل ڪندي اسڪول بند رکيا وڄن , مختلف اسڪولن مٿان اي سوڀوديرو جو ڪامياب ڇاپو , اسڪول سيل ۽ وارننگ جاري ڪئي آهي تعلقه سوڀويرو عديل احمد سوهو پاران اچانڪ نجي اسڪولن مٿان ڇاپا هڻي نجي اسڪول انتظاميه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا , اڪثر نجي اسڪول بند هئڻ سان گڏ کليل به نظر آيا , اهڙن خيالن جو اظهار اسسٽنٽ ڪمشنر نوجوان آفيسر عديل احمد سوهو سٽي پريس ڪلب جي صحآفين سان ڳالهائيندي چيو ته انتهائي ڏک جهڙي ڳالھ آھي حڪومت وقت سميت ڊپٽي ڪمشنر نوجوان نئون مقرر ٿيل آفيسر راجا طارق چانڊيو جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جون تعلقي سوڀوديرو سميت رانيپور ۾ نجي اسڪول کلڻ جون ڪيتريون ئي شڪايتون موصول ٿيون جنهن بعد اچانڪ رانيپور جي نجي اسڪول مهراڻ پبلڪ سيڪنڊري اسڪول رانيپور تي اچانڪ وزٽ ڪيو , جتي  حسب دستور روٽين موجب ڪلاسس هلي رهيا هيا جتي ايس او پيز جي پڻ ڀڃڪڙي ٿي رهي هئي , شاگردن کي موڪل ڏني وئي , جڏھن ته اسڪول انتظاميه وعدو پڻ ڪيو ته آئينده هر حآل حڪومت جي حڪم تي عمل ڪندي اسڪول بند رهندا , جڏھن ته اسڪول گهنٽ وڄآئي شاگردن استادن ۾ اي سي سوڀوديرو ماسڪ ورهايا جيئن ڪرونا وائرس جي خطرناڪ ٽئين لهر کان قيمتي جانيون بچائي سگهجي ، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي پريس ڪلب جي صحافين کي ٻڌايو ته اسان ڪرونا وائرس کان بچاء لاء ڪافي هدايتون جاري ڪيون عوام کي سماجي دوري ،  ماسڪ ، سينيٽائيزرس جو استعمال کي يقيني بڻآيو آهي ، جڏهن ته ٻئي پاسي ڊي سي خيرپور راجا طارق چانڊيو راڻيپور ۾ قائم رورول هيلٿ سينٽر ۾ پڻ  صحت جي حوالي سان بهترين  هڪ موبائل سرواس  اسپتال جو افتتاح ڪيو آهي جنهن کان پوء خاص اهي غريب ماڻهون جن کي  هڪ روپيو به ناهي  انهن کي آپريشن سيزز جي سهولت ميسر ٿيندي پر جيڪڏهن ٻار جي جان کي ڪو خطرو هوندو ته ان کي گيس به مهيا ٿيندو ان سان گڏ ٻيون سهولتون پڻ مهيا ٿينديون بندوبست ٿيل آهي جڏهن ته جيڪڏهن  ماء يا ٻار کي ڪنهن قسم جي به سهولت  جي ضرورت هوندي  مهيا ڪئي مهينا اڳ دادو کان خاص آيل فري ايمبولينس سروس سينٽر جو ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق چانڊيو رورل هيلٿ سينٽر ۾ افتتاح ڪيو جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر عديل سوهو ، دي ايڇ او محمد حسين ابڙو ، ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي ۽ ٻيا پڻ موجود هيا   موبائل هاسپيٽل يونٽس ايڊمن آفيسر شفقت علي ميمڻ پڻ هن فري موبائل سينٽر ۾ موجود تمام سهولت بابت ڊي سي خيرپور ، سميت تمام معززين کي سهولت بابت بريفنگ پڻ ڏني جنهن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان  هي جديد اکان جديد ٽيڪنلاجي واري اسپتال آهي جتي آپريشن به ٿيندا  پر جيڪڏهن ٻار جي طبعيت ٻار جي خراب هجي ته ان کي هن ئي موبائل سروس ۾ گيس آڪسيجن مهيا ڪري سگهون ٿا ، ابڪيوبيٽر مشين ۾ رکي ان جي جان بچائي سگهجي ٿي جڏهن ته دوائون ڏيڻ جو پڻ بهترين انتظام آهي  هي سهولت سنڌ جي تقريبن 13هن ضلعن ۾ آهي  هي سڀ سهولتون بلڪل مفت آهن ڪنھن بہ شئ جي ڪائي به چارجز ناهي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سٽي پريس ڪلب راڻيپور جي صحافين ۽ عوام سان مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيئن عام ماڻهن کي صحت جون بهترين سهولتوپن ميسر ٿين ، راڻيپور رورول هيلٿ سينٽر ضلعي خيرپور جي بهترين رورول هيلٿ سينٽرن ۾ شامل آهي ڪافي هن ئي اسپتال ۾ مهيا ڪيون ويون آهن ، جڏهن ته صحافي جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر جي ايمبولينس ڪافي عرصو  خراب رهي آهي ، ايم ايس کي هدايتون ڏيندي چيو ته فوري ان جي مرمت ڪرائي وڃي جنهن جا پيسا مان پاڻ ادا ڪندس ، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر عديل سوهو پڻ اسپتال جي مختلف شعبن جو وزٽ ڪرائي بريفنگ پڻ ڏني ، جڏهن ته افتتاح تقريب ۾   شيعه رهنما غلام حسين ملاح ، زوار غلام اصغر جعفري ، امداد سولنگي مريد سولنگي پڻ موجود هيا  مان عرض ڪندس ته  هي ٻه  فري ايمبولين سروس جون گاڏيون راڻيپور ۾ موجود آهن جڏهن ته ٻه اڃان دادو ۾ ڊي سي دادو ، ۽ ايم پي اي  جي مدخالت ٻئي ايمبولينس روڪي ڇڏيون آهن جڏهن ته ڪافي عرصو اهي فري سروس جون گاڏيون سياست جي ور چڙهي ويون آهن  جڏهن ته اتي  عوام يج لاء ڪا به سهولت مهيا ناهي ڪئي وئي جڏهن ته راڻيپور ۾ مان سمجهان ٿو ته  هتي  هي اسپتال بهترين نتيجو ڏينديون ڪيترائي غريبن جا آپريشن ٿيندا  مان سلام پيش ڪيران ٿو ڊي اييڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ان جي مڪمل ٽيم کي  جن جي محنت رنگ لاٿو ، عوام لاء بهترين هي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي سٽي پريس ڪلب راڻيپور جنهن هن فري سروس اسپتال مان ڪيترو ئي فائدو ٿيندو ، مان سلام پيش ڪندس ڊي سي خيرپور راجا طاقرق چانڊيو جنهن  هن منصوبي جو افتتاح ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي ، جڏهن ته اي سي سوڀوديرو عديل سوهو پڻ   هن پروجيڪٽ بابت بريفنگ پڻ ڏني ، هي پروجيڪٽ عوام جي لاء ڪافي بهتر ثابت ٿيندو                    

پهنجو تبصرو موڪليو