ايران ۾ اسلامي انقلاب جي 45 سالگره جو ڏھاڙو

منظور ڪالرو
فيبروري 11 دنيا جي ان انقلاب جي سالگره جو مبارڪ ڏينهن آھي جڏھن شهنشاهه ايران رضا شاھ پھلوي جھڙي طاقتور عياش پرست حڪمران خلاف سن 1979ع ڌاري امام خميني جھڙي اسلام پرست ۽ وطن دوست اڳواڻ جي رھنمائي ۾ ٻاريل عوامي سجاڳيء واري چڻنگ آهستي آهستي ڀنڀٽ بڻجي پھلوي دور کي وڏين قربانين، جھڙتين، گرفتارين، جيلن جي صعوبتن، دربدرين سميت قتل غارتگري جي ڪري نيٺ عوام اٿي کڙو ٿيو ۽ وڃي ٽوڙ ڪندي ڪامياب بڻجي دنيا جي افق تي چمڪندي ڏسڻ ۾ آيو.
سوال ٿو پيدا ٿيي ته، ايران جي انقلاب لاءِ عوامي سجاڳيءَ جي ضرورت ڇو پيش آئي. اھو ان ڪري جو ايران مڪمل طور آمريڪي اقتدار جي ھٿ ھيٺ اچي چڪو ھو جنهن ڪري ايران جون معدنيات خاص طور پيٽرول تي آمريڪي قبضو ٿيڻ سبب وسيلن جي لٽ مار کي ايراني قوم پسند نه ڪيو. اھڙيء ريت ايران جي مھذب اسلامي ۽ ثقافتي رھڻي ڪھڻي داء تي لڳي چڪي هئي جيڪا ايراني غيرت گوارا نه ڪندي نيٺ خاموشيء سان شھنشاھيت خلاف تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو.
ھن تحريڪ جي کڙڪ سخت جاسوسي نظام وسيلي شاھي دور جي رکوالن کي پئجي وئي جنھن جي رستا روڪ ڪرڻ جا سمورا بادشاهي ظلمن ڀريا وسيلا ڪتب آندا ويا پر ھاڻ تحريڪ جي جوش جذبن ۾ ڪي به رڪاوٽون ڪنهن به قسم جي روڪٿام پيدا ڪرڻ کان لاچار ٿي چڪيون ھيون ايتري قدر جو جن ٽينڪن ۽ جديد ھٿيارن سان عوام کي ماريو ٿي ويو سي خاموش ٿيندي انقلاب جي راه کي ھموار ڪرڻ لڳا.
ھن موقعي تي امام خميني طرفان پھلوي حڪومت خلاف بيانن تقريرن ۽ تحريرن ايراني عوام جون دليون کٽي ورتيون سي مرڻ يا گرفتارين لاءِ به تيار ٿي ڏٺا. سندن اھڙن جذبن، شھادتن ۽ ڊگهي جدوجهد نيٺ رنگ لاٿو ۽ تلوار تي پاڪ خون جي فتح ٿي.
ايران انقلاب کان پوءِ اليڪشن وسيلي قائم ٿيل حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪيترين ڪاميابيون حاصل ڪندو رھي ٿو جيڪا ڳالھ انقلاب دشمن طاقتن کي نٿي وڻي ان ڪري اھي ايران کي مختلف ذريعن جي استعمال سان جنگي جنون طرف ڌڪيندي سازشون ڪندي نقصان جو ڪو وجھ وڃائن نٿا.
پر الله ۽ ان جا پاڪ پيارا ھن سرزمين تي ايران ۽ ايراني عوام کي سرخرو ڪندا اچن. ايران تي مختلف بھانن سان بندشون ۽ واپار جي مخالفتن باوجود ايران تي امام عليه سلام جن جي خاص عنايت سببان ايران اڳي کان اڳتي ڏسجي ٿو.
ايراني پرڏيهي پاليسي ڪامياب سمجهي وڃي ٿي جنھن ڪري ايران جي انقلاب کي دنيا جي ڪيترن ملڪن توڙي اتي جي عوام طرفان پسند ڪندي بھتر لاڳاپا رکيا ويا آهن.
ھن ڏس ۾ ايراني عوام جي سڌارن يا ضرورتن خاطر يڪطرفا ناانصافين تي ٻڌل بندشون ۽ ملڪ و قوم کي ڪمزور ڪندڙ سازشون ختم ٿيڻ گهرجن.
ايران اھل دانش علم دوست قوم جو ملڪ آھي جيڪو جنگ ۽ دهشتگردي کان سخت نفرت ڪندو اچي.. جتي الله پاڪ جا خاص امام سڳورا ۽ل انھن جو اولاد سميت وِڏا عالم مجتهد نه فقط ابدي آرامي آھن پر ڪيترا زندگيء ۾ پنهنجي علمي ديني بلندين جي اعلا منزلن جي ڪري ايران ۽ برادر ايراني عوام جي ڪاميابين سميت سازشي ن جي ناڪامين جون دعائون طلب ڪندا رھن ٿا..
ايران ۾ امامن، بزرگن ولين. مجتھحدن جون مقدس مزارون پنهنجو فيض جاري رکيو اچن جنهن ڪري پاڪستان مان روزانو ڪيترائي مسلمان ايران جي روضن مبارڪن جي زيارتن لاءِ ھزارن جي تعداد ۾ حاضري واسطي ويندا رھن ٿا.
پاڪ ايران لاڳاپن جي دوستاڻي قومي ڀائراڻا توڙ ديني اسلامي ۽ مذھبي دوستي جي گهڻي ضرورت سمجھي وڃي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو