”استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو“

ليکڪ  محمد يوسف ڀٽو

استاد بخاري سنڌ جي اُنھن سدا ملوڪ شاعرن مان آھي، جنھن کي وستي وستي، واھڻ واھڻ مقبوليت ۽ مڃتا ملي. ھر سُٺي ۽ سُڄاڻ پڙھندڙ استاد کي پڙھيو، پڙھي اِئين محسوس ڪيو ھوندو تہ ڄڻ استاد جي ھن شعر ۾ سندس ئي احساسن جي ڳالهڙي ھجي. استاد اھو ساڃاھ وند شاعر ھو جنھن وطن ۽ وطن جي ماروئڙن تي لکيو. ساڻيھ جي سُرھاڻ تہ سندس شاعريءَ ۾ ائين رچي وئي، جيئن سانوڻ جي پھرين وسڪاري ۾ مٽيءَ ۾ اٿندڙ دلفريب مھڪ. استاد جي شاعراڻي سگهہ، فن ۽ فڪر دراصل سندس شاعري، عام فھم لفظن، اصطلاحن، سلاست ۽ سادگيءَ ۾ آھي جو پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي موھي وجهي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھُو بي اختيار ”واھ واھ“ ڪندو ٿو رھي.

استاد بخاريءَ جو اصل نالو سيد احمد شاھ بخاري آھي. سندس والد صاحب جو نالو سيد حاجن شاھ آھي. ھُو 1930ع ۾ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو، ضلعي دادو ۾ ڄائو. ھُن نوڪريءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ استاد ايم اي جي ڊگري 1964ع ۾ حاصل ڪئي. استاد بخاري جي شاعريءَ جا 25 مجموعا ڇپيا. سندس پھريون شعري مجموعو ”گيت اسان جا جيت اسان جي“ 1971ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوہ سندس مشھور شعري مجموعن ۾ ”نہ ڪم نبريو، نہ غم نبريو“، ”اوتون جوتون“، ”لھري لھري ۾ لالاڻ“، ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”زندگي زندگي“، ”ميلا ملھار“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“ ۽ ٻيا شامل آھن. منھنجي ڪھڙي مجال جو استاد جهڙي سنڌي جي عظيم باڪمال، باظرف ۽ باذوق شاعر تي لکان پر اھا استاد جي شاعريءَ جي خوبي آھي جو ان اسان کي پنھنجو گرويدہ بڻائي ڇڏيو ۽ ان تي ھي چند سٽون لکڻ کي پنھنجو اعزاز سمجهوسين، ھو ھڪ بلند فڪر شاعر ھو، سندس ٻول اندر جي احساسن کي بي اختيار ڇھن ٿا ۽ جنھن جي خوبصورت شاعريءَ جو سحر برقرار رھندو اچي.

ادب جي ڪنھن بہ صنف ۾ لکڻ ڪو سولو ڪم نہ آھي. پر جڏھن ڳالهہ شاعريءَ جي ھُجي تہ اھا رڳو ڪو حسين احساسن تي تہ مشتمل نہ ھوندي آھي پر شاعر زندگيءَ جي تلخ تجربن کي بہ بيان ڪري ٿو. اھا ئي ڳالهہ استاد پنھنجي ھن چؤسٽي ۾ ڪھڙي نہ خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو:

چيائون او شاعر اوھان ڌرتتيءَ جو، مٿي تي تغاريون رکي ڪونہ سگهندو.

مڃيوسين او ساٿي، مگر رات آڌيءَ، اوھان تڙپي تڙپي لکي ڪونہ سگهندو.

ڀلوڙ شاعر فيض احمد فيض ھڪ ھنڌ لکيو آھي تہ: ”ٻڌندا پيا اچون تہ ڪنھن شاعر يا اديب جو صحيح مقام ايندڙ نسل متعين ڪندا آھن، اھا ڳالهہ پنھنجي جڳهہ تي مڃيل آھي پر اھو ڏسڻ بہ لازم آھي تہ سخنور پنھنجي زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ ڪيترين دلين ۾ گهر ڪيو آھي ۽ ان جي چيي سان ڪيترن پڙھڻ وارن کي محسوس ٿيو تہ ڄڻ تہ ھي بہ منھنجي دل ۾ آھي“ استاد جي شاعري بہ ان معيار جي ثابت ٿي جو کيس ايتري ڀرپور عوامي موٽ ملي. استاد يقينن خوش قسمت آھي جو کيس نہ صرف ادبي حلقن پر عوامي سطح تي بہ پذيرائي ملي. ادبي تجزئي نگارن موجب تہ توڙي جو ھُن حُسن پرست ھُئڻ ڪري عشقيہ شاعري بہ ڪئي ۽ سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر بہ نمايان آھي پر بنيادي طور تي استاد ھڪ انقلابي شاعر آھي. سنڌي شاعريءَ جي مطالعي دوران جنھن شئي مونکي وڌيڪ متاثر ڪيو آھي اھا آھي اُميد پرستي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ ۾ تہ اميد پرستي ڪمال جي آھي. بلڪہ اميد جا اھڙا عڪس ٻي ڪنھن شاعريءَ ۾ ملڻ مشڪل آھن. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين شاعرن بہ اميد پرستيءَ تي سُٺو لکيو. ڇو تہ اھا اميد ئي آھي جيڪا انسان کي ڪنھن بہ طرح مايوس ٿيڻ نٿي ڏي، ھر بار جيئاري ٿي. اميد پرستي اھا آھي تہ انسان تي لازم آھي تہ اُس جي سفر ۾ وڻن جي گهاٽي ڇانوَ جي آس جو حوصلو ڌاري ۽ ان کي منِ ۾ سمائي رکي، خود ھلندو رھي، اُھا ڇانوَ ان کي ضرور ملندي. سو استاد جي شاعري بہ اميد جي ان تخيل سان مالامال نظر اچي ٿي. سندن ھڪ شعري مجموعي جو تہ نالو ئي ”پير نہ ھٽي پوئتي“ آھي. سو استاد جي شاعريءَ ۾ اميد جا اھي سوجهرا ضرور آھن. اميد، ناڪاميءَ جي انڌيرن کي مات ڏيندڙ صبح جي چِٽن سوجهرن جيان آھي. جيڪي واپس ورڻ ڄاڻن ئي نٿا. استاد بخاري ڪيڏو نہ خوب چيو:

اسان ارتقا جا پڪا عاشق آھيون، ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.

استاد بخاري جيڪي شعر چيا، انھن ۾ اميد سان گڏ ھمت ۽ حوصلو آھي. سندس ھڪ نظم ”ارمان نہ ڪر، ارمان نہ ڪر“ ۾ ھُو جيئڻ تي اُتساھي پيو. انھيءَ نظم ۾ ھُو اڳتي ھڪ مصرعہ ۾ چوي ٿو تہ:

ڪا جوت جاڳائي جيئڻو اٿئي، ھي ماڳ ملھائي جيئڻو اٿئي.

سندس اِنھن ئي شعرن ۾ ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ استاد اميد سان گڏ زندگيءَ جو بہ شاعر آھي. منجهس عاجزي بہ اھڙي جو استاد ”چوٽ کائي درگذر“ جو بہ قائل آھي.

جيءُ جنھن کي چيم، جهڻڪ تنھن کان مليم؛ چوٽ ڏاڍي لڳيم، پر ڪيم درگذر.

استاد جو شاعراڻو شعور، فڪر ۽ ڏات بلند پايي جي آھي. درحقيقت استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سُرت سڄاڻ جا اھي ڏيئا روشن آھن، جيڪي پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي احساسن کي بھار جي ترو تازگي عطا ڪن ٿا. استاد جي شاعريءَ جي تقريبن ھر صنف طبع آزمائي ڪئي آھي. ھُن جنھن بہ صنف تي لکيو عمدگيءَ سان لکيو. ان کان علاوہ استاد جي شاعريءَ ۾ ھجر جو عنصر بہ محسوس ٿئي ٿو تہ ان کي بيان ڪرڻ جو ڍنگ بہ نرالو آھي:

مون ٿي پڇيو، ھن کان سائين، مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو ڀانئين،

ھُو بہ کلي پيو، مان بہ کلي پيس، کلندي کلندي روئي ڏنائين.

ڏسجي تہ شاعري انسان جي احساسن جي اظھار جو ذريعو آھي. جنھن شاعر وٽ اظھار جي جُرئت ۽ بيان جو سليقو ۽ عمدگي ھجي تہ پوءِ اھو شاعر عوام وٽان قدرداني ۽ مڃتا تہ ضرور ماڻيندو ۽ استاد بخاري بہ سنڌي شاعريءَ جو اھڙو ئي ھڪ معتبر نانءُ آھي، جنھن وٽ اھي خوبيون آھن. استاد پنھنجي خوبصورت جذبن ۽ احساسن جو اظھار ۽ عام ماڻھن جي ڏکن ۽ سُورن جي ڳالهہ کي شاعريءَ ۾ وڏي خوبيءَ سان بيان ڪيو آھي. استاد تقريبن شاعري جي ھر صنف ۾ طب آزمائي ڪئي ۽ سندن شاعري سنڌي ادب جو لازمي سرمايو بڻجي وئي آھي. ھُو انسان جي مختلف ڪيفيتن عشق و محبت کان وٺي حقن جي حاصلات، اميد کان وٺي اتساھ تائين کي شعر جي سانچي ۾ وجهي وٺڻ جي صلاحيت رکندڙ آھي. لفظن تي سندس گرفت بہ آھي، لفظن جي استعمال ۾ شاعراڻي ھنر کان بہ واقف آھي. اھو بہ ائين جو شاعريءَ جي جنھن بہ صنف ۾ ڳالهہ جو اظھار ڪرڻ چاھي تہ ان لاءِ ھُو آسانيءَ سان لکي سگهي. استاد محبتن جو بہ شاعر آھي. خود بہ محبت بابت اظھار ڀلوڙ شاعراڻي رنگ ۾ ھن ريت ٿو ڪري:

ھڪ پيار يار ڄاڻان، ٻي ڪار ڪانہ ڄاڻان.

استاد بخاريءَ جي شاعري پڙھي ڪڏھن ڪڏھن تہ ائين بہ لڳندو آھي تہ ھو لفظن جي ذخيري ۽ تشبيھن جي مالها سان مالامال آھي، ڄڻ تہ لفظ سندس آڏو احترامن بيٺا ھُجن. ان کان علاوہ ھيءَ ڳالهہ بہ محسوس ٿئي ٿي تہ استاد عام ماڻھوءَ جي درد جو شعور رکندڙ شاعر آھي ۽ عام ماڻھوءَ جي مزاج موجب ئي عام فھم شعر سرجيا، جيڪي سولائيءَ سان سمجهہ ۾ ايندڙ آھن. ڪنھن سُٺي شاعر جي اھم خوبي اھا ئي تہ آھي! ڪنھن رسالي ۾ ھڪ ھنڌ تي اھو بہ پڙھي معلوم ٿيو تہ استاد ھڪ وڏو ۽ سُٺو موسيقار بہ ھو، جو ھن 200 جي لڳ ڀڳ پنھنجي گانن/ شاعريءَ جون ڌنون پاڻ ئي ترتيب ڏنيون ھُيون. اُستاد جا ڪي تہ شعر اھڙا آھن، جو بار بار پڙھڻ ۽ ٻڌڻ تي دل پئي چاھيندي آھي. استاد ھن ڌرتيءَ جو باڪردار ۽ صحيح معنيٰ ۾ عاشق شاعر بہ آھي. سنڌ تہ ڄڻ سندس شاعريءَ جو محور ھجي!

جو قوم جيئاري اھو جيئندو رھندو، جو عام اجاري اھو جيئندو رھندو،

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اھو جيئندو رھندو.

استاد کي جيتري قدر پيار، محبت جهڙن جذبن کي شاعريءَ ۾ اُڻڻ جو إحساس ھو، اوترو ئي استاد کي صحيح معنيٰ ۾ ماڻھپي، ٻولي، امن ۽ جستجو جهڙن موضوعن کي پنھنجي شاعريءَ جو حصو بڻائڻ جو ھُنر پڻ آھي. ھُو زندھ دل شخص طور زندگيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ واقفيت رکندڙ شاعر آھي. ھُو انسان لاءِ ھر حال ۾ پيار، امن، ڀائپي ۽ جُستجو ضروري سمجهندڙ شاعر طور ڏسجي ٿو. وڌيڪ اھو تہ استاد کي اميد جي آگهي رھي، ائين جيئن گُل ٽڙي تہ ان جي رنگ و بو ان جو تعارف ڪرائي. استاد جي شاعريءَ ۾ عجيب خوشبو آھي. ھڪ الڳ رنگ آھي. ھُن تہ سنڌي شاعريءَ کي اھڙا نوان لاڙا ۽ رنگ ڏنا، جيڪي اڳتي ھلي ٻوليءَ سان گڏ خود سندس بہ سڃاڻپ بڻجي ويا. قوم جي شعور جا سوجهرا سندس ئي شاعريءَ ۾ وڌيڪ واضع انداز ۾ پسي سگهجن ٿا. ھُو سنڌي شاعريءَ جي اُڀ جو اھو ستارو آھي، جنھن جي روشني ھتان جو عام ماڻھو بہ آسانيءَ سان پسي سگهي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جي عظمت ان مان بہ چٽي آھي جو فنڪار سندس شاعري ڳائڻ پاڻ لاءِ اعزاز سمجهن ٿا. اردو شاعريءَ جي حوالي سان فيض احمد فيض جي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ”لفظ ان جا غلام ۽ تشبيھون ان جون ڪنيزون آھن.“ اگر اھا ڳالهہ آھي تہ پوءِ سنڌي شاعري جي حوالي سان اھا ڳالهہ استاد بخاريءَ لاءِ چوڻ اجائي نہ ھوندي. استاد سنڌي شاعريءَ جي اھا خوشبو آھي جيڪا ھر سُٺي پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي فرحت بخشي ٿي. يقينن ھر دؤر ۾ استاد جي شاعري مڃتا ماڻيندي رھندي. استاد ۾ بظاھر ٻي ڪا بہ خوبي ناھي، ھڪ سونھن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آھي. yousifbhutto119@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو