اسان جي معاشري ۾ سماجي بيماريون، جواد علي جتوئي

موجوده معاشرو ڪافي تبديل ٿي چڪو آھي . جنھن جا منفي پھلو به ڪافي وڌي ويا آھن ۽ ڪيترين ئي سماجي بيمارين اچي ديرو ڄمايو آھي. ورلي ئي ڪو اھڙو ماڻھو ھوندو جيڪو ھنن بيمارين جي اثر کان بچيل ھوندو.  مثال طور، اڄ جا نوجوان رڳو موبائيل تي انٽرنيٽ ھلائن ٿا، فلمون۽  ڊراما ڏسن ٿا يا سوشل ميڊيا ۽ ويڊيو گيمون  ھلائڻ ۾ پورا آھن. سڄو ڏينھن ۽ سڄي رات رڳو موبائيل ۽ انٽر نيٽ جي ڪڍ آھن .ننڍ مان اٿڻ کان پوء ۽ سمھڻ کان اڳ موبائيل ھلائن ٿا.مطلب ته موبائيل جو استعمال حد کان وڌيڪ ڪن ٿا. اھا بيماري صرف نوجوانن تائين محدود نه آھي. بلڪ ھر ماڻھو ان ۾ مبتلا آھي.  ھڪ ئي گھر ۾ رھڻ وارا ڀاتي به ھڪ ٻئي سان موبائيل تي رابطو ڪن ٿا ۽ اجنبين جيان رھن ٿا. خير اھا ته الڳ ڳالهه آھي، پر موبائيل جو غير ضروري ۽ وڌيڪ استعمال جسماني ۽ دماغي صحت لاء ھاڃيڪار آھي. ڇاڪاڻ ته سيل فونن مان نڪرندڙ روشني ڪافي حد تائين خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. موبائيل جي وڌيڪ ۽ بي سبب استعمال جي ڪري نوجوانن ۾ ڪافي برايون جنم وٺن ٿيون. مثال طور اھي پنھنجن فرضن ۽ ڪمن ۾ ڪوتاھي ڪن ٿا.اھي چڱي نموني پڙھائي نه ٿا ڪري سگھن ۽ نتيجي طور پنھنجي تعليمي امتحانن ۾ سٺي ڪاڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رھن ٿا.   اھو ئي سبب آھي جو نوجوان ڪتابن کان پري ٿيندا پيا وڃن . بر حال، ھي بيماري ايتري آساني سان ختم ٿيڻ واري  نه آھي، سو ڳالھ کي اڳتي وڌائيندا ھلون. ڪجهه ھفتا اڳ مان پنھنجي نانا کي ڏيکارڻ لاء لاڙڪاڻي وٺي ويس . ڏيکارڻ کان پوء مون ڊرائيور کي چيوته  نظر محله مان  ٿيندو ھلجان ڇو جو اتي ڪجهه ڪم ھيم. اتي پھتاسين؛ ڪم پورو ڪيم ۽ اتان روانا ٿياسين.  ٿورو اڳتي ھلياسين؛ مان جو ڏسان ته نو يا ڏھ ماڻھو ميت کي ڪلھو ڏيون پيا وڃن . روڊ جي ٻنھي پاسن تي ايترا ته ماڻھو ھئا جو انداز نه ھو پر ميت جي پويان اٺ يا نو ماڻھو . شھر جي ماڻھن کي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو . ايترن ماڻھن جي ھوندي ڪل ميت جي پويان اٺ يا نو ماڻھو ھئا . ان کان علاوه جيڪڏھن ڪنھن جو ڪو عزيز يا مائٽ فوت ٿي وڃي ٿو ته ميت کي دفنائڻ کان پوء ڪو به تڏي تي نٿو اچي .سواء پنھنجي عزيزن کان باقي سڀ ڪو پنھنجي گھر جي ڪمن ۾ مصروف آھي. جيڪڏھن ڪا عورت گھر کان ٻاھر نڪري ٿي ته سڀ ماڻھو ان عورت کي ورائي ورائي ڏسن ٿا. جيسيتائين اھا عورت انھن جي نظر کان پري نه ٿي وڃي، تيسيتائين اھا مردن جي نظرن جو شڪار رھي ٿي. نبي ڪريم صلعم کان ڪنھن صحابي پڇيو ته يا رسول الله  اگر ڪنھن رستي تي ڪا غير محرم عورت نظرن جي سامھون اچي وڃي ته گناھ ته نه آھي؟ الله جي نبي جواب ڏنو ته جيڪڏھن غلطي سان ھڪ دفعو نظر پئجي وڃي ته گناھ نه آھي پر جيڪڏھن تون ان کي ٻيھر ڏٺو ته وڏو گناھ آھي. اڄو ڪا مسلمان جيسيتائين عورت نظر کان نڪري نٿي تيسيتائين ڏسي رھيا آھن . نبي ڪريم صلعم جو فرمان آھي ته سڀ عورتون توھان جو ڀيڻون ۽ مائون آھن . اھا عورت ئي صرف توھان جي زال آھي جيڪا توھان جي نڪاح ۾ آھي . باقي سڀ عورتون توھان جو ڀيڻون ۽ مائون آھن .انھن جي عزت ۽ احترام ڪريو. لکڻ لاء ته ٻيون به سوين سماجي بيماريون آھن پر ڇا ڪجي وقت ٿورو آهي وري ٻئي ڪنھن دفعي انھن تي به روشني وجھبي. في الحال پيغام اھو آھي ته ھنن بيمارين کان پاڻ کي بچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو