طفيل مگسي
اسان جي امير حڪمرانن رياست کي ماڻھو سمجهي ڪري هن کي بهترين مسلمان بنائڻ جي لاء عجيب و غريب آئيني ٿرميمون ڪري رکيون آھن.آئيڊل مسلمان شراب نٿو پيئي سو شراب تي پابندي هڻي ڇڏيائين.مختلف مذھبي ڪلٽ ان سٺي مسلمان کي اختيار واري دائري کان خارج ڪري ڇڏيو.فلم و انڊسٽري تي طارق جميل جهڙا ويهاري ڇڏيائين.سائنس ۽ فلسفي کي ڪلمو پڙھائي ڪري مسلمان بڻائي ڇڏيائين.جنهن سان علم جي واڌ ويجه بيهي وئي.علم.فلڪيات تي مولوي ويهاري ڇڏياائين ۽ پنهنجي ان تخليق ڪيل آئيڊل ازم کي مڃرائڻَ جي لاء مختلف ڪلٽس جا لشڪر بڻائي ڇڏيائين.جن رياست ۾ اجاره داريون قائم ڪري ڇڏيون.
آئين ۾ ترميم.مٿان ترميم ڪري رياست کي مومن ته بڻائي ڇڏيائين.ليڪن رياست ۾ رهڻ وارا مومن ته ڇا بهتر ين انسان به نه بڻجي سگهيا.
چڱو اوهان جي ئي مڃيندي اسان به زمين جي هن رياستي ٽڪري کي جنهن کي پڪو مسلمان ماڻھو سڏيون ٿا.اسان به مسلمان ماڻھو ئي مڃي وٺون ٿا.ليڪن هي ٻڌايو ته هتي عدالتي نظام مسلمانن وارو نه بلڪ مغربي ڇو هلي رهيو آھي؟اهو تبديل ڇو نٿا ڪيو؟انگريزن جو نظام عدالت جنهن ۾ چور ٻاهر ۽ ڀاڳيو اندر ؛؛؛ججن جو هر فيصلو آئين کان مقدس ۽ ڇو هوندو آھي؟ڇو اوهان جي ان مسلمان ٻار واري رياست ۾ ٽي عدالتي نظام آھن؟ملٽي ڪورٽ.شريعت ڪورٽ ۽ سول ڪورٽ.اهو ڇا آھي؟اهڙو نظام ته نه ڪنهن غير مذھب ۽ ڪافر رياست ۾ به ناهي؛؛؛
پوليس جو قانون يعني انگريزن جا ٺاهيل ڇو استعمال ٿي رهيا آھن؟
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مومن رياست نه انساني جانين جي حفاظت ڪري سگهي ٿي .نه لا اينڊ آرڊر جي صورتحال بهتر بڻائي سگهي ٿي.نه سرحدن جي اندرين ٻاهرين حفاظت ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ريونيو جنريٽ ڪري سگهي ٿي؛
بس سائو وڳو پايون هٿ ۾ ڪشتو کنيون در در تي جوڳين فقيرن جيان خيرات گهرندي رهي ٿي ته اهي ڪو الله جي نالي تي جيڪو اسان کي ڏيئي.ڇو ته اسان جا ننڍڙا مورٽي 22 خاندان پئسن جي بک وگهي تڙپي رهيا آھن؛؛؛ان جي بدولت جيڪڏھن رياست کي بهترين مسلمان بنائڻ جي بجاء قابل انسان بنائڻ تي ڌيان ڏيندي سيڪيولر بڻايو وڃي ها ته رياست مختلف وقتن ۾ ريونيو به جنريٽ ٿيئي ها ۽ مامرا به ائين نه بگڙجن ها.هونئن به حلال و حرام جو سوسل انسانن کان ڪيو ويندو رياست شريف کان نه.نيڪي و بدي جي سزا انسانن کي ڏني ويندي رياست شريف کي نه.ليڪن ڇاڪاڻ ته اسان رياست کي“مسلمان ماڻھو“سمجهي رکيو آھي.سو هر سوال و جواب جو ذميوار به رياست کي سمجي ورتو آھي.سو ماڻھوء کي هتي جيڪي وڻي ڪري سگهي ٿو.بس رياست ڪجه نه ڪري.رياست مسلمان جو رهي؛؛؛
اڊيالا جي قيدي کي جلسن سان اين آر او نه ملندو: طلال چوڌري
ڪراچي چڙيا گهر جي سڀ کان پراڻي شينهڻ ”ريچل“ مري وئي
گوادر ايئرپورٽ هلندڙ سال جي آخر تائين پاڪستان حوالي ڪيو ويندو
عمران خان اسرائيلي اختيارين کي پيغام موڪليا آهن: اسرائيلي اخبار
بس اڏن جي شهر کان ٻاهر منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو
وڏي وزير طرفان شاهد رسول کي ڊگري ملڻ تي مبارڪباد
ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڦر جي ڪوشش ناڪام، 2 ڄڻا مارجي ويا
سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪار معطل
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسي لاءِ سڄو سامان ڪي پي مان آڻڻ جو فيصلو
نيب ترميمن جي بحالي بعد 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت جي گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان راجا جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت جون اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار