ارباب رحيم جي حڪومت ۾ انٽري ۽ سياسي ڌرين ۾ متل مانڌاڻ

ليکڪ   حسن ناز سومرو

جيتري تائين ڳالھ سياست جي آھي ته اسان وٽ پاڪستان ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ سياست جو نظام ئي ابتو آھي ھتي سياست ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ايمانداري کي نه پر سياستدان جي عياري کي مد نظر رکيو ويندو آھي ھتان جي وڏين پارٽين جو ھميشه اھو نظريو رھيو آھي ته پارٽي ٽڪيٽ ھميشه ان ماڻھو کي ڏني ويندي آھي جيڪو پنھنجي علائقي جو دادا ھجي ۽ سيٽ چوري توڙي زوري کٽڻ جي ھمٿ ھجيس پوءِ اھڙي شخص کي اوليت جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏني ويندي آھي پر اسان جي سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا سياستدان به آھن جيڪي پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پئسن جو استعمال ڪري ٽڪيٽ حاصل ڪندا آھن ۽ پوءِ اسان جي  عوام سالن جا سال عذابن ۾ گذاريندي آھي جڏھن ته اسان جي سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا نيڪ دل ۽ انسان دوست سياستدان به موجود آھن جن ھميشه سياست کي سياست ئي سمجھو آھي اھڙن نيڪ دل سياستدانن ۾ ارباب غلام رحيم جو نالو سر فھرست آھي جنھن پنھنجي دور حڪومت ۾ نہ ڪڏھن ڪرپشن ڪئي ھئي ۽ نہ ڪنھن کر ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت ڏني ھئي پاڻ ھميشہ صوم ۽ صلوٰت جا پابند رھيا آھن، ارباب غلام رحيم مشرف دور ۾ سنڌ جا وڏا وزير پڻ رھي چڪا آھن پر پاڻ ھميشہ غلط ڪمن جا مخالف رھيا آھي ارباب غلام رحيم گذريل اليڪشن ۾ پنھنجي سيٽ تان اليڪشن تہ لڙيا پر سياسي چڪرن ۽ ڀاڙين ڀوتارن جي چڪرن ارباب غلام رحيم کي شڪست ڏياري ڇڏي جڏھن تہ ارباب غلام رحيم جي پنھنجي دور حڪومت ۾ پنھنجن علائقن ۾ ايترا تہ ترقياتي ڪم ڪرايا جو مٺي شھر اسلام آباد جو ڏيک ڏيندو ھو جڏھن تہ موجودہ حڪومت جيڪو حال سنڌ جو ڪيو آھي ان جي خبر سموري سنڌ جي عوام کي آھي سو اسين ان لاءِ ارباب غلام رحيم جي حق ۾ ھرگز نہ آھيون تہ ارباب غلام رحيم وزير اعظم جو صلاحڪار ٿيو آھي ۽ نہ ئي اسين ڪي پي ڊي ايم يا پي ٽي آءِ جا عھديدار يا ڪي ميمبر آھيون اسان جو ڪنھن بہ سياسي پارٽي سان ڪوبہ  تعلق نہ آھي پر اسين حق جي ڳالھ ضرور ڪنداسين.

  سو سنڌ ۾ جھڙي طرح پاڪستان پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ جيڪا حالت ڪئي آھي ان جي باري ۾ڪھڙي ڳالھ ڪجي ڇاڪاڻ تہ پيپلز پارٽي جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي جيڪا ايڊورٽائيزمينٽ ھلي رھي آھي اھائي ڪافي آھي سو سنڌ ۾ ڪابہ اھڙي پارٽي نہ آھي جيڪا اڪثريت سان پيپلز پارٽي سان مھاڏو اٽڪائي سگهي ڇاڪاڻ تہ پيپلز پارٽي جو اصل ٻج تہ ذوالفقار علي ڀٽي پوکيو ھو ۽ اھو ٻج ايترو تہ طاقتور ھو جو ان جو ڦل اڃان تائين ڪتا ۽ ڪانو کائي رھيا آھن پر افسوس جو ھن مھل تائين عوام کي ڪوبہ فائدو نہ پھتو آھي.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام کا اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو تہ ڏنو پر افسوس جو ھن مھل تائين اھو نعرو تہ گونجي پيو پر عوام کي نہ اٽو ملي سگهيو آھي ۽ نہ وري ڪڏھن لٽو بہ بہ مليو آھي جڏھن تہ  اجهي جي لاءِ عوام اڃان تائين خوار ٿي رھي آھي انھيءَ نعري جي اوٽ ۾ نعرا ھڻندڙ سياستدان ارب پتي مان کرب پتي بڻجي ويا ۽ پاڪستان کي ڇڏي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وڃي محل اڏيا آھن پر ھتان جي عوام ھڪ وقت جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھي سو شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي لڳايل نعري عوام جي ماغ  ۾ اھڙو تہ اثر وجھي ڇڏيو آھي جو عوام بک ۽ بدحالي ۾ گذاريندي بہ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيئي رھي آھي ۽ عوام جي اھڙي ڪڌي قدم جي ڪري سنڌ ۾ ڌارين گهر ڪري وررتو آھي سنڌ جي عوام لاءِ ڌاڙا ۽ ڦرون مقدر بڻجي چڪا آھن ۽ ھاڻي ڪوبہ اھڙو مسيحا نظر نہ پئي آيو جيڪو سنڌ جي عوام جي ٻڏل ٻيڙي کي تارڻ جي ڪوشش ڪري.

  سو پيپلز پارٽي سنڌ دشمني تي ايتري قدر لھي آئي آھي جو عوام ان نانگ وانگر ٿي پيئي آھي جنھن نانگ ھڪ ٿلھي ڏيڏري کي کائي ويو ھو سو اھا ڏيڏري سندس نڙي ۾ ڦاسي پيئي ھئي سو اھو نانگ نہ تہ ڏيڏري کي کائي سگهي پيو ۽ نہ وري اوڳاڇي سگهي پيو سو سنڌ جي عوام کي اھڙي صورتحال کان ڪڍڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان جناب عمران خان سنڌ جي عوام لاءِ ارباب غلام رحيم کي ميدان تي آندو ۽ اھا عوام جي خوش نصيبي چئبي تہ ڪو تہ اھڙو مسيحا آھي جيڪو سنڌ جي عوام جو درد دل ۾ رکي ٿو سو وزيراعظم عمران خان سنڌ جي نيڪ دل شخصيت ارباب غلام رحيم کي پنھنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ارباب غلام رحيم حڪومت ۾ شامل ٿيندي ئي پنھنجي ايجندا ۾ سڀ کان پھريان سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر کي ختم ڪرائڻ ۽ سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرائڻ ۽ ڌارين کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ جو ٽاسڪ رکيو آھي سو اسين تہ ان ڳالھ کي ضرور ايپريشيئيٽ ڪنداسين تہ جيڪڏھن ارباب غلام رحيم پنھنجي ٽاسڪ تي پورو لھندو تہ اھو ڏينھن پري نہ آھي تہ ايندڙ اليڪشن ۾ ارباب غلام رحيم ۽ سندس ٽيم ضرور ڪاميابي ماڻيندا ۽ سو ارباب غلام رحيم جو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جون ڪيتريون ئي ننڍيون توڙي وڏيون جماعتون ٿرٿلي ۾ پئجي ويون آھن ۽ ڪيترن ئي سياستدانن اھا رٽ بہ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ ارباب غلام رحيم کي سنڌ ۾ آڻڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي پر سائين چوندا آھن تہ

 مدعي لاک برا چاھي تو ڪيا ھوتا وي

وہ ھي ھوتا ھي جو منظور خدا ھوتا ھي سو سائين اھا ھڪ حقيقت آھي تہ ارباب غلام رحيم صاحب جن ھڪ ايماندار، باصلاحيت ۽ باڪردار انسان آھن سو اسين بہ ارباب غلام ر4حيم صاحب کي گذارش ڪنداسين تہ مخالف ڀلجان دانھون ڪن پر توھان پنھنجي ھمٿ ۽ حوصلي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي  ڀرپور ڪوشش ڪندا رھن

پهنجو تبصرو موڪليو