ادب ۽ ثقافت

تحرير طفيل مگسي

هر سوال جو هڪ پسمنظر هوندو آھي.جڏھن ڪنهن شيء جي باري ۾ سوال ڪريون ٿا ته اهو ڇا آھي ڇو آھي ان جو ٻين شين سان ڪهڙو رشتو آھي.اها ان تي ڪيئن اثر انداز ٿيئي ٿي ۽ ان جو اثر ڪيئن قبول ڪري ٿي. ته اسان جي آه  هڪ خاص صورتحال جي گهرج ڪري ٿي.هڪ اهڙي صورتحال جنهن ۾ اھي سوال پنهنجي حيثيت ۽ اهميت اختيار ڪن ٿا.۽ ھڪ اهڙي جواب جا گهرجائو هوندا آھن ته جيڪو ان صورتحال جي مطابق هوندو آھي.مثلا.اوهان ڪڏھن اهو سوال ضرور ٻڌو هوندو ته مذھب جي ڪهڙي ۽ ڇا ضرورت آھي؟ ظاھر آھي ته اهو سوال هڪ خاص پسمنظر ۾ پڇيو ويو آھي.يعني هڪ اهڙي زماني ۾ جڏھن مذھب جي حقيقت ۽ اهميت اڳ جيان باقي ناهي رهي.۽ ماڻھن جي دلين ۾ مذھب ڏانهن اهڙيون شڪايتون پيدا ٿي ويون آھن ته جن جو جواب ڏيڻ ضروري ٿي ويو آھي.هڪ اهڙي زماني ۾ جڏھن مذھب جي ضرورت بحيثيت هڪ حقيقت جي طور تي پيش ڪئي ويندي هجي.اهو سوال بي معني هجي/ ٿيئي ها.يا گهٽ ۾ گهٽ ايتري اهميت اختيار نه ڪري ها.ليڪن ان خاص صورتحال ۾ جنهن ۾ اھو سوال پڇيو ويو آھي.ان جي ضرورت ۽ اھميت هڪ اهڙي چيلينج واري آھي ته جنهن کي نظر انداز ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو هجي.هاڻي سوال جيان جواب به پنهنجي خاص صورتحال جو نتيجو هوندو آھي.ان ڪري ڪنهن به سوال جو جواب ڪو ٺوس.لازمي يا آخري ناهي هوندو.سوال جي پسمنظر سان گڏ جواب به تبديل ٿيندا رهن ٿا.جيتوڻرڪ اڄَان سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ ته تهذيب وثقافت ۽ ادب جا ڪهڙا اثر ٿيندا آھن.۽ ٿيندا به آھن يا نه ۽ جي ٿيندا به آھن ته ڪهڙي قسم جا ؟ اسان جي لاء ضروري آھي ته اسان ان سوال جي پسمنظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.پهرين ڳالھ اھا ته اهو سوال هڪ خاص تهذيبي منظر ۾ ئي پڇي سگهبو هو.يعني سوال جي بجاء پاڻ ھڪ تهذيبي صورتحال جو نتيجو آھي.جنهن کان بنا اهو سوال نٿو ڪري سگهجي.اچو ته ڏسون ته اها تهذيبي صورتحال ڇا آھي؟ ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهي رهيا آھيون.جنهن ۾ ادب جي اهميت اٽي ۾ لوڻ جي برابر آھي.اهو معاشرو ادب کي ڇا سمجهي ٿو.ان کي چٽي ڪرڻ جي لاء هڪ شاعر ۽ ھڪ ٻھراڙي جي زميندار جي وچ ۾ ٿيل بحث کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿو.هڪ ڀيري هڪ شاعر هڪ ٻھراڙي جي زميندار وٽ ويو ۽ سندس تعريف ۾ هڪ قيصدو ٻڌايائين.ٻھراڙي جو زميندار ڏاڍو خوش ٿيو.ان شاعر کي چيو“تو جن خوبصورت لفظن سان منهنجي تعريف ڪئي آھي.ان کان مان نهايت خوش ٿيو آھيان.ان جي بدلي ۾ مان توکي ڪجھ ڏيان ها.مگر هن وقت توکي ڏيڻ جي لاء مون وٽ ڪجھ به ناهي.هڪ هفتي کانپوء فصل لهندو.تون ان وٽ مون وٽ اچجائن.مان توکي هڪ ٻوري ڪڻڪ جي ڏيندس.شاعر اهو وعدو ٻڌي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻھراڙي جي زميندار کي سلام چئي ڪري واپس موٽي آيو.هڪ هفتي کانپوء جڏھن فصل لهڻ شروع ٿيو ته شاعر زميندار وٽ پهتو ۽ کيس کي سندس وعدو ياد ڏياريائين.ٻھراڙي واري زميندار چيو“ميان ڇا پيو ڇئين.تو قصيدو ٻڌائي ڪري لفظن جي وسيلي مون کي خوش ڪيو هو.مون به وعدو ڪري توکي لفظن سان خوش ڪري ڇڏيو.حساب برابرٿي ويو.هاڻي ڏي وٺ جو ڪهڙو سوال؟“هن بحث کان ٻھراڙي واري زميندار جو لفظ ڪڍي ڇڏيو.۽ ان جي جاء تي “معاشري“جو لفظ رکي ڇڏيو.اسان جو معاشرو شعر وادب کان اهوئي سمجهي ٿو.هن جي ويجهو شاعر ۽ اديب اهڙا ماڻھو آھن.جيڪي لفظن جي وسيلي معاشري کي خوش ڪرڻ چاهين ٿا. خوش ڪرڻ جو لفظ به تمام     وڏو اهم آھي.ڇوت خوشي جا معيار.پيمانا ۽ ذريعا بدلبا رهن ٿا.هڪ اهڙي معاشري ۾ جنهن ۾ تفريح جا وسيلا محدود هجن.شعر وادب تفريحي ذريعي جي طور تي ممڪن آھي.ڪجھ اھميت رکندو هجي.ليڪن هڪ اهڙي معاشري ۾ جنهن ۾ ھاڪي ۽ ڪرڪيٽ ميچ جهڙيون تفريح موجود هجن.يا فلمون.ٽي وي ۽ ريڊيو جا پروگرام وقتي لذتن وارين گهرجن کي پورو ڪري ڇڏيندا هجن.ادب جي تفريحي نوعيت به نهايت معمولي درجي جي رهجي وڃي ٿي.سبب ظاھر آھي ته ادب جو تعلق صرف لفظن سان آھي ۽ لفظن ۾ ٻھراڙي جو زميندار ۽ سماجي طور کانسواء ٻي ڪا اهميت نٿا ڏين.هاڻي اسان جو سوال اهو آھي ته ڇا ادب صرف هڪ تفريح جو وسيلو آھي.۽ تفريح جو ذريعو به    قسم جو.ان قسم جي سوال جو جواب ڏيڻ جي لاء مان پنهنجي ٻھراڙي واري زميندار کي واپس گهرايان ٿو.۽ اهن کي ان شاعر سان گڏ شھنشاھ جهانگير يا عبدالرحيم خان خانان جي درٻار ۾ پيش ڪريان ٿو.جتي عرفي کيس کي پنهنجو قصيدو ٻڌائي رهيو هو.قصيدو ٻڌي ڪري خان خانان حڪم ڏيئي تٿو ته شاعر جو وات موتين سان ڀريو وڃي.مهرباني ڪري ان سچويشن تي ويچار ڪيو وڃي.ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته خان خانان جو اهو حڪم ٻڌي ڪري اسان جي شاعر ۽ ٻھراڙي واري زميندار ڇا محسوس ڪيو هوندو. ۽ شاعر ته يقينن خوش ٿي ويو هوندو ۽ ان قسم سان ٻھراڙي واري زميندار کي ڏٺو هوندو ته ڏسو هڪ مهذب انسان شاعري جو ڪيئن قدر ڪري ٿو.ليڪن ٻھراڙي واري زميندار ڇا سوچيو هوندو .ڇا ان پنهنجي دل ۾ نه چيو هوندو ته خان خانان هڪ بيوقوف ماڻھو آھي.جيڪو ڪڻڪ جي بدلي موتي ڏئي رهيو آھي.مون کي ٻھراڙي جي زميندار سان مڪمل همدردي آھي.ليڪن مان ان کي اهو ضرور ٻڌائيندس ته خان خانان ۽ زميندار ۾ ڪهڙو فرق هوندو آھي.فرق اهو آھي ته ٻنهي جي تهذيبي سطح مختلف آھي.خان خانان هڪ خاص تهذيب جو اعلي ترين معيار آھي.جڏھن ته ٻھراڙي واري زميندار ۾ ڪهڙو فرق هوندو آھي.جڏھن ته ٻھراڙي وارو زميندار پنهنجي ڏاھپ.۽ ڪڻڪ جي ٻوري نه ڏيڻ جي باوجود ان کان اڻواقف آھي.تهذيب جي هيٺين سطح تي اعلي تهذيبي قدرن کي سمجهڻ ايترو ئي مشڪل آھي.جيترو هڪ ٻھراڙي واري زميندار جي لاء خان خانان جي رويي کي سمجهڻ مشڪل آھي.ان ھوندي اسان ٻھراڙي واري زميندار کي خان خانان جي مدد سان دٻائڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين.اسان جي لاء ضروري آھي ته اسان ان جي رويي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.ان جي ويجهو خان خانان جو رويو بيوقوفي آھي.لفظ  ھرگز ان قابل ناهن ته ان جو بدلو موتين جي شڪل ۾ ڏنو وڃي.سوال هي آھي ته لفظن جي بدلي ۾ موتي ڇو پيش ڪيا ويا.يعني لفظن جو فائدو ڇا آھي؟ اوهان کي پتو آھي ته اهوئي اهڙو سوال هيو ته جنهن مولانا حالي کي سالن جا سال پريشان رکيو.ان جي سامهون سوال اهو هو ته تهذيبن جا اعلي ترين مظھر غير فطري آھن.ته ڇا ان فائديمند جي باوجود انهن کي اهم سمجهڻ گهرجي؟ ۽ سمجهڻ گهرجي ته ڇو؟ پنهنجي مشھور مقدمي شعر وشاعري ۾ هن اهو سوال انهن لفظن ۾ اٿاريو آھي ۽ معاشري ۾ ھاري خوش آھي.ڇوت ماڻھن کي هن جي اناج جي ضرورت آھي.ان ڪري ماڻھو هن کي اهم سمجهن ٿا.معمار خوش آھي.ڇوت ماڻھن کي گهرن جي ضرورت آھي ۽ اھي ھن کي اهم سمجهن ٿا. مزدور خوش آھي.ڇوت ماڻھن کي ڪپڙن جي ضرورت آھي.۽ ماڻھو هن کي اهم سمجهن ٿا.ليڪن معاشري ۾ ان ماڻھو جو ڪهڙو مقام آھي.جيڪو هڪ رڄ ۾ ويٺو بانسري وڄائي رهيو آھي“ مولانا حالي به شعر وادب کي ويراني ۾ ويٺل بانسري وڄائڻ  جو عمل سمجهندو هو.ان ڪري سندس اهوئي سوال هو جيڪو اسان جي ٻھراڙي واري زميندار جو هو يعني خوبصورت لفظن جي ان راند ۾ جنهن کي شعر وادب سڏين ٿا.ڇا فائدو آھي. اسان جي ويجهو اها ڳالھ خاص يا اهم آھي ته مولانا حاليء اهو سوال هڪ خاص زماني ۾ اٿاريو هو.ان کان اڳ اهو سوال نه ته اٿاريو ويو هو نه شايد اٿاري پئي سگهبو هو.ان ڳالھ کي مڪمل سمجهڻ جي لاء اسان کي ان تهذيب جي نوعيت ۽ حقيقت کي سمجهڻو پوندو.اھا هڪ اهڙي تهذيب هئي جنهن ۾ سمورا انساني عملن جو هڪ ڄميل چميل نقشو موجود هو.۽ ان ۾ ھر انساني عمل جو هڪ مقام هو.۽ ڪو انساني عمل نه ڪنهن ٻئي عمل جي سبب کان پنهنجو مقام ڇڏي ٿي سگهيو هو نه ٻئي جو مقام حاصل ٿي ڪري ٿي سگهيو هو.اها تهذيب شعروادب کي به ان مقام تي رکندي هئي ۽ جيستائين ان مقام جو تعلق هو هن ڳالھ جي مڪمل ضمانت موجود هئي ته پنهنجن حدن ۾ ان کي برقرار رکيو ويندو.بلڪ“رکيو ويندو“ جا لفظ به مناسب ناهن. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ھڪ ازم جو ارادو موجود آھي.جڏھن ته ان تهذيب ۾ شعروادب کي ان جي مقام تي رکڻ جي لاء نه ارادي جي ضرورت هئي نه ازم جي هئي.ان تهذيب ۾ هو بلڪل فطري طور تي پنهنجي جاء تي موجود هو.مولانا حالي جي زماني ۾ ان تهذيب ۾ جيڪي باطني تبديليون پيدا ٿيون آھن.ان ۾ سڀ کان وڏي ۽  ڳوڙھي تبديلي اها هئي ته ان تهذيب جو قدري نظام پنهنجي جڳھ کان کسڪي ڪري  بيڪار ٿي ويو.اها تبديلي اولين طور تي چٽي ٿي.ئھذيب ۾ ۽ شعور وادب ۾ .اهو اهوئي زمانو هو.جڏھن سرسيد کي سڀ کان اڳ هن فڪر ستائڻ شروع ڪيو ته ان جو مذھب عقل جي معيار تي طور تي پورو لهي ٿو يا نه .عقلي معيار نهايت ڳوڙھي طور تي   معيار هوندا آھن.جيتوڻيڪ عقلي مسئلي سان گڏ هڪ سوال هي پيدا ٿيو ته مذھب انسان کي ڇا فائدو پهچائي ٿو.۽ ٻيو سوال هي اٿاريو ويو ته تهذيبي مظھر جيڪي غير فائديمند  آھن.انسان جي لاء ڪا اهميت رکن ٿا يا نه.منهنجو خيال آھي ته هتي پهچي ڪري اوهان جي ذھن ۾ ھي سوال اچي رهيو هوندو ته اها صوفتحال مولانا جي زماني ۾ ڇو پيدا ٿي.۽ ان بو سبب ڇا هو ته ان زماني ۾ اسان مذھبي.تهذيبي ۽ شعر وادب جي باري ۾ اهي سوال کنيائون جيڪي هن کان اڳ نه کنيا ويا هئا.يا جيئن ته مون چيو اٿاري نه سگهبا هئا.اهو سوال ان لاء اڃا به اهم ٿي وڃي ٿو ته اسان جيئن جيئن ان زماني کان اڳتي وڌن ٿا.اها ڳالھ شدت سان اسان جي مشاھدي ۾ اچڻ لڳي ٿي ته اهد سوال وڌيڪ ڳوڙھا .وڌيڪ شديد ۽ وڌيڪ چيلينج ٿيندا وڃن ٿا.ايستائين ته هڪ وقت اهڙو اچي وڃي ٿو ته جڏھن انهن سوالن جو هر جواب اسان کي غير تسلي بخش محسوس ٿيئي ٿو.اسان کي يقينن ان سوال جو جواب ڏيڻ جو سوچڻ گهرجي.۽ جيستائين منهنجو سوال آھي ته مان چئي سگهان ٿو ته ته مون باقي زندگي جي اڌ حصي کان وڌيڪ حيو انهيء سوال سان منجهڻ ۾ گذاريو آھي.جيتوڻيڪ هڪ اهڙي ماڻھو جي حيثيت سان جنهن کي ان سوال سان دلچسپي رهي آھي.جيڪو ان پنهنجي  جي مطابق ابتو سبتو سوچڻ جي ڪوشش به ڪندو رهي ٿو.مان صرف اهو چئي سگهان ٿو ته ان جوسبب صرف اهو هئو ته مولانا حالي جي زماني ۾ اسان هڪ اهڙي اجنبي تهذيب جي اثر هيٺ اچڻ شروع ٿي ويا هئاسين.جيڪا بنيادي طور تي هڪ تهذيب هئي.اها تهذيب مغرب ۾ پيدا ٿي ۽ پنهنجي عمر جو هڪ حصو پورو ڪرڻ کانپوء مغرب جي سياسي تسلط سان گڏ دنيا جي ٻين حصن ۾ پکڙي.۽ ھينئر تائين جتي جتي ان جا اثر پکڙجي چڪا آھن.اتي اتي ان جي اثر هيٺ پراڻين تهذيبن جي قدري نظامن ۽ تصوراتي نظامن ۾ ھڪ اهڙي تبديلي پيدا ٿي.جيڪا ان تهذيب جي اثرن کان اڳ ۾    هئي.پاڻ ان تهذيب ۾ انهن سوالن جي نوعيت ڇا رهي آھي.ان تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ“حمام جي ٽروال“جي خبر آڻڻ جي برابر آھي.سبب ظاهر آھي ته جديد مغرب ڪنهن اصول تي قائم آھي.اوبر جيروايتي تهذيبن ۽ جديد مغرب ۾ بنيادي فرق اهو آھي ته اوڀريون تهذيبون مابعدالطبعياتي اصولن تي قائم آھن .جڏھن ته جديد مغربي تهذيب هر اصول جي نفي ڪري ٿي.ان ڳالھ کي وضاحت سان بيان ڪرڻ جي لاء مان هڪ مثال پيش ڪريان ٿو.اوهان کان سوال ڪيو وڃي ته اسلامي تهذيب ڇا آھي ته اوهان جي ذھن ۾ ان جو هڪ ڄميل ڄميل نقشو سامهون اچي ويندو.اوهان چوندو ته اسلامي تهذيب اها آھي جيڪا قرآن حڪيم.حديثن.فقه.اسلامي اخلاق وحڪن ۽ انساني فطرت جي مختلف گهرجن جي حيثيت سان زمين ۽ ماحول ۾ پنهنجي بنيادي مرڪزيت سان گڏ  چڙھي آھي.ويد شاستر.سمورتيون.گيتا ۽ معاشرتي ادارا جيڪي انهن تعليمات تي قائم ٿيا.انساني فطرت وماحول جي رنگيني سان گڏ هندو تهذيب سڏجن ٿا.ليڪن جديد مغربي تهذيب  ۾ ان قسم جي مرڪزيت جو ڪو تصور ناهي.هتي هر شيء هڪ ٻئي کان متلف بلڪ ٽڪراء جي طور تي چرپر ڪري ٿي.۽ ھڪ ٻئي جي ردعمل ۾ هڪ ٻئي جي ترديد جي اڻکٽ سلسلي ۾ گرفتار آھي.انهيء لاء مغرب تي ان ريت ڳالھ ڪرڻ ته اوهان جي ان روح ۾ لهي ڪري ڪنهن بنيادي مرڪزيت ۾ پهچي ويندي.پاڻ پنهنجي مصيبت کي دعوت ڏيئي ٿو.مثلا موضوع تي بحث جي روشني ۾ صرف اهو ڏسو ته شعر وادب جي باري ۾ اتي ڇا ڇا چيو وڃي ٿومغرب ۾ ھڪ پاسي هي خيال موجود آھي ته مذھب جي    ٿيڻ کان پوء شعر وادب مذھب جي جڳھ وٺي ڇڏيندا.هڪ صاحب لکي ٿو ته شعر وادب جا قدر خالص(نج) جمالياتي قدر آھن.ٻيو صاحب  هڻي ٿو ته شعر وادب جو روح اخلاقي آھي.ڪو صاحب چئي ٿو ته مرڪزي حيثيت مواد جي آھي.ٻيو صاحب فرمائي ٿو ته مواد جي ڪا حيثيت ناهي.اصل شيء    آھي.هڪ ٽولي جي مرڪزي حيثيت مواد آھي.    نعرو ادب برائي زندگي.ٻيو چئي ٿو ته ادب برائي ادب.خير خدا جي فضل سان هينئر اهي ڳالهيون ته اسان وٽ به هتي ٿيڻ لڳيون آھن ۽ شاعر واديب پيغمبر ۽ بازيگر ٻڙي محض جي سمورين منزلن کان گذرڻ لڳا آھن.ليڪن اسان جي روايتي تهذيب ۾ ائين نه هو.تڏھن شاعري نه پيغمبري هئي نه .تڏھن ادب نه ٻڙي جي جڳھ وٺي سگهيو هو نه گند جي ڍير تي ڦٽي ڪري سگهبو هو.مغرب جي مدد سان اسان اهي ٻئي ڪم سکيا.نه صرف هن سبب کان ته مغربي تھذيبي جي اثر هيٺ اسان ۾ اھي تبديليون پيدا ٿي ويون جن جو اظھار جيئن ته مان ڪري چڪو آھيان.سڀ کان اڳ سرسيد ۽ حالي جي روين ۾ ٿيو.مغربي تهذيب جيان اسان وٽ به اها تبديلي ڪيترن مرحلن کان گذري. فطرت پرستي بلڪ هينئر ته مادو پرستي چوڻ به غلط آھي.ڇوت مغرب مادي  جي نفي جي منزل ۾ داخل ٿي ويو آھي.ٻڌايو ته هاڻي ان فضا ۾ مان مذھب ۽ ثقافت تي ادب جي اثرن جو جائزو وٺان يا اوهان کان اهو چئي ڪري اجازت وٺان ته مغرب جي اثر هيٺ اچڻ کانپوء اسان جي تاريخ.تهذيب ۽ ثقافت تي ادب جي اثرن جي تاريخ ناهي بلڪ انهن اثرن کي وڌ کان وڌ غير موئثر بنائڻ جي تاريخ آھي ۽ اسان جديد تهذيب وثقافت جي نالي تي هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي ويا آھيون .جيڪو پاڻ تهذيب وثقافت جي مڪمل نفي جو دور آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو