اختلافن باوجود سنڌ حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؛ اسد عمر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير منصوصبابندي ۽ اصلاحات اسد عمر جو چوڻ آهي ته شهرين جي زندگي بهتر بڻائڻ تي ڪا به سياست نه ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ بحري وزير علي حيدر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس اسد عمر چيو ته وفاق صوبي جي عوام جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته هر سياسي جماعت کي سياست ڪرڻ جو حق آهي پر ان سان شهرين جي زندگي متاثر نه ٿئي. هن جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ شديد اختلاف آهن پر مرڪز ان اختلافن کي شهرين جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪمن جي وچ ۾ نه آڻڻ ڏيندو. هن جو چوڻهو ته 2 مهينا اڳ وزيراعظم عمران خان مون کي سنڌ جي منصوبن لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو اجلاس بعد اتفاق راءِ ٿيو آهي ته منصوبن تي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي پر مشڪلاتون اڃا به آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام آئين جي خلاف ورزي آهي جتي چونڊي ميئر ته بڻايو وڃي ٿو پر ان کي ڪنهن به قسم جا اختيار نه پيا ڏنا وڃن جيڪڏهن ڪراچي جو ميئر بااختيار هجي ها ته ڪم اڃا به تيزي سان ٿين ها. ايم ڪيو ايم کي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ حڪومت ۾ شرڪت واري آڇ کان پوءِ ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ اڄ جو اجلاس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اڄوڪي اجلاس جو فيصلو بلاول ڀٽو جي اعلان کان اڳ ۾ ڪيو ويو هو. هن چيو ته ان باري ۾ مان ڪجهه وڌيڪ نه ٿو چوڻ چاهيان ڇاڪاڻ ته سياست ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي جهڙي طرح صورتحال پيپلزپارٽي تي آهي ۽ جهڙي طرح ان جون جڙون ڪمزور ٿي ويون آهن ظاهر آهي ته هو اهڙيون ڪوششون ڪندا. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري 2 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ 4 ميگا منصوبن جي افتتاح دوران ايم ڪيو ايم کي وفاق کان الڳ ٿي سنڌ ۾ شموليت جي آڇ ڪئي هئي جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان بلاول جي آڇ کي رڊ ته نه ڪيو پر ان کي غير سنجيدهه ڪوشش قرار ڏنو هو. اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اجلاس ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو آهي جڏهن ته ٻيا رهيل منصوبا ۽ ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته گرين لائين منصوبي لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ مطابق منصوبن تي به تيزي سان ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو