آزاد ڪشمير پرتشدد احتجاج !

غلام حسين لغاري
حڪومت مخالف سياسي ڌرين جو احتجاج پنهنجي جاء تي پر آزاد ڪشمير جي مظفرآباد سميت مختلف وادين ۾ پرتشدد عوامي احتجاجن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جتي رينجرس کي گهرائي ڪرفيو واري ۽ ڪشيده صورتحال پئدا ڪئي وئي آهي جتي گرفتاريون ۽ مظاهرين تي تشدد جون خبرون شامل آهن۔هي احتجاج آزاد ڪشمير عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ راولا ڪوٽ جا مظاهرين به شامل ٿي ويا آخري اطلاعن تائين عوامي ايڪشن ڪاميٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون جاري هيون ۔حڪومت انهي احتجاج کي سياسي احتجاج قرار ڏئي پي ٽي آء جي سازش قرار ڏئي رهي آهي پر مظاهرين پنهنجي احتجاج ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو سياسي تاثر ناهي ڏنو صرف ئي صرف مهانگائي جي خاتمي ۽ عوام کي سستي اگهه تي اٽو ۽ ماني فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هن وقت پ پ پ جي حڪومت آهي جيڪا پي ٽي آء حڪومت آئيني چال وسيلي ختم ڪري آندي وئي هئي
آزاد ڪشمير ۾ پ پ پ جي دور حڪومت ۾ پرتشدد احتجاج سو به مهانگائي خلاف ظاهر ڪري ٿو ته پ پ پ آزاد ڪشمير جي ماڻهن کان سستي ماني به کسي ورتي ۽ اتي غربت جو انگ وڌي چڪو آهي۔پ پ پ سنڌ کان پوء آزاد ڪشمير کي پنهنجو ڳڙهه سمجهندي آئي آهي ۽ اتان جو عام ماڻهو ماني ڳڀي لاء روڊن تي نڪري ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ آزاد ڪشمير جو ووٽر مهانگائي ۽ ڳڀي ٽڪر جي سستي اگهه تي فراهمي جي ڳالهه ڪري ڪيتري نه ڳڻتي جوڳي آهي۔اتان جو ڪشميري پنهنجي ئي چونڊيل وزيراعظم انوارالحق کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي۔وزير اعظم مسعفي ٿئي ٿو يا نه پر بورڊ آف انويسٽمنٽ جي سربرهه امجد حيدر جي مسٿعفي ٿيڻ جون خبرون عام آهن جيڪي ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪن ٿيون ته اتان جو عوام پ پ پ کان پري ٿي رهيو آهي ۽ پ پ پ لاء پنجاب واري صورتحال ٿيڻ واري آهي جتي انجو مينڊنٽ گذريل پندرهن سالن کان زيرو ٿي چڪو آهي ۽ اقتدار جي حصول لاء ن ليگ جي اتحادي نظر اچي ٿي۔ جيڪڏهن هڪ نظر ڊوڙائبي ته ن ليگ به پنجاب کانسواء ٽنهي صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ زيرو آهي کيس حڪومت ٺاهڻ لاء پ پ پ ۽ ٻين سياسي پارٽين جو سهارو وٺڻو پويس ٿو۔ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن جن ۾ جاويد هاشمي ۽ آصف ڪرماني شامل آهن تن جا سياسي بيان به سامهون آيا آهن جن ن ليگ قيادت تي سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ چيو اٿن ته ن ليگ چونڊون هارايون آهن ۽ پي ٽي آء ڪامياب ٿي آهي جنهن کي مينڊنٽ واپس ملڻ ۽ وفاق ۾ انجي حڪومت ٺهڻ گهرجي۔ن ليگ اڳواڻن جا بيان مخالف ڌر جي جذبات جي مڪمل طور پٺڀرائي ڪن ٿا۔هونئن به مخالف ڌر جيڪو ۽ جنهن انداز ۾ رخ ورتو آهي ملڪ جي سازگار ماحول لاء بهتر ناهي ڪنهن وقت به ملڪ اندر حڪومت مخالف پرتشدد مظاهرا ٿي سگهن ٿا جهڙي طرح آزاد ڪشمير ڳڀي ٽڪر لاء شروع ٿيا آهن۔سستي ماني ۽ مهگائي وارو اشو پاڪستان جي باقي صوبن ۾ پئدا ٿيل آهي۔هونئن به جهڙا آء ايم ايف جا منفي رويا آهن جون جولاء کان پاڪستان ۾ اڻٽر مهانگائي ايندي جنهن سان ماني وڌيڪ مهانگي ٿيندي عوامي جذبات مجروح ٿي سگهن ٿا۔هونئن به وفاقي سطح تي ڪڻڪ اسڪينڊل ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي۔
بهرحال آزاد ڪشمير انتهائي حساس علائقو آهي جتي پرتشدد احتجاج پاڪستان لاء به سٺو سنئوڻ ناهن جو پاڪستان دشمن قوتون ۽ ڀارت انجو فائدو وٺي سگهن ٿا جيڪي موقعي جي تاڙ ۾ آهن۔ملڪي ادارن ۽ سياسي ڌرين کي صبر تحمل کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ عوامي مسئلن کي قومي سمجهي حل ڪرڻ گهرجن۔اهڙن احتجاجن کي سياسي نه پر معاشي مسئلو سمجهڻ گهرجي ۽ انهي انداز سان حل ڪرڻ گهرجي۔اهي اطلاع ته صدر مملڪت آصف علي زرداري آزاد ڪشمير مان رينجرز کي واپس گهرايو آهي ۽ عوام تي ڪنهن به امڪاني تشدد کان منع ڪئي آهي جنهن سان پرتشدد احتجاج گهٽجي سگهي ٿو پر مک ڳالهه اها آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي آزاد ڪشمير سميت پوري ملڪ ۾ سستي ماني بجلي گئس تيل جي فراهمي ممڪن بنائڻ گهرجي ۽ آء ايم ايف جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت بند ڪرائڻ گهرجي۔وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف به اعلي سطحي اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن جي فيصلن کي به نظر ۾ رکڻ ۽عمل ڪرڻ جي ضرورٿ آهي

پهنجو تبصرو موڪليو