آرمي چيف مدو، عدالتي فيصلي تي نظرثاني درخواست جمع ڪرائبي؛ فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف چنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي اچڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ قانون سازي ڪرڻ بجاءِ عدالت ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي فواد چوڌري هڪ نجي چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو دوران ان طرف اشارو ڏنو. واضح رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسه چيو هو ته 20 ڊسمبر تي ان جي ريٽائرمينٽ کان اڳ ئي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو هو ته حڪومت، اپوزيشن، فوج ۽ عدليه پنهنجون حدون مقرر ڪن نه ته اختيارن جي جنگ جاري رهندي. فواد چوڌري چيو ته فوج چاهي ٿي ته احتساب عمل کي نه ڇيڙيو وڃي ۽ ان حوالي سان ڪجهه تجويزون ڪابينه ۾ غور هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا به چاهي ٿو ته ان تي چڙهائي نه ٿئي آزاد ڇڏيو وڃي ان سڄي صورتحال ۾ پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته عدليه پارليامينٽ جي ميمبرن جو احتساب ڪري ٿي پر عدالت پاڻ پارلياماني اڪائونٽس ڪميٽي ۾ احتساب ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو آرٽيڪل 243 کي ته بلڪل ئي ختم ڪري ڇڏي ٿي. وفاقي وزير چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت عدالتي فيصلي ۾ قانوني حدون ۽ ڪوتاهيون آهن جيستائين پارليامينٽ کي اعليٰ ۽ معتبر ادارو نه سمجهيو ويندو تيستائين پاڪستان اڳتي نڪري نه سگهندو. اپوزيشن اڳواڻن جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري کي جيل ۾ رکڻ سان حڪومت جي ڪا به خاص دلچسپي ناهي عوام جي خواهش آهي ته بدعنواني جو پيسو قومي خزاني ۾ ڪيئن واپس آڻجي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 28 نومبر تي آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ مشروع واڌ ڪندي حڪومت کي 6 مهينن ۾ ان حوالي سان قانون سازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ لاءِ وزير دفاع پرويز خٽڪ کي اپوزيشن جماعتن سان رابطا تيز ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو