”آءِ ايس پي آر“ 26 ريٽائرڊ فوجي مبصرن جي ٽي وي تي اچڻ جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي فوج جي تعلقات عامه جي شعبي“آءِ ايس پي آر” پاڪستاني ميڊيا لاءِ 26 ريٽائرڊ فوجين جي هڪ لسٽ جاري ڪئي آهي ته بطور فوجي مبصر طور صرف انهن کي گهرايو۽ انهن فوجين جي تبصري کي سندن ذاتي راءِ سمجهو. جن ريٽائرڊ فوجين جي لسٽ ڏني وئي آهي، تن کان ڄڻ ته گڏوگڏ لاتعلقي به ظاهر ڪندي ترجمان چيو آهي ته سندن راءِ کي پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي راءِ هرگز نه سمجهو وڃي. اڳ ۾ پيمرا، ميڊيا کي هدايت ڪئي هئي ته ازخود بطور فوجي مبصر نه گهرايو ۽ حڪومت پاران نامزد ڪيل مبصرن جو موقف نشر ڪيو. جنهن جو سبب ترجمان اهو ڄاڻايو آهي ته ڪافي آفيسر فوج جي جديد پاليسين، ٽيڪنالوجي، حڪمت عملين ۽ صورتحال کان شناسائي نٿا رکن ۽ سندن معلومات جا ذريعا ۽ ڄاڻ پراڻي آهي. تجويز ڪيل 26 نالن ۾، هڪ ريٽائرڊ ايڊمرل، 4 ايئرمارشل، هڪ ايئروائيس مارشل، 7 ليفٽيننٽ جنرل، 2 ميجر جنرلز، هڪ ايئر ڪموڊور۽ 10 برگيديئرشامل آهن. ليفٽيننٽ جنرل (ر) طلعت مسعود، اسد دراني، اعجاز اعواڻ، ميجر جنرل اطهر عباس ۽ راشد قريشي، برگيڊيئر محمود شاهه سميت ڪيترائي ريٽائرڊ فوجي آفيسر جيڪي ٽي وي چينلز تي ايندا هئا، انهن جو رستو روڪيو ويو آهي. هونئن ته پاڪستاني ميڊيا تي پابنديون آهن پر هي جديد دور جي نئين پابندي آهي. يعني نالا اسين ڏينداسين پر ذميواري فوج جي نه هوندي! اهو ائين آهي ته قانون پارليامينٽ پاس ڪندي پر تشريح عدالت ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو