تحرير محمد فاروق ٻرڙو
حڪومت دعوائون ڀلي ڪيتريون به ڪري ۽ ڪھڙيون به ڪري پر زميني حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ ئي آھن ۽ عوام ويچارو ٻن ويلن جي مانيءَ جي پورت ڪرڻ ۾ پريشان آهي، وزيراعظم دعوا ڪري رهيو آهي ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي ھاڻي انھيءَ جو فائدو عوام کي پھچايو ويندو ۽ اھا دعوا رڳو ڪجھ ڏينهن کان نه پر ڪيترن مھينن کان ڪئي پئي وڃي پر مھانگائي آهي جنهن تي حڪومت ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آھي، ڊالر ھڪ جاءِ تي بيھڻ جو نالو نه ٿو وٺي، سون آهي جيڪو وڃي ٿو چڙهندو جڏهن ته عام واهپي جي ڪنهن به شيءِ جو اگھ پنهنجي پراڻي قيمت تي موٽي نه سگھيو آهي، پر انھيءَ سڄي معاملي ۾ جيڪا پريشان ڪندڙ ڳالھ آھي اھا. اھا ته انھيءَ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي نه ڪو مڪينزم نظر اچي رهيو آهي نه ئي ڪا ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ ايئن ٿو لڳي ته سڀ ڪجھ مارڪيٽ جي آسري ڇڏي عوام کي انھيءَ جي منھن ۾ ڏنو ويو آهي جنهن مان ڪاروباري طبقا ۽ واپاري پنھنجي مرضيءَ جا اگهه وصول ڪري رهيا آهن،. ڪجھ وقت يعني مھينو اڳ اوچتو ئي اوچتو سڄي ملڪ ۾ کنڊ جو اھڙو بحران پيدا ٿيو جو 52 کان 55 رپين تائين في ڪلو ملندڙ کنڊ جو اگهه وڃي 110 روپين تائين پھچي وئي ۽ اھو کنڊ جو بحران ھڪڙي اسڪينڊل جي صورت ۾ سامهون آيو جنهن جي جاچ جو وزيراعظم اعلان ڪيو ۽ چيو ته جيڪو به ان ۾ ملوث ھوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوءِ جاچ به ٿي رپورٽ به اچي وئي پر ڪنھن جي خلاف ڪا ڪارروائي ڏسڻ ۾ به آئي انھيءَ کان پوءِ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ کنڊ ٻاھران گھرائي وئي ۽ ٿوري گھڻي اگھن ۾ گھٽتائي ٿي، گذريل سال جي آخري مھيني ڊسمبر ۾ ڪجھ ڏھاڙا 100 روپين کان مٿي پھتل انھي کنڊ جي اگھ ۾ ڪجھ گھٽتائي ٿي ۽ سڄي حڪومتي ٽيم اھي اعلان ڪرڻ ۾ پوري ھئي ته کنڊ ھاڻي سستي اگهه ۾ ماڻھن کي ملي سگھندي ۽ ڪجھ ڏينهن اھا 80 روپين تائين مارڪيٽ ۾ ملي رهي هئي، اڃان مبارڪون وصول ڪرڻ پوريون ئي ڪو نه ٿيون ھيون ته نئين سال 2021 جي شروعات ٿيندي ئي ڪجھ ڏينهن ۾ انھيءَ کنڊ جي اگهه کي ٻيهر پر لڳي ويا آهن ۽ اھا عام ماڻهو جي قوت خريد ڪرڻ کان مٿي چڙھڻ شروع ٿي وئي آهي، ھن وقت به چوٽ چڙهيل آهي توڙي جو حڪومت دعوا ڪئي ھئي ته ٻاھران کنڊ گھرائڻ جي ڪري ھاڻي ملڪ ۾ کنڊ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ قيمت ۾ واڌ ڪنھن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي وڏي ڳالهه اھا آھي ته مھينو ڏيڍ اڳ ئي ڪمند جي ڪريشنگ جي سيزن شروع ٿي آهي ۽ اھا اڃا تائين جاري آهي اھو ته اھڙو وقت آهي جڏهن سڄي ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود ۽ سستي ھجڻ گھرجي ۽ ٻاھران به گھرايل کنڊ جي ڪري اھا اڳ ئي وافر مقدار ۾ موجود آهي ته پوءِ انھيءَ جي اگھن ۾ واڌ جو ڪو سبب سمجھ کان ٻاهر آهي سواءِ انھيءَ جي ته اھا شگر مافيا حڪومت جي دعوائن باوجود انھي جي ڪنٽرول ۾ اچي رھي آھي، ھي اڃا شروعاتي ڏينهن آھن جڏھن ڪريشنگ شروع ٿي آهي ته انھيءَ وقت به اگهه ايئن وڌي رھيا آھن ته ڪجهه مھينن کان پوءِ انھيءَ کنڊ جي قيمت ڪٿي پھچندي انھيءَ جو اندازو لڳائي عام ماڻهو ھينئر ئي ڏڪي وڃي ٿو اسان سمجهون ٿا ته اھو ھڪڙو رڳو کنڊ جو اسم آهي جنهن جي قيمتن ۾ ڪجهه ڏينهن اندر ٻيھر واڌ ٿي وئي آھي جڏھن ته کائڻ پيئڻ سميت عام واهپي جي ڪنهن به اسم جا اگهه مستحڪم نه ٿي سگھيا آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته يا ته ملڪي معيشت ۾ گڙ ٻڙ آهي يا حڪومت انتظامي سطح تي انھن کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آھي ٻنهي صورتن ۾ ڀوڳي عوام ئي ٿو.حڪومت جو ڀلي پنهنجي سياسي مخالفن کي منهن ڏيڻ ڏانهن پورو ڌيان ھجي پر جيڪڏهن انھيءَ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ته پوءِ عوام کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو تنهنڪري حڪومت کي پنهنجي پوري طاقت انھيءَ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي رڳو دعوائن سان عوام مطمئن نه ٿيندو ان معاملي سان گڏوگڏ گئس جو مسئلو به حل ڪرائي عوام کي ڪجهه سڪون جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي،










