ھلندڙ جنگ ۾ پاڪستان کي ڪھڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ؟

ھلندڙ جنگ ۾ پاڪستان کي ڪھڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ؟

خيال کتري
اسرائيل آمريڪا جي جاڙن مفادن جي ڪري اسلامي دنيا اذيت جو شڪار رھي آھي. ٻئي ملڪ دنيا ۾ پنھنجي ھوڏ ۽ انا کي آٿت ڏيارڻ لاءِ وقت بوقت جنوني جنگي گهوڙي تي سور ٿيندا آھن. ۽ جيڪي بہ انھن جي آڏو ايندا آھن. تن کي چيڀاٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آھن. جنھن لاءِ ھو ڪنھن نہ ڪنھن بھاني کي سبب ڄاڻائي مسلمانن تي بربريت قائم ڪندا رھيا آھن. ھو اھو بلڪل بہ ڪونہ ڏسندا آھن. تہ ھي مسلمانن جي ڪھڙي حصي سان تعلق رکندا آھن. يا کڻي ائين چئجي تہ ڪھڙي فرقي سان لاڳاپيل آھن. بس ھو صرف اھو ڏسندا آھن تہ سھڻي سرورﷺ جو ڪلمو پڙھندڙ آھي. تنھن ڪري ان کي مارڻ روا آھي.  اھوئي سبب آھي تہ ڪيترائي اسلامي ملڪ ھنن بي گرن جي ھٿان چيڀاٽجي چڪا آھن. جن ۾ انھن جي مسلمان ملڪن جي غلام حاڪمن ھر ممڪن مدد پڻ ڪئي آھي. جھڙيءَ طرح ماضيءَ ۾ ايران عراق جنگ، عراق جي ڪويت تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ صدام حسين تي ڪاھ ڪرڻ لاءَ 22 سپر طاقتن جي اٽحاد جي ڪيل تباھي. افغانستان ۽ روس جي وچ ۾ ھلندڙ ھڪ ڊگهو خوني تڪرار وغيرہ. ان کان سواءِ اسرائيل جي فلسطين تي وحشيانہ حملا ڪرڻ کان وٺي اردن، شام، يمن، لبنان، عراق ۽ ايران تائين غيرانساني سلوڪ ۽ انھن تي بمباري ڪري مسلم نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي.  ھن وقت اھو تاثر بلڪل بہ غلط ھئڻ گهرجي تہ ڪو ھيءَ جنگ اسرائيل ۽ ايران جي سياسي يا سرحدي جنگ آھي. پر يقين رکڻ گهرجي تہ ھيءَ اسلام ۽ يھود و نصاريٰ جي جنگ آھي. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن سياسي جنگ ھجي ھا تہ آمريڪا ھڪدم ايران تي سڌو سنئون حملو ڪونہ ڪري ھا. پر انھن کي ڳالهين ذريعي جنگ بندي ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ھا. ۽ پاڻ ئي اقوم متحدہ ۽ عالمي سلامتي ڪائونسل جا اجلاس گهرائي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ھا. پر ھن ائين ڪونہ ڪيو.  آمريڪا کي پنھنجي انا قائم رکڻ لاءِ ۽ اسرائيل کي پنھنجي حڪومتي سرحدن کي توسيع ڏيڻ لاءِ مسلمانن جي رت جو درياھ واھڻو ھو. جنھن ۾ ھميشہ حمايت ۽ مدد مسلمانن کان ئي ورتي ويندي آھي. جھڙيءَ طرح عراق تي حملي دوران سعودي حڪومت آمريڪا ۽ سندس ساٿاري کي مڪمل مدد فراھم ڪئي. ھينئر بہ عرب اسلامي ملڪن جي گهڻائي خاموش تماشائي بڻيل آھي. ۽ ممڪن آھي تہ پس پردہ انھن جي مدد بہ ڪندي ھجي.  ڪجهـ مھينا اڳ مووديءَ جيڪو پاڻيءَ جو سنڌ طاس معاھدو پاڻ مرادو ٽوڙي پاڪستان جو پاڻي بند ڪيو، ۽ رات وچ ۾ ناڪام حملو ڪيو ھو، سا بہ مون کي لڳي ٿو تہ ھن ھلندڙ جنگ جوئي حصو ھو. ڇاڪاڻ تہ اسرائيل ۽ آمريڪا کي ٻن اسلامي ملڪن مان نہ رڳو خطرو آھي. پر ھو انھن کان گهڻي قدر خوف ۾ پڻ ورتل آھن. جن مان ھڪ ايران، جنھن تي ھو حملا پيا ڪن، ٻيو پاڪستان، جنھن تي ڀارت جي ھٿان حملو ڪرائي چڪا آھن.  پاڪستان جي طرفان ترت جوابي حملي ڀارت جا حوصلا پست ڪري ڇڏيا تہ اصل محرڪن کي بہ پاڪستان جي طاقت جي خبر پئجي ويئي. تڏھن ئي ھن وقت آمريڪا پاڪستان تي خاشو مھربان ڏسجي ٿو. ۽ پاڪستان کي امن جو نوبل انعام لاءِ نامزد پڻ ڪري رھيو آھي. پر ڪڏھن بہ پاڪستان کي وسارڻ نہ گهرجي تہ ھاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا ھڪڙا تہ کائڻ جا ٻيا جوندا آھن. تنھن ڪري ھاٿيءَ جي کائڻ وارن ڏندن کان پاڻ کي بچائڻ گهرجي.  ازلي دشمن ڪڏھن بہ دوست ڪونہ ٿيندو آھي. تنھن ڪري پاڪستان کي واحد اسلامي ايٽمي ملڪ ھئڻ جي حيثيت ۾ ھاڻ پنھنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي. ان لاءِ ھن وقت دنيا جي حالاتن موجب پنھنجي خارجہ پاليسيءَ کي سخت کان سخت مرتب ڪرڻ گهرجي. جنھن ۾ ھن کي ڪنھن بہ غير ملڪيءَ جي تسلط کان پاڻ کي آجو رکڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. ڇاڪاڻ تہ دشمن جو اصل ھدف پاڪستان ئي آھي. ڇاڪاڻ تہ پاڪستان وٽ ايٽمي قوت موجود آھي. جيڪا دشمن جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهو ويٺي آھي. جيڪا انھن کي جهوري رھي آھي. ھو ان ناڪيليءَ کان پاڻ کي آزاد ڪرائي، غلاميءَ جي ناڪيلي پاڪستان جي نڪ ۾ وجهڻ چاھين ٿا.  تازو آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ٽن ايٽمي ھدفن کي ٽارگيٽ ڪرڻ کان پوءِ چٽن لفظن ۾ چئي چڪو آھي، تہ ھاڻي ايران سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ڇو جو ان وٽ موجود ايٽمي مڳاد کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ھو ھاڻي ايٽمي سگهـ حاصل نٿو ڪري سگهي. ان جون دنيا کي مبارڪون پيو ڏئي.  ھن ڳالهـ مان پاڪستان کي وڏي ۾ وڏو سبق حاصل ڪري، ان جي روشنيءَ ۾ دنيا جي سڄڻ ۽ دشمن ملڪن لاءِ سخت پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آھي. ھرون ڀرون پاڻ کي نقصان رسائڻ وارين پاليسين يا جيڪي پاليسيون پنھنجي خودمختياريءَ کي سوڙھو ڪن. تن کان بچائڻ کي اھميت ڏئي. ۽ دنيا جي ڪنھن بہ اھڙي مطالبي يا خواھش تي ڪن ئي نہ ڌري جيڪا اڳتي ھلي ملڪي سالميت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو