گوگل جي پهرين فولڊ ايبل فون جي پهرين جھلڪ جاري

گوگل جي پهرين فولڊ ايبل فون جي پهرين جھلڪ جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گوگل پنهنجي پهرين فولڊ ايبل سمارٽ فون جي پهرين جھلڪ جاري ڪري ڇڏي آهي.ٽوئيٽر ۽ يوٽيوب تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو گوگل جي پهرين فولڊ ايبل پکسل فون جي ڊيزائن کي ڏيکاري ٿي.هي فون هڪ ٽيبليٽ جي شڪل وٺڻ لاءِ کولي ٿو.گوگل پکسل فولڊ کي سرڪاري طور تي 10 مئي تي ڪمپني جي سالياني ڊولپر ڪانفرنس دوران پيش ڪيو ويندو.ڪمپني فولڊ ايبل فون جي فيچرز بابت ته ناهي ٻڌايو پر ڪافي عرصي کان ليڪس سامهون اچي رهيا آهن.ليڪس موجب پکسل فولڊ جي ٻاهرين اسڪرين 5.8 انچ هوندي، جڏهن ته ٽيبليٽ فارم ۾ 7.6 انچ ڊسپلي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو