گهوٽڪي ۾ پوليس مقابلو، 5 ڌاڙيل مارجي ويا

گهوٽڪي ۾ پوليس مقابلو، 5 ڌاڙيل مارجي ويا

گهوٽڪي (ن س)گهوٽڪي ۾ قادرپور لنڪ روڊ تي پوليس مقابلي ۾ 5 ڌاڙيل مارجي ويا.پوليس موجب پوليس اسٽيشن اي سيڪشن گهوٽڪي گذريل رات گشت تي هئي ته قادرپور لنڪ روڊ تي هٿياربند ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جوابدارن وٽان هٿيار هٿ ڪرڻ بعد لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ڪچي واري علائقي ۾ به ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي.3 ڏينهن اڳ گمبڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پوسٽ تي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو