گهوٽڪي (رپورٽر) شڪارپور آپريشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي هدايت تي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آپريشن سبب ڪچي جا سمورا روڊ رستا سيل ڪري پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن، ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي گيمڙو ڪچي ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او بي سيڪشن گهوٽڪي علي گل ملاح جي اڳواڻي ۾ ٽن اي پي سي چين جي مدد سان ڪچي کي سيل ڪيو ويو، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جي سرحدي علائقن کي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي کي سيل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڌاڙيل گهوٽڪي جي ڪچي ۾ نه اچي سگهن.










