ڪکاون گهرن کي باهه،گهر سڙي رک،نينگري فوت

ڪکاون گهرن کي باهه،گهر سڙي رک،نينگري فوت

ٺاروشاھ (ن س)ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ عالم آباد ۾ پرسرار نموني پورهتن جي گهرن کي باھ لڳي وئي ست ڪکاهوان گهر سڙي ويا گهر ۾ ستل هڪ معصوم نينگري آفيا ڌي سومر رند سڙي فوت ٿي وئي گهرن ۾ پيل الھ تلھ سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويو فائربرگيڊ دير سان پهچڻ سبب ستئي گهر رک ۾ تبديل ٿي ويا, ٺاروشاھ مڃٺ ڀرسان ڳوٺ عالم آباد ۾ سردار محمد عثمان خان عالماڻي جي زمين تي ويٺل هارين جي ست گهرن کي پرسرار طور باھ وڪوڙي وئي علائقي واسين باھ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھ گهرن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو گهر ۾ ستل 6 سالا معصوم نينگري آفيا ڌي سومر رند کي باھ وڪوڙي ساڙي رک ڪري ڇڏيو جڏھن ته پورهتن سومر رند موسي’ رند سلطان رند شريف سولنگي ۽ ٻين بڌايو ته اسان غريب هاري آھيون خبر ناهي گهرن کي باھ ڪيئن لڳي آھي باھ سبب معصوم نينگري سڙي فوت ٿي وئي ۽ گهرن ۾ پيل پنج موٽر سائيڪلون گهر جو سامان ۽ ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي آھي هنن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور اسانجي مدد ڪري ٻيهر گهر تعمير ڪرائي ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو