فاروق احمد سرگاڻي
مون ڪڏھن ڪونہ سوچون ھو تہ ايترو جلدي ھن ڪوھستان پھاري سلسلي ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي علاقي جو طرف وڃڻ ٿيندو، پر دوستن جي مهرباني جنهن ڪال ڪري سڏي ورتو، مان رواتي سفر ڪونہ لکندس بس ڳالھه گهٽ لفظن ۾ بيان ڪندس، تاريخ يا ڪوھستان جي ماڻهن جو ڪلچر لکندس. نيٽ ڳالھ کٽائي وڃي، اسین سري تعلقي ٿاڻو بولا خان ۾ پوھتاسين. دوستن واري سريء واري ڀٺي تي چاڙھيون.
ضلعي ڄامشوري اندر تعلقہ ٿاڻو بولا خان جو علائقو 1800 چورس ميلن تي پکڙيل آھي، ھن تعلقي جي اتر ۾ سيوھڻ اوڀر ۾ تعلقو ڪوٽڙي ڏکڻ ۾ ٺٽو ۽ اولھه ۾ ڪراچي ۽ بلوچستان آھن. ھن تعلقي ۾ 28 ديھون آھن ھي علائقو پهرين محال ڪوھستان ڪراچي سان وابستا ھو پوء ضلعي دادو ۾ شامل ٿيو، ھاڻي 2004ع کان ڄامشوري ضلعي ۾ آھي. جيئن تہ ھي علائقو تمام گهڻي ايراضي تي پکيڙل آھي تنهن ڪري، انهن جي ديھن جا ڪي ڳوٺ بہ ھڪ ٻئي کان پري آھن. ٿاڻو بولا خان جا ڪجھه مشهور ڳوٺ يعني وڏا ڳوٺ جنهن ۾( 1)ٿاڻو بولا خان جيڪو تعلقي جو ھيڊ ڪوارٽر آھي(2) ٿاڻو احمد خان (3) سريء (4) مول (5) ڪرچات وغيرہ آھن.
ھن علائقي ۾ ھنڌو توڻي مسلم آبادي گهڻي آھي، پر جيئن تہ ھنڌو سٺا واپاري آھن تنهن ڪري، ھو ھن علائقي کي گهڻي تعداد ۾ ڇڏي ويا آھن پر ھن وقت تائين بہ رھن ٿا، ھتي خاص ڪري وڏن ڳوٺن کي ڇڏي ڪري باقي ھتان جي ماڻهن جو گذر سفر مينھن جي پاڻي تي ھوندو آھي، ٻيون ڪوئي ذريعو ناھي. جولاء کان آگست تائين برسات پوندي آھي، تڏھن ماڻهو ھر سڀاليندا آھن، اتي خاص ڪري بصر، ڪپھه، ڦٽيو، وغيره تي ھوندو آھي، ٻيون وري ماڻهو چوپايو مال داريندا آھن، خاص ڪري ڳئون، ٻڪريون( جنهن کي ھو پنهنجي ٻولي ۾ اھيون” چوندا آھن، جڏھن اسين مٽر وارو لڪ طرف وڌياسين تہ رستو ڪٺين مختلف گس وٺي “عمر ٻوڙي” جي مزار تي پهتاسين اتان وري گورناڊ جبل تي چڙھياسين چشمي جي تلاش ۾ جبل جي وچ ۾ 3 ڪلوميٽر پند ڪري قدرتي آبشار تي پهتاسين تہ اسان کي وڏي ٻڪرين جي ڌڻ سان گڏ چار ڇوڪرا مليا جيڪي معصوم، نهايت سلجهيل، ۽ مهمان نواز ھئا، اسين سفر ڪري بيحال ٿئي پياسين انهن ڇوڪرن وڏي مان سان چانھہ پياري پوء انهن پاڻي ڏيکاريون جيڪو شيشي جيئن چمڪي پيو ھي سفر جو دلچسپ واقعو آھي، يقينن ھن ٽوٽڪي بنا سفر اڌورو آھي.
جڏھن برسات نہ پوندي آھي باراني فصل نہ ٿيندو آھي، زمين خشڪ ٿي ويندي آھي پوء ھتان جو ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ڪنهن بئراج جي ڪناري تي ويھندو آھي ۽ اتي سندس کي مشڪلات ٿيندي آھي، ۽ جيڪڏھن غلطي مان جانور ڪنهن زميندار يا ھاري جي ڀيل ڪري تہ زندگي آذاب ڀڻجي وڃي.
البت ڪجھه ماڻهن بور لڳرايا آھن پاڻي جو پوراء ڪن ٿا پر انهن ماڻهن جي ڳالھه آھي جيڪي ٿيڪ ٿاڪ امير آھن پر اڪثر اتي غريب طبقو رھي ٿو ھاڻي ٿيل ھي گهرجي تہ سرڪار انهن سان سهڪار ڪري پر ھتي سرڪاري ماڻهو اڻلڀ آھن.
اتان جو سماجي اڳواڻن گل حسن ڪلمتي، رخمان گل پالاري، بشير ڪاٺ جيڪو قديم ڳوٺن جي تحفظ لاء جنگ وڙھين ٿا ۽ جيڪي ترقي جي نالي تي ٺھندڙ پروجيڪٽ آھن انهن جي خلاف ورزي ڪن ٿا، ھاڻي سائين گل حسن ڪلمتي نہ رھيون آھي، باڪي ٻيان سماجي اڳواڻ جنگ وڙھن پيان سموري سنڌ کي گهرجي تہ انهن جو ساٿ ڏئي.
ڪوھستان جي ھر ھڪ ٽڪري تي تاريخ لکي پئي آھي اتي تاريخي قبرستانن آھن جيڪي ختم ڪيا وڃن ٿا، ڪوھستان جا ماڻهو پنهنجن ڪکن ۾ خوش آھن پر اتي سگھہ رکندڙ ماڻهو قبضو ڪن ٿا ۽ اتان جي عام ڪوھستاني ماڻهو کي لڏايون وڃي ٿو.










