عاطف ملاح
بک، بيروزگاري، مهانگائي، بدحالي ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو مسئلو آهي. بنگلاديش پڻ اهڙن ملڪن مان هڪ آهي جتي وڏي عرصي کان هلندڙ معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام هاڻ گهڻو گهرو ٿي چڪو آهي. اڻ برابري ۽ بيروزگاري جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ بنگلاديشي نوجوان شاگردن طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ متڀيد تي ٻڌل ڪوٽا سسٽم خلاف تحريڪ هن وقت زور شور سان جاري آهي. بنگلاديش جي ڍاڪا يونيورسٽي ۽ چٽاگانگ سميت مختلف يونيورسٽين جي شاگردن طرفان نوڪرين لاءِ ڪوٽا سسٽم ۾ اڻ برابري خلاف اها تحريڪ هن وقت وڏو زور وٺي وئي آهي. عالمي ميڊيا سميت مختلف عالمي ادارن جو ڌيان بڻيل آهي. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ ان معاملي تي رد عمل ڏيندي پرامن ماحول ۾ سڀ ڪجهه ڪنٽرول ڪرڻ جو بيان جاري ڪيو آهي. هن وقت اها تحريڪ هڪ پرتشدد ماحول ۾ وڃي چڪي آهي. ڪوٽا سسٽم واري مامري تي بنگلاديش ۾ شاگردن طرفان هلندڙ احتجاجي تحريڪ جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو مارجي چڪا آهن. بنگلاديش اندر نوڪرين ۾ ڀرتي لاءِ رائج ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ حڪمران جماعت عوامي ليگ جي شاگرد ونگ وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب بنگلاديش جي گادي واري هنڌ ڍاڪا ۾ 2، چٽاڪانگ ۾ 3 جڏهن ته رنگپور ۾ هڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ڏکڻ ايشيا جو هي ملڪ جتي هڪ پاسي پنهنجي معاشي ترقي لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي اتي گذريل ڪجهه عرصي کان بنگلاديش جي صورتحال انتهائي خراب رهي آهي. بنگلاديش ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيم طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بنگلاديش ۾ گذريل ڇهن مهينن جي دوران اليڪشن ۾ بي ضابطگين سميت مختلف قسم جي ”سياسي عدم استحڪام“ واري فضا سبب هينئر تائين 1004 واقعن ۾ 91 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 4026 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽ ٿيل واقعا گهڻو ڪري حڪومتي جماعت عوامي ليگ ۽ اپوزيشن پارٽي وچ ۾ جهڙپن سبب پيش آيا آهن. جڏهن ته اهڙا ڪجهه واقعا بنگلاديشي پوليس ۽ اپوزيشن جي ڪجهه اڳواڻن وچ ۾ تڪرار سبب پڻ پيش آيا. ڍاڪا ٽربيون جي هڪ رپورٽ موجب جنوري 2013 کان سيپٽمبر 2017 تائين جي پنجن سالن ۾ عوامي ليگ ۽ ٻين جي جهڙپن سبب سراسري طور هي مهيني 15 جهيڙي جا واقعا رپورٽ ڪيا ويا جن ۾ هر مهيني اندازن 3 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن. بنگلاديش خاص ڪري گذريل 10 سالن کان شديد قسم جي گهرو ويڙه ۽ سياسي عدم استحڪام هيٺ رهيو آهي. هن وقت بنگلاديش جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن طرفان احتجاجي تحريڪ کي به ان جي ئي هڪ تسلسل ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ڪوٽا سسٽم ڇا آهي؟
بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم ڪجهه هن ريت آهي ته 1972 ۾ شيخ مجيب الرحمان 1971 واري تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ بنگالي آزادي تحريڪ جي ويڙهاڪن جي ٻارن لاءِ نوڪرين ۾ ڪجهه حصو رکيو هو. ان سسٽم تحت 44 فرسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي نوڪرين جو 44 سيڪڙو ميرٽ وسيلي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته باقي 66 سيڪڙو جي ورڇ ڪجهه هن ريت ڪئي وئي: 30 سيڪڙو آزادي پسند ويڙهاڪن جي ٻاررن لاءِ، 10 سيڪڙو عورتن لاءِ، 10 سيڪڙو ضلعا ڪوٽا پوئتي پيل ضلعن لاءِ، 5 سيڪڙو نسلي گروهن لاءِ، جڏهن ته معذور ماڻهن لاءِ 1 سيڪڙو ڪوٽا مختص ڪئي وئي. 2018 ۾ شاگردن جي پورو هفتو لڳاتار تحريڪ سبب شيخ حسينه واجد جي سرڪار ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ تازو ئي 5 جون 2024 تي ڍاڪا هاءِ ڪورٽ 2018ع ۾ سرڪار طرفان ڪوٽا سسٽم جي خاتمي کي غير قانوني قرار ڏيندي 1971 جي آزادي پسند ويڙهاڪن جي ٻارن لاءِ 30 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڏنو جنهن کانپوءِ شاگردن طرفان ان ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي وئي. شاگردن جي احتجاجن کانپوءِ بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ عارضي طور طور ڍاڪا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيس جون ٻڌڻيون هلندڙ آهن جنهن جو حتمي فيصلو ڏسجي ته ڪهڙي ڌر جي حمايت ۾ اچي ٿو.
ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ڪندڙ شاگرد ڇا ٿا چاهين؟
شاگردن جو مطالبو آهي ته آزادي پسندن جي ٻارن لاءِ مختص ڪيل اها 30 سيڪڙو ڪوٽا ختم ڪئي وڃي. جڏهن ته نسلي گروهن ۽ معذور ماڻهن جي ڪوٽا جا هو حمايتي آهن. الجزيره انگلش جي خبر موجب احتجاج ڪندڙن مان هڪ شاگرد فاروقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ” اسان ڪوٽا سسٽم جو مڪمل خاتمو نٿا چاهيون پر ان ۾ سڌارا چاهيون ٿا“
هي تحريڪ ڪيئن شروع ٿي؟
بنگلاديش جي حڪومت جماعت بي جي پي جو چوڻ آهي ته انهن احتجاج ڪندڙ شاگردن کي بي اين پي ۽ ٻين حڪومتي مخالف ڌرين جي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته انهن شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي هن تحريڪ کي ڪنهن به سياسي تنظيم جي پٺڀرائي حاصل ناهي پر هي اسان جي تحريڪ هڪ فيس بڪ گروپ وسيلي شاگردن کي منظم ڪري روڊن تي آندو ويو آهي.
بنگلاديش جي شيخ حسينه واجد انهن احتجاج ڪندڙ شاگردن کي 1971 جنگ ۾ پاڪستاني فوج جو ساٿ ڏيندڙ رضاڪارن سان تشبيهه ڏني آهي. احتجاج ڪندڙ شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شيخ حسينه واجد انهن رضاڪارن سان اسان کي تشبيهه ڏئي ناانصافي ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم جي اهڙي بيان بعد حڪومتي جماعت جي شاگرد ونگ کي احتجاج ڪندڙن مٿان پرتشدد حملا ڪرڻ جو جواز ملي ويو آهي. هن وقت تائين شاگردن طرفان احتجاجي مظاهرن ۽ ريلين جو سلسلو هلندڙ آهي. ڏسجي ته شيخ حسينه واجد سرڪار شاگردن جا مطالبا مڃيندي اڻ برابري تي مشتمل ڪوٽا سسٽم جو خاتمو آڻي ٿي يا هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪو ٻيو هٿڪنڊو استعمال ڪيو ويندو؟
هي آرٽيڪل روزاني پنهنجي اخبارجي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو










