عبدالمجيدبروھي
پاڪستان جي صوبي ڪي پي ڪي ۾ ھن وقت اتان جو وڏو وزير۽ اتان جا سمورا وزيرمشير ڪي پي ڪي جي سرڪاري مشينري ھن وقت اسلام آباد فتح ڪرڻ لاء اسلام آباد تي چڙھاڻي ڪرڻ لاء وڃي رھيا آھن محسن نقوي ۽ وفاقي حڪومت انھن چڙھائي ڪندڙن جن سان به ۾ اتان جو وڏو وزير ۽ ڪي پي ڪي جي سموري سرڪاري مشينري گڏ آھي محسن نقوي ۽ وفاق وارا انھن کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جا پلان جوڙڻ مصروف آھن انھن مٿين ڌرين تي صرف افسوس ڪرڻ ڪافي نـ آھي انھن کي آئينو ڏيکارڻ پڻ ضروري آھي انھن کي ياد ڏيارڻ چاھيان ٿو تـ ڪي پي ڪي ۾ امين امان قائم ڪرڻ ڪي پي ڪي جي عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ پڻ انھن مٿان فرض آھي ھن وقت ڪي پي ڪي جي ڪرم ضلعي ۾ حالتون انتھائي ڪشيدا آھن ڪجھ ڏينھن اڳ پارا چنار مان ھڪ گاڏين جو قافلو پشاور لاء نڪتو ھيو جن مٿان ان ئي علائقي جي ويجھو جديد ھٿيارن سان حملو ڪيو ويو چئني پاسن کان گولين جو مينھن وسايو ويو گوليون ھلائيندڙ اللـ اڪبر جا نعرا ھڻي معصوم ٻارن عورتن کي اللـ اڪبر جا نعرا ھڻي قتل ڪندا رھيا ان افسوسناڪ واقعي ۾ ھن وقت تائين 49 ماڻھون شھيدٿي چڪا آھن ڪيترائي زخمي اڃا زندگي جي لاء جنگ وڙھي رھيا آھن ھن وقت ڪي پي ڪي ۾ نفرت جي باھ پکڙيل آھي ان کان اڳ جڏنھن پارا چنار ۾ محرم جي جلوس تي حملو ڪيو ويو ھيو ان وقت پڻ ڪيترائي ماڻھون مارجي ويا ھيا ان وقت اھو چيو ويو تـ ھي ڪو مذھبي جھيڙو نـ پر علاقائي جھيڙو آھي ان جي ڪري سڀ خاموش ٿي ويا اڄ وري اھو سانحو پيش آيو آھي تـ شھيد ٿيندڙن جا وارث چون ٿا اسان اھلتشيع وارا آھيون انجي ڪري امام حسين سان محبت جي ڪري اھلسنت وارا اسان يزيدين بڻجي شھيد ڪري رھيا آھن ٻئي طرف جا ماڻھون پاڻ کي حضرت عمر جو لشڪر سڏائي رھيا آھن ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿي تـ اسان پارا چنار جا واقعا ڪي پي ڪي حڪومت پي ٽي آء وارن جي اچڻ بعد اھڙا واقعا ٻڌي رھيا آھيون ان مان صاف ظاھر آھي تـ پي ٽي آء وارن پنھنجي نفرت جي سياست کي مذھب طرف پڻ وٺي ويا آھن اڳ ۾ پنجابي ۽ پٺاڻ کي پاڻ ويڙھائڻ جي سازش بعد پٺاڻ کي پٺاڻ خلاف ڪيو ويو آھي ھن سڄي صورتحال تي وفاقي حڪومت پڻ خاموش آھي گمڊاپور صاحب ھن وقت ھزارين ماڻھن جٿو وٺي اسلام آباد تي قبضي لاء وڃي رھيو آھي پر کيس ايترو ھوش نـ آھي تـ جنھن صوبي جو ھو وڏو وزيرآھي ان صوبي جا ماڻھون ھڪ ٻئي کي ڳولي ڳولي ماري رھيا آھن ايتري قدر جو ھڪ ڌر جا ماڻھون عورتن ۽ معصوم ٻارن کي بـ بخش نٿا ڪن عوام سخت علائقي واسي سخت خوف حراس ۾ ڇانيل آھن ڪا گاڏي ان طرف نٿي وڃي ان صورتحال کي سنڀالڻ ھن وقت ڪي پي ڪي حڪومت جي مٿان فرض آھي ھن وقت ريلي ۽ اسلام آباد طرف وڃڻ بدران جيڪڏنھن گنڊاپور صاحب پارا چنار وڃي ھا ڪرم ضلع جي ٻنھي ڌرين سان ملي ھا جيڪي پاڻي کي اھلسنت ۽ الھتشيع وارا سڏائي رھيا آھن قتل ٿيل جي وارثن سان ملي آھي انھن جون ڳالھيون ٻڌي انھن جا مسئلا حل ڪري ھا انھن جي مرضي موجب ايف آء آر ڪٽي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بعد اھلسنت وارن سان ملي ڪري امن امان قائم ڪرائي جنگ بند ڪري ڌرين کي ڳالھين جي ميز تي آڻي ان خوني دشمني واري نفرت کي ڪجھ ٻنجو ڏياري آھي ۽ وقافي وزير محسن نقوي کي پڻ ھن وقت گنڊاپور سان جھيڙي بجاء ان کي ساڻ ڪري ھليو وڃي ھا پارا چنار ماورجي ويلن جي قاتلن کين عبرتناڪ سزا ڏياري ھا پر ھنن ٻنھي کي تـ صرف ريلين ۾ـ وڃي اسٽيج تي چڙھي عورتن کي گاريون ڏيڻ ۽ گارگند ڪري واھ واھ وٺڻ اوھان جو ڪم نـ آھي بيشڪ اوھان پي ٽي آء جا اڳواڻ آھيو پارٽي سان بيھڻ اوھان مٿان فرض آھي اوھان انھن جي سپورٽ ڪريو پر جڏنھن اوھان جي دور حڪومت ۾ اوھان جي صوبي جا ماڻھون سرعام ھڪ ٻئي کي مارڻ شروع ڪن ھڪ ٻئي جا معصوم ٻار عورتون ماري رھيا آھن ان وقت اوھان کي پٽڪو پائي مڇن کي مھٽ ڏئي کلي ٽھڪ ڏئي جشن ڪرڻ ۽ ريلي ۾ شامل ٿيڻ کان بھتر ھيو تـ اوھان انھن مظلومن وٽ وڃي پھچو جن جا معصوم ٻار ۽ عورتون مارجي ويون آھن اوھان ان علائقي ۾ ھليا وڃو ھا امن امان قائم ڪرايو ھا ڌرين کي صلح لاء راضي ڪريو ھا ان علائقي جا روڊ رستا کولرايو ھا پر نـ اوھان کي تـ پنھنجو پاڻ چمڪائڻو آھي پنھنجي ليڊر کي خوش ڪرڻو آھي ماڻھون مرن ٿا ڀلي مرن اوھان جو ان سان ڇا وڃي ياد رکو جيڪڏنھن پارا چنار ڪرم مان نڪرندڙ ان نفرت واري باھ جي شعلي کي اتي ئي نـ وسايو ويو تـ پوء پوء باھ جي اھا ننڍي چڻنگ وڌي ويندي ۽ ان جا اثر پوري ڪي پي ڪي کانپوء گللگٿ تائين بـ وڌي سگھن ٿا ھن وقت اھو نفرت وارو ماحول ڪرم ايجنسي ۾ آھي جتان جا ماڻھون ان کي شيعا سني جو جھيڙو چئي رھيا آھن پر ملڪ جو عوام اڃا ان کي صرف ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ جھيڙو سمجھي افسوس ڪري چپ ڪري ويو آھي پر سوشل ميڊيا تي انجو اثر مذھبي فساد وارو ڏيکاريو پيو وڃي ان کي روڪڻ لاء سڀني کي اڳتي اچڻ گھرجي ان سلسلي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران بيان جاري ڪري چيو ويو آھي تـ پارا چنار ڪرم ۾ ٿيل فسادن تي خاموش نـ ويھڻ گھرجي ان نفرت کي ختم ڪرڻ لاء ڪي پي ڪي حڪومت ڪجھ نـ پئي ڪري اسان کان جيترو ٿي سگھيو اسان ڪنداسين بلاول ڀٽو وانگر سڀني سياسي ۽ مذھبي ڌرين کي اڳتي اچڻ گھرجي ۽ معاملي سٺي نموني بنا ڪنھن خونريزي جي حل ڪرڻ گھرجي باقي گنڊاپوري مان وڌيڪ اميد نـ لڳائڻ گھرجي ڇو تـ انھن جي سياست ۾ ئي نفرت ۽ گارگند ئي سمايل آھي










