ڪربلا جي واقعي ۾ ڪوفين جو ڪردار

ڪربلا جي واقعي ۾ ڪوفين جو ڪردار

اعجاز ممنائي
ڪربلا جو واقعو صدين گذرڻ کانپوء هر سال نئون۽ تازو محسوس ٿئي ٿو ۽ هر ڀيري محرم الحرام جو چنڊ ڏسجندي ئي ساڳيا سوال کڻي اچن ٿا ته ڪربلا ۾ ڪنهنجو ڪهڙو ڪردار هو۔خاص طور تي ڪوفي متعلق ڪيترائي سوال سامهون اچن ٿا ته جڏهن ڪوفي ۾ امام علي عليه السلام اسلام جي گاديء جو هنڌ (دارالحڪومت) بڻايو ۽ ڪوفي جي اڪثريت شيعه مسلڪ سان وابسته هئي پوء هي واقعو ڪيئن پيش آيو۔ جڏهن تاريخ جي ورق کولجن ٿا ته اها حقيقت روشن سج جيان چٽي نظر اچي ٿي ته امام حسين عليه السلام جن جڏھن مڪي ۾ ھئا ته کين عراق جي شھر ڪوفي مان ھزارين خط مليا جن ۾ چيو ويو ھو ته يزيد جي حڪومت غير اسلامي اصولن جي مطابق آھي ۽ ان کي عين اسلامي عقيدي ۽ اصولن جي مطابق لاڳو ڪيو وڃي.ان وقت ڪوفي جو گورنر نعمان بن بشير ھو. ڪوفين جي بيحد اصرار کانپوءِ پاڻ پنھنجي سوٽ مسلم بن عقيل کي پنھنجو نائب ڪري ڪوفي موڪليو. حضرت مسلم بن عقيل عه پنھنجي ٻن شھزادن سان گڏ ڪوفي روانا ٿيا اتي پهچڻ شرط ڪوفين خوشيء جو اظهار ڪيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪئي. اهي حالات ڏسي مسلم بن عقيل عه مولا حسين عه طرف نياپو موڪليو ته مولا تمام وڏي تعداد ۾ ماڻھو اوھانجي بعيت ڪرڻ جي لاءِ تيار آھن. ان وقت حج جو موقعو ھو ماڻھن مولا کي اطلاع ڏنو ته يزيد حج جي دوران اوھانکي قتل ڪرڻ جو وڏو منصوبو تيار ڪيو آھي. قاتلن کي حاجين جي روپ ۾ اوھانجي قتل جي لاءِ روانو ڪيو ويو آھي. امام حسينؑ جن ڪعبت الله ۾ رتوڇاڻ نٿي چاھي ۽ عبدالله ابن عباس، امام حسين عه کي مڪي اچڻ تي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوهان ڪوفي نه وڃو ۽ اوھان پنهنجي جان کي خطري ۾ نه وجهو يا نه ته ايترو صبر ڪريو ته حج ۾ باقي ٻه ڏينھن آھن ـ حج گذري وڃي ۽ حج تي ايندڙ ڪوفي جي ماڻهن کان صحيح صورتحال جانچي پوء فيصلو ڪيو وڃي! ليڪن مولا امام حسين عه فرمايو ته مونتي (امر بالمعروف و نهي عن المنڪر) جو حڪم لاڳو ٿي چڪو آهي مان هر صورت ڪوفي جي ماڻهن جي مدد لاء ويندس پوء ڇو نه مان اڪيلو رهجي وڃان۔ امام حسين عه وڌيڪ فرمايو ته مان مديني ۾ آرام سان پنهنجي عبادتن ۾ مصروف هيس، ليڪن هن وقت منهنجي لاء افضل عبادت ڪوفي جو جهاد آهي.بلآخر پاڻ حالتن جي جائزي وٺڻ جي لاءِ 8 ذوالحج تي پنھنجي حج کي عمري ۾ بدلايو ۽ 72 احبابن سان گڏجي ڪوفي وڃڻ جي تياري ڪيائون ۽ سفر دوران امام حسين عه جو قافلو وڌندو رھيو۔ ھوڏانھن ڪوفي جي ماڻھن جي جناب مسلم بن عقيل عه جي بيعت ڪرڻ جي وڌندڙ تعداد جي خبر جڏھن يزيد بن معاويه کي پئي ته ان اتان جي حاڪم نعمان بن بشير جي جگھه تي عبيدﷲ ابن زياد کي ڪوفي جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ ان کي مسلم بن عقيل عه جو سر قلم ڪري پاڻ ڏانھن موڪلڻ لاءِ چيو. عبيدﷲ ابن زياد ڪوفي جي ماڻھن کي گمراھي طرف آندو ۽ ڪوڙا دليل پيش ڪري امام حسين عه کي دين جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ ماڻھن کي چيائين جيڪو به مسلم بن عقيل کي ڳولھڻ ۾ مدد ڪندو ان کي بدلي ۾ انعام ڏنو ويندو  اگر ڪنھن به مسلم بن عقيل جو ساٿ ڏنو ته انجو انجام ھڪ اذيتناڪ موت ھوندو.۔ مسلم بن عقيل عه جنھن جي گھر ۾ ترسيل ھئا اتان جي ھڪ شخص انعام جي لالچ ۽ موت جي خوف جي ڪري مخبري ڪري اھو غليظ قدم کنيو.مسلم بن عقيل عه پاڻ کي عبيدﷲ ابن زياد، جي حوالي نه ڪيو ۽ تلوار بلند ڪري اڪيلي سر وڙھڻ لاءِ تيار ٿيا. ليڪن ابن زياد جي سپه سالار مسلم بن عقيل عه کي زندگي جي امان جي بدلي ۾ پاڻ کي ابن زياد جي اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ آمادہ ڪيو، جنھن تي ھو راضي ٿي ويا پر ابن زياد ملعون جي دوکي تحت مسلم بن عقيل کي اونچائي تان ھيٺ ڪيرائي شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ائين ھڪ مرد مجاھد ناحق شھيد ڪري ڪوفي جي ماڻھن ۾  خوف ڦھلايو جنھن جي ڪري ڪوفا جي رھواسين جي ڪافي تعداد يزيد جي بيعت ڪئي.مطلب ته ڪربلا جي واقعي کان اڳ ڪوفين جو ڪردار نهايت شرمناڪ هو۔ حضرت امام علي عه جي دارالخلافه ڪوفه کي بڻائڻ کان وٺي انهن سازشين کي کلي کيڏڻ جو موقعو مليو۔ بظاهر انهن حب علي جو لباس اوڙهيو۔ پر اندر ۾ ابليس واري اڻتڻ سندن ضمير کي ماري ڇڏيو هو۔ انهن ڪوفين 12 هزار کان 18 هزار خط لکڻ باوجود امام حسين عه کي دعوت ڏئي ڪوفي گھرايو ۽ وري يزيد جا حامي ٿي بيٺا۔ايتري تائين جو امام حسين عه شهادت کانپوء قيدي بڻيل اهلبيت مٿان ظلم ڪندا رهيا مٿن پٿر وسائيندا رهيا۔ انهن دغابازن بازارون ۽ چونڪ ۽ دربارون سجائي سادات جون چادرون کسي ننگي سر ڏسي تماشو ڪندا رهيا۔ ڪوفين مان جن عورتن اهلبيت عه جو ساٿ ڏنو انهن ۾:
1- ماريه بنت سعد يا بنت منقذ عبديه۔ انجو گھر بصره ۾ اجتماع جو مقام هو۔
2- طوعه ڪنيز اشعث بن قيس۔ جڏهن مسلم بن عقيل ڪوفه جي گلين ۾ تنها ٿي ويو ته ان مسلم کي پنهنجي گھر ۾ پناهه ڏني۔
3- ديلم زال زبير بن قين۔ ان پنهنجي مڙس کي امام حسين عه جي فوج ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏني۔
4- هڪ ڪوفي عورت جنهن اسير اهلبيت کي چادرون ڏنيون۔
عاشوره جي ڏينهن شهادت امام حسين عه کان پوء حسيني ڪاروان مان زنده بچيل جن ۾ گهڻي قدر عورتون ۽ ٻار هئا۔انهن ۾ مولا علي عه جون نياڻيون جن ۾ 1- بيبي زينب بنت علي عه 2- فاطمه بنت علي عه 3- ام ڪلثوم بنت علي عه 4- ام حسن بنت علي عه، 5- فاطمه بنت حسين عه 6- سڪينه بنت حسين عه 7- فاطمه صغريٰ بنت حسين عه 8- ام محمد بنت حسن بن علي عه 9- ام عبداللّٰه فاطمه بنت حسن بن علي امام باقر جي والده ۽ امام سجاد جي زال 10- بيبي رباب بنت امرؤالقيس زال امام حسين۔ سڪينه بنت حسين عه ۽ عبداللّٰه علي اصغر جي والده شامل هيون۔ جڏهن ته مردن ۾ 1- امام زين العابدين عه 2- امام محمد باقر عه۔ 3- حسن مثنيٰ۔ 4- عمر بن حسين بن علي 5- محمد بن حسين بن علي 6- زيد بن حسن بن علي 7- عمرو بن حسن 8- محمد بن عمرو بن حسن 9- عبداللّٰه بن عباس بن علي 10- قاسم بن عبداللّٰه بن جعفر 11- قاسم بن محمد بن جعفر12- محمد بن عقيل اصغر 13- عقبه بن سمعان غلام بي بي رباب بن امرؤ القيس 14- عبدالرحمٰن بن عبد رب انصاري جو غلام 15- مسلم بن رباح غلام علي بن طالب 16- علي بن عثمان مغربي 17- ضحاڪ بن عبداللّٰه مشرقي کي قيد ڪري ابن سعد جي حڪم تي 11 محرم جي رات ڪربلا ۾ رهايو ويو ۽ ٻئي ڏينهن ٻيپهري بعد ڪوفه ۾ ابن زياد لعين جي اڳيان پيش ڪيو ويو۔ شيخ مفيد رحه  مطابق اسراء 12 محرم تي ڪوفه ۾ داخل ٿيا۔ ابن سعد جي سپاهين اسيرن کي ڪوفه جي بازار مان گذاري قصر ابن زياد آندو ته بيبي زينب سه عورتن ۽ ڪنيزن جي وچ ۾ دربار آئي ۽ هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي رهي۔ ان وقت ابن زياد پڇيو ته اها عورت جيڪا ڪنڊ ۾ عورتن جي درميان ويٺي آهي اها ڪير آهي؟ تنهن تي سندس ڪنيز جواب ڏنو ته اها پيغمبراڪرم صه جي نياڻي ۽ بيبي فاطمه الزهريٰ سه جي ڌيء آهي۔ابن زياد ساڻس مخاطب ٿيندي چيو۔ ڏٺئي اللّٰه تنهنجي خاندان سان ڇا ڪيو؟ بيبي زينب سه فرمايو۔ چڱائي کان سواء ڪجھ ناهي ڏٺو! اللّٰه انهن ماڻهن جي مقدر ۾ قتل ٿيڻ لکيو هو۔ انهن اطاعت ڪئي۔ ۽ پنهنجي ابدي منزل طرف هليا ويا۔ تمام جلد اللّٰه تعاليٰ توکي انهن جي اڳيان آڻيندو۔ اهي تنهنجي شڪايت اللّٰه سان ڪندا۔ پوء ڏسجان ان ڏينهن ڪير ٿو ڪامياب ٿئي۔ اي ابن مرجانه توتي تنهنجي ماء روئي!

پهنجو تبصرو موڪليو