ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): موسميات کاتي پاران سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم، مرطوب ۽ مطلع جزوي طور تي جهڙالو (ابرآلود) رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ هلڪي ٻوند واري (بوندا باندي) جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. چيف ميٽرولوجسٽ موجب، شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته هينئر سمندري هوائون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، جن ۾ نمي جو مقدار 78 سيڪڙو جي وڏي سطح تي پهچي ويو آهي جنهن ڪري ٻُوسٽ واري صورتحال برقرار رهندي. رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو هو.










