ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ڪيترائي ڏينهن لنڊن ۾ رهڻ بعد ممبئي واپس پهچي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب 40 ورهين جي ڪترينا ڪيف گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي مڙس وڪي ڪوشل سان گڏ لنڊن ۾ هئي.اداڪاره کي ڇنڇر جي رات ممبئي ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو.ان دوران هن عام لباس پهريل هو.ڀارتي ميڊيا موجب وڪي ڪوشل به 16 مئي تي لنڊن ۾ پنهنجي 36هين سالگرهه ملهائي.ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي لنڊن ۾ ايتري عرصي تائين رهڻ جو في الحال ڪو خاص سبب ناهي ٻڌايو ويو.










