کاڌ خوراڪ جي برآمدات ۾ 46 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ اضافو

کاڌ خوراڪ جي برآمدات ۾ 46 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)هڪ سال دوران ملڪي اناج جي برآمد ۾ 46.77 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.اداري جي شماريات موجب مالي سال 2023-24 ۾ کاڌ خوراڪ جي برآمدات 7 ارب 37 ڪروڙ ڊالر هئي، سال 2022-23 ۾ خوراڪ جي برآمدات جو حجم 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو.انگن اکرن موجب جون ۾ کاڌ خوراڪ جي برآمدات ۾ ساليانو 41.51 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جون ۾ کاڌ خوراڪ جي برآمدات جو حجم 543.9 ملين ڊالر رهيو، گذريل سال جون ۾ کاڌ خوراڪ جي برآمدات 359.2 ملين ڊالر هئي.شماريات واري اداري جي انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ سال دوران چانورن جي برآمد ۾ سرفهرست چانور رهيو، هڪ سال دوران چانورن جي برآمد ۾ 82.94 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 6 لک 18 هزار ميٽرڪ ٽن چانور برآمد ڪيا ويا، مالي سال 24-2023ع ۾ چانورن جي برآمد جو حجم 3 ارب 93 ڪروڙ ڊالر رهيو.شماريات اداري موجب جون ۾ چانورن جي برآمد ۾ 106.19 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 425 هزار ميٽرڪ ٽن چانور ٻاهرين ملڪ برآمد ڪيا ويا، جون ۾ چانورن جي برآمد جو حجم 303.7 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل سال جون ۾ چانورن جي برآمد جو حجم 14.73 ملين ڊالر هو.هڪ سال دوران 9 لک 35 هزار ٽن ميون برآمد ڪيو ويو، مالي سال 2023-24 ۾ ميون جي برآمد ۾ 21.31 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته 24-2023ع ۾ 12 لک 61 هزار ميٽرڪ ٽن ڀاڄيون به برآمد ڪيون ويون. ڀاڄين جي برآمدات ۾ 43.20 سيڪڙو اضافو ٿيو.شماريات بيورو موجب هڪ سال دوران 33 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ کنڊ برآمد ڪئي وئي، پاڪستان هڪ سال دوران 248 هزار ٽن خشڪ ميوو برآمد ڪيو، مالي سال 2023ع ۾ خشڪ ميون جي برآمد ۾ 117.18 سيڪڙو اضافو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو