ڊار سان چيني سفارتڪار جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

ڊار سان چيني سفارتڪار جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چين جي گورنر پينگ چن شو کي آءِ ايم ايف سان ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير پينگ چن شو سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ڪاميابيءَ سان اسٽاف سطح تي معاهدو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چين جي گورنر کي معيشت ۾ استحڪام بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.ان موقعي تي چين جي گورنر معاشي استحڪام جي بحالي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. چيني معاملن واري وزير يقين ڏياريو ته چيني حڪومت پاڪستان جي مدد جاري رکندي. ملاقات ۾ اقتصادي، تجارتي ۽ مالياتي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو