ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي آهي.بالي ووڊ جي مشهور پلے بيڪ ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور جيڪا پنهنجي گيت ”بي ڊول“ سان مشهور آهي، گذريل ڏينهن لنڊن ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. ڪنيڪا ڪپور جي روايتي شادي جون تصويرون انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويون آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان خاص موقعي تي هلڪي گلابي رنگ جو خوبصورت شادي جي لباس جو انتخاب ڪيو ۽ ڳري زيور به پهريل هئا، جنهن سبب هو وڌيڪ پرڪشش نظر اچن ٿيون.










