پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.پيٽروليم ڊويزن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 409.78 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ به 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 409.58 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، پيٽرول تي ليوي 9.24 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول تي ليوي 108.17 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ پيٽرول تي ليوي 117.41 رپيا في ليٽر هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل تي ليوي 9.40 رپيا في ليٽر وڌائي وئي آهي. جنهن کان پوءِ ڊيزل تي ليوي 52 رپيا في ليٽر لڳائي وئي آهي.اڳ ۾، ڊيزل تي 42.60 رپيا ليوي لاڳو ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو