پي ڊي  ايم توانائي شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو: حماد اظهر

پي ڊي ايم توانائي شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو: حماد اظهر

لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جو چوڻ آهي ته پي ٽي ايم توانائي شعبي کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ حماد اظهر چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ لوڊشيڊنگ جو ڪو به نشان نه هو.هن چيو ته امپورٽ فيول تي هلندڙ مسلم ليگ ن جا مهانگا پلانٽ اڌ گنجائش تي هلي رهيا آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت وٽ هنن پلانٽس لاءِ تيل خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن، ريوولنگ ڪريڊٽ جي شرح ۾ به ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو